ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مائنس عمران خان: تبديليءَ جو پلان اَي ۽ بي

Editorial-Article- Allahbux Rathore

عمران خان اها ڳالهه محسوس ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن هن جي خلاف ملڪ جي عدالتن ڪو فيصلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ميدان کان ٻاهر ٿي ويو ته حالتون اقتدار ۾ شامل سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي هٿن مان نڪري وينديون. هن اهڙي نوعيت جي ويڊيو به پنهنجي جلسي ۾ ڏيکاري، جنهن ذريعي هو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته رڳو هن کي مائنس ڪرڻ وارن افواهن تي ڪيترا سندس حمايتي رستن تي نڪري آيا آهن. جيڪڏهن حقيقت ۾ ائين ٿيو ته ان جي ذميوار اسٽيبلشمنٽ يا مسٽر ايڪس اينڊ واءِ هوندا. عمران خان وري ان تي يو ٽرن ورتو ۽ چيو ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف اطهر من الله کي سڃاڻي ٿو، هن انتهائي اهم فيصلا ڪيا آهن. هو جيڪو به فيصلو ڪندو، اهو کيس منظور هوندو. ممڪن آهي ته هن اهو سمجهيو هجي ته توهين عدالت ۾ هن کي ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڏنو ويندو.
سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته عمران خان پاڻ کي فني بنيادن تي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪرڻ گهري ٿو. ان ڪري هو ڪڏهن عدالتن سان الجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ڪڏهن وري چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ڪريل لفظ استعمال ڪري ٿو. هو کليل ميدان ۾ طاقتور ڌرين کي للڪاري رهيو آهي ته “آ بيل مجهي مار”! هن جون اهي حرڪتون رهيون ته يقين سان طاقتور ڌرين کي هن خلاف وار ڪرڻ ۾ آساني ٿي ويندي. جيستائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن آهن ته انهن کي به هو پاڻ مجبور ڪري ٿو ته اچو ۽ منهنجي خلاف ڪارروائي ڪريو. هينئر تائين عمران خان جي خلاف جيترا به ڪيس هلندڙ آهن، انهن کي سنگين نوعيت جو سمجهيو وڃي پيو. ائين ناهي ته هيءَ ڪي معمولي نوعيت جا ڪيس آهن. هن جي خلاف جيڪي دهشتگردي وارا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، انهن قلمن ۾ اهو واضح طور ڄاڻايل آهي ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪيون به ڏئي ٿو، اهو دهشتگرديءَ جي دائري ۾ اچي ٿو. سياسي معاملن ۾ اهڙن قلمن کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪيترو احتياط ڪرڻ گهرجي، ان تي سوچڻ ضروري آهي.
ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته عمران خان جي ٽائر مان هوا ڪڍڻ لاءِ ڪيتريون ئي پاور ڪاريڊورز ڪم ڪري رهيون آهن. هن لاءِ اهو تاثر ڏيڻ ته جيڪڏهن هن نئين آرمي چيف جي مقرري کي قبول نه ڪيو، ته مقرري تڪراري ٿي ويندي. ان سان عمران خان وٽ ڪهڙا آپشن هوندا ته هو اهم مقرريءَ کي رد ڪرائي سگهي؟ ڇاڪاڻ ته هيءَ مقرري ڪرڻ وزيراعظم جو آئيني اختيار آهي. ان ڳالهه ۾ وزن نظر اچي ٿو ته شايد موجوده آرمي چيف ميدان ۾ نه رهي ۽ هو گهڻن تڪرارن کان بچڻ لاءِ پاسيرو ٿي وڃي، پر ان جي باوجود فيصلو ته اهم اداري کي ڪرڻو آهي. هن ملڪ جي تاريخ ۾ اهو ورلي ٿيو هوندو ته اهم اداري جي سربراهه جي مقرري کانپوءِ فيصلو واپس ورتو ويو هجي. اهو ضرور ٿيو آهي ته بنگلاديشن جي آزاديءَ کانپوءِ ملڪ اندر فوجي قيادت گهڻي ڪمزور هئي. انهن ڏينهن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف بدران سي او سي جو عهدو هوندو هو. ان وقت سي او سي جنرل گل حسن هو. جنهن کان ذوالفقار علي ڀٽو، سفيد ڪاغذ تي استعيفيٰ ورتي هئي. پر هيءَ اهو زمانو ناهي، ٻيو هيءَ ته عمران خان ڪو وزير اعظم ناهي، نه ئي هو طاقتور آهي، جو اهڙو ڪو قدم کڻي سگهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته جن جنرلز تي جنگي ڏوهن جا الزام هئا ۽ حمود الرحمان ڪميشن ثابت ڪيا هئا. انهن کي آجو ڪيو ويو. جن ۾ جنرل اي ڪي نيازي ۽ اسد عمر جو والد به شامل هو! ايستائين جو ڪميشن جي رپورٽ مان اهو باب ئي غائب ڪيو ويو.
اهي خبرون آهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪڏهن عمران خان غيرمشروط معافي جي درخواست ٻيهر به داخل ڪرائي ڇڏي، ان جي باوجود نااهلي جا ففٽي ففٽي چانسز آهن. هن خلاف ڪرمنل توهين لاڳو ڪئي پئي وڃي، جنهن کان بچڻ آسان ناهي. ان کان اڳ ۾ جيڪي مثال موجود آهن، انهن مان ورلي ڪو بچيو هوندو. ڀلي عمران خان کي ڪيتريون به گريس مارڪون ڏنيون وڃن، ان کي ريسڪيو ڪرڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. اهي جيڪي چون ٿا ته عمران خان ڏانهن عدليا جو رويو سافٽ آهي، اهي شايد درست نه هجن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو سمجهيو ٿو وڃي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو نرم گوشو آهي ته اهو به صحيح ناهي. جن گذريل ٻڌڻي دوران هن جا رمارڪس ٻڌا يا پڙهيا هوندا، انهن کي اندازو هوندو ته سڀني کان سخت جملا ئي چيف جسٽس جا هئا.
ڪجهه سينيئر تجزئي ڪارن جو خيال آهي ته عمران خان جلسي ۾ نئين آرمي چيف تي سواليا نشان لڳائڻ کانپوءِ واڳ ڌڻي هن جي دٻاءُ ۾ اچي ويا آهن، ان ڪري هو شهباز شريف کي وزير اعظم جي ڪرسيءَ تان هٽائي، نئون نگران سيٽ اپ قائم ڪندا ۽ نگران وزير اعظم ئي نئين آرمي چيف جي مقرري ڪندو. ان حوالي سان مقرريءَ کان اڳ ۾ نواز شريف توڙي عمران خان سان آن اسڪرين يا آف اسڪرين معاملا طئي ڪيا ويندا. ان کي هو پنڊي پلان جو نالو ڏين ٿا. هيءَ پنڊي پلان به عمل جوڳو نظر نٿو اچي. جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ عمران خان جي دٻاءُ ۾ اچي وڃي ٿي ته پوءِ اها ٻين معاملن تي هٿيار ڦٽا ڪري سگهي ٿي، پر واڳ ڌڻين جي رويي مان ائين نٿو لڳي ته اهي ايترا ڪمزور آهن. هو واڳ ڌڻين جي صفن ۾ جن طاقتور حلقن جو ذڪر ڪن ٿا، انهن مان ڪنهن جي چيف طور مقرري ڪئي وڃي ته ان لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ته 12 جنرلن کي سپرسيڊ ڪري جنرل ضياءَ کي آرمي چيف مقرر ڪيو هو، پر هن ڀيري به پنجن جنرلن کي سپرسيڊ ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه به ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي قبول نه هوندي، جيڪڏهن ائين ڪيو به وڃي ته ان سان اهم اداري کي ڪو به فائدو ٿيڻو ناهي. ان ڪري هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اهم اداري ۾ مقرري ڪنهن جي به ٿئي، عمران خان ان پوزيشن ۾ نه هوندو ته ان تي اثرانداز ٿي سگهي. وڌ ۾ وڌ هن کي ٻڌايو ويندو ته ڪهڙي صاحب جي مٿي تي چيف جو تاج سجايو ويندو. جيڪڏهن سينارٽيءَ جي بنياد تي به فيصلو ٿيو ته اهو عمران خان جو متاثر آهي. هن کي 8 مهينن تائين حساس اداري جو سربراهه رکڻ کانپوءِ هٽايو ويو ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي. سڀني کي خبر هئي ته ڪيئن چيو ويو ته عمران خان کي اقتدار ۾ رکڻ جو پروجيڪٽ 10 سالن جو آهي.
عمران خان هڪ ئي وقت ڪيترين ئي فالٽ لائينز تي آهي. هن جي هڪ نه پر گهڻن ڪيسن ۾ نااهل ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. جيڪڏهن فيصلو ائين ٿئي ٿو ته هو پاڻمرادو مائنس ٿي ويندو. ان دوران معاملو وري به سپريم ڪورٽ ۾ ويندو، جيڪا آخري اختياري هوندي ۽ ان ۾ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو. ان دوران ننڍي چونڊ ٿئي ٿي ته عمران خان سمورين سيٽن تي ڪامياب نه ٿيندو. هن جي جنهن مقبوليت جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اها به حقيقي نظر نٿي اچي. ابتو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جن پي ٽي آءِ جي يارهن ايم اين ايز جون استعيفائون جمع ڪرايون هيون ۽ اليڪشن ڪميشن انهن کي ڊي نوٽيفاءِ به ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻ عدالت انهن جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪندي کين اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ جي سربراهه جي هيءَ ڌمڪي به ريڪارڊ تي موجود آهي، جنهن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن کيس جيل موڪليو ويو ته هو وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندو ۽ هو هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد کي چئني طرفن کان گهيرو ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندا. ممڪن آهي ته ان حوالي سان پلان اَي ۽ بي تي اڳ ئي عمل ٿي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي پنجاب حڪومت به ختم ٿي ويندي. پرويز الاهيءَ کي اڳ ئي نالي ماتر اڪثريت آهي. مٿان وري ڪجهه ايم پي ايز وڃي چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪري، کيس پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي. جيڪڏهن جوڙ توڙ جو عمل شروع ٿي ويو ته اهڙي صورت ۾ پنجاب حڪومت جو بچڻ مشڪل ٿي ويندو. ان کي پلان بي سڏيو وڃي ٿو. پلان اَي هيءَ آهي ته (ق) ليگ جو سربراهه چوڌري شجاعت حسين، پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪري سگهي ٿو ۽ استدعا ڪندو ته سپريم جي لارجر يا فل بينچ قائم ڪري اڳوڻي فيصلي کي undo ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته جن ٽن ججن پرويز الاهيءَ جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، اهو تبديل ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن ٽن ججن جي حوالي سان عدالت ۾ ورڇ موجود آهي، جنهن جو اظهار ججن جي مقرري واري معاملي تي ٿيو ۽ اهي ججز جن جا نالا چيف جسٽس ڏنا اهي سمورا رد ٿي ويا. هينئر اهو ٻڌايو پيو وڃي ته نگران سيٽ اپ لاءِ واڳ ڌڻين انٽرويوز مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. ممڪن آهي 2023ع جي شروعاتي ٽه ماهي دوران عام چونڊون ڪرايون وڃن، پر ان جو دارمدار عمران خان جي مناسب رويي تي هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button