ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هنگامي بنيادن تي برسات جو پاڻي نيڪال ڪريو

Editorial

ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال سبب نه رڳو ماڻهن لاءِ پريشانيون وڌي رهيون آهن پر انهن لاءِ هر پاسي کان مصيبتون پيدا ٿي رهيون آهن. جن کي منهن ڏيڻ ڪنهن به ريت سولو ناهي. سنڌ ۾ هن وقت لکين ماڻهو ڪئمپن ۾ رهن پيا يا انهن کي سرڪاري عمارتن ۾ رهايو ويو آهي. اهڙي ريت انهن لاءِ ڪيترن ئي مسئلن پڻ منهن ڪڍيو آهي. ڪيترائي شهر اهڙا آهن، جن کي پاڻيءَ جو ڪڙو چڙهيل آهي. ماڻهن جي اچ وڃ متاثر لڳي پئي آهي. ان کان سواءِ شهرن جو رابطو پڻ ڪٽيل آهي. هن وقت به ماڻهو اهو مطالبو ڪن ٿا ته انهن جي شهرن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي پر نه ته پاڻي کي گس پيو ملي ۽ ماڻهن پنهنجن شهرن ڏانهن وڃي سگهن ٿا. حڪومت جو چوڻ آهي ته پاڻي کي ڪڍڻ ۾ 3 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ زراعت کي 350 ارب رپيا نقصان ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ لڳ ڀڳ 50 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ وارن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ 3 کان 6 مهينا لڳي ويندا، ڪراچي، پڊعيدن ۽ جيڪب آباد ۾ ڊيم نه ٿا ٺهي سگهن ڇو ته سنڌ ميداني علائقو آهي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جا سوا ڪروڙ بي گهر ماڻهو انساني الميي کي منهن ڏئي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۽ عالمي ادارن جي مدد باوجود ٻوڏ متاثرن تائين اڃا 2 لک خيما به نه پهچائي سگهيا آهيون. اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چيوسين ته اسان کي پئسا نه کپن، سنڌ کي خيمن، دوائن ۽ مڇردانين جي ضرورت آهي. ٻوڏ سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي، سکر، خيرپور ۽ بدين کان وٺي ٿرپارڪر تائين هر پاسي رڳو تباهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته 75 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍي ڪڻڪ جي پوکي ڪريون ۽ تباهه ٿيل زراعت کي وينٽيليٽر تي آڻيون، تباهه ٿيل آبادگارن کي ساڍا 3 کرب روپين جو پئڪيج ڏيڻ چاهيون ٿا. ٻن مهينن اندر پاڻي نيڪال ڪري ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکائڻ چاهيون ٿا. ڪراچي پهتل 18 هزار ٻوڏ متاثرن جي سار لهنداسين، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن بابت ڪجهه ماڻهن بيوقوفي وارا بيان ڏنا. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪو به ڊئم ٺاهڻ جي گنجائش نه آهي، سنڌ جي شهرن ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي ته ڪو اعتراض نه آهي. ڪراچي، پڊعيدن ۽ جيڪب آباد ۾ ڪوبه ڊئم نٿو ٺاهي سگهجي، ڇو ته اهي ميداني علائقا آهن، سنڌ جي ٻوڏ متاثر ڪجهه علائقن ۾ 8 کان 8 فوٽ پاڻي بيٺل آهن، برساتي پاڻي جي نيڪالي ۾ 3 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، جن علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي لهي چڪو آهي اتي به اهڙي صورتحال ناهي جو ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي سگهن، ٻوڏ سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان وٽ خيما اڻپورا هئا، دوائن جي بجيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جا ٻوڏ متاثر پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن تائين انتظار نٿا ڪري سگهن. ان ڪري سنڌ مان برسات جي پاڻيءَ کي هنگامي بنيادن تي هڪ مهيني ۾ نيڪال ڪيو وڃي. ان کان سواءِ ماڻهن جي پنهنجن شهرن ڏانهن واپسيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن اهي اتي وڃي زندگي بحال ڪري سگهن. جيڪڏهن پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ايترا مهينا لڳي ويا ته ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ مسئلا ٿي ويندا آهن. جن کي منهن ڏيڻ حڪومت جي وس کان ٻاهر هوندو.

بيمارين جو شڪار ٿيندڙ ٻوڏ متاثر

ڪئمپن ۾ زندگي گذاريندڙ ٻوڏ متاثر هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن. جن ٻوڏ متاثرن جا شهر پاڻي هيٺ آهن، انهن لاءِ پنهنجن شهرن ڏانهن تڪڙي واپسي ممڪن ناهي. پر ڪئمپن ۾ سندن حالت ڪا گهڻي بهتر نظر نٿي اچي. ڇاڪاڻ ته ڪنو پاڻي، کاڌ خوراڪ جا مسئلا ۽ عدم تحفظ جو احساس انهن کي پريشان ڪري رهيو آهي. مختلف شهرن مان اهي خبرون اچي رهيون آهن ته ٻوڏ متاثر بيمار ٿي رهيا آهن.

سنڌ حڪومت سيوهڻ ۾ لعل باغ واري هنڌ تي ٻوڏ متاثرن لاءِ خيما وسندي ته ٺاهي ڇڏي، جڏهن ته اتي پيئن جو صاف پاڻي ۽ مناسب خوراڪ جو بندوبست اڃا تائين ناهي ڪيو ويو. متاثرن جي گهڻائي ڪڻڪ جي ماني ۽ ڀاڄيون کائڻ جي عادي آهي پر کين کائڻ لاءِ رڳو چانور ڏنا پيا وڃن ۽ لاڳيتو چانور کائڻ سان عورتن ٻارڙن ۽ پيرسن ماڻهن سميت متاثرن جي گهڻائي گيسٽرو، ڊائريا ۽ پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳي. ٻوڏ متاثرن جي وسندي جي رهواسين ٻڌايو ته ٻهراڙي جا ماڻهو آهيون، سڄي ڄمار بنيادي خوراڪ ماني رهي آهي ۽ هاڻي امدادي ادارا صبح شام مرچن وارا چانور ڏئي رهيا آهن. ٻوڏ متاثرن چيو ته سيني ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ پيٽ خراب ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي ڊاڪٽرن مطابق اسان وٽ بدهضمي، ڊائريا ۽ گئس جا مريض اچي رهيا آهن، تنهنڪري امدادي ادارن کي گهرجي ته کين ماني ڏني وڃي، جيڪڏهن ماني نه آهي ته اٽو ڏنو وڃي ته جيئن اهي ماني پچائي لائي سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته جتي به ٻوڏ متاثر موجود آهن، انهن لاءِ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. ان کان سواءِ انهن جي مانيءَ جو خيال رکيو وڃي. انهن کي ٽي ويلا چانور نٿا کارائي سگهجن. ڇاڪاڻ ته اهي پيٽ جي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪئمپن ۾ موجود متاثرن کي بيمارين کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button