ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻُڏل تَهذيب جا سَت سوال

Editorial-Article- Irshad Leghari


“پاڻ موهن جي دڙي جا وارث آهيون. پان انهي تهذيب جا ڌڻي آهيون جنهن جي شهري زندگي جو معيار، ان دور جي جوڙيوال تهذيبن يا ان کان پوءِ سرجندڙ سماجن کان وڌيڪ شاندار ۽ مٿاهون هو. ڇاڪاڻ ته سنڌو لوڪ پنهنجي شهري رٿابندي جي فن ۾ بيمثال هئا. اهڙين ڪمال فني صلاحيتن مان پائي نيڪال ڪرڻ واري نظام جي سندن جوڙجڪ جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي!! جنهن جو مثال انساني تهذيبن جي سموري تاريخ ۾ اڄ به مٿاهون بيهي ٿو.”
ساڌو، سنڌو سڀيتا جي اهڃاڻن بابت اهڙا احوال ڪندي آخر ۾ سنگ کان پڇيو:
“ته پوءِ اڄ ان تهذيب جي وارثن کان اها سمجهھ ڪٿي گُم ٿي يا سندن اختيار ڪنهن کسيو، جو سمورو ديس ٻُڏل آهي؟” هڪڙي پاسي آشرم ۾ اها رهاڻ جاري هئي ته ٻي طرف طبقاتي تفريق ۾ ورهايل ٻُڏل ڳوٺن مٿان اونداهي گهيرو ڪري بيٺي هئي ۽ هو ان اونداهي ۾ مزاحمت جو ڪوئي مچ ٻارڻ لاءِ ڪڙڄ ڪاٺيون ميڙي رهيو هو. سندس من ۾ ميران جي تار وڄي رهي هئي ۽ هن ارجن جي تاڻيل تير تي پڻ سوچيو پئي. سنڌو سڀيتا جو اتهاس، جنهن ۾ يُڌ ۽ ُسر سدائين گڏ گڏ رهيا آهن، تنهن تهذيب اندر هاڻوڪي اونداهي ۾ گهيريل ڳوٺن توڙي شهرن جي بربادي ۾ ڪهڙي مخلوق ملوث ۽ سرگرم آهي؟
وقت جي حڪمرانن منجهان ان سوال جو ڪوبه جائز جواب ڏيڻ وارو ڪونه آهي. ۽ ان سان گڏ هڪ ٻئي مٿان الزامن جي هن دور ۾ سنڌ جي مختلف علائقن اندر هزارن جي تعداد ۾ سماجي انصاف جي طلب ۾ نڪتل ريلين کان ويندي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي احتجاجن کي جڏهن سرمائيدار ميڊيا نظرانداز ڪري ٿي ته کيس اليڪٽرانڪ ڏائڻ جي ڏندن مان ٽمندڙ زهر کان خوف ٿيڻ لڳي ٿو ۽ هو دعا گهري ٿو سڀني معصوم ٻارڙن ۽ انهن پکين جي تحفظ لاءِ جيڪي هن قومي، طبقاتي غلامي کان بيخبر آهن. سنڌو سڀيتا جي تاريخ ۽ فڪر جي فهرست مان انساني برابري ۽ وحدت جا لفظ ڪنهن ڪڏھن ڪٽيا، ورهاڱي جي ذميوار ڪانگريس هئي يا مسلم ليگ؟ ان جو چِٽو فيصلو سنڌ جي سياست اڃا تائين ڇو نه ڪري سگهي آهي؟ هڪڙي طرف مولانا آزاد جو سچ آهي ته ٻئي طرف 1935ع واري ڪٿا ۽ جناح واري حمايتي ڪُڙم جا گڏيل هندستان جي مضبوط وفاق تي اهي اعتراض، جيڪي 47ع ۾ معنى وڃائي چڪا ۽ مسلمانن جي آزادي جي نالي ۾ سڀ ڪجھه ابتڙ ٿيو.
جنھن کان پوءِ لڳاتار مذهبي، لساني ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ جنهن جو اڃان تائين ڪو به آخري فاتح ناهي، هن خطي ۾ مُني صدي کان هلي رهي آهي ۽ ان کي ڪوبه فل اسٽاپ ڏيڻ وارو ڪونه آهي. هن ملڪ جو حڪمران طبقو جيڪو پاڻ کي تمام گهڻو عوام دوست ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، تنهن جي مُک ايجندائن ۾ هو جڏهن اڄ به مذهبي ۽ لساني انتهاپسندي جا ڪات ڏسي ٿو، تڏهن سوچي ٿو ته هي ڪهڙي رياست آهي آخر؟ ۽ ساڳي ريت پاڻ مٿان پٿريون برداشت ڪري به سلامتيءَ جو پيغام ڏيندڙ رهبر جي پوئلڳن جڏهن بارودي جيڪٽون پاتيون، تڏهن به هو حيران رهيو. بس ان ڪري ئي، ها ان ڪري ئي هن ضرورت محسوس ڪئي آهي ته اهو گيت وري ڳائجي ۽ وڄائجي، جيڪو آشرم ۾ هڪ ڀيرو اماوس جي رات ۾ ڪاپڙي فقير ڳائيندي کيس چالاڪي ۽ ادراڪ ۾ فرق ڪندي ٻڌايو هو.
ڇاڪاڻ ته هي دور جيڪو تمام گهڻو لاچار ۽ ويڳاڻو ٿي پيو آهي، ان جو ويڄ ڪُوڙين سرمائيداري ُستين سان ممڪن آهي به ڇا؟ هو اڄڪلهھ ان ڳالهه تي ويچاري رهيو آهي.
هن کي ياد آهي ته هڪ ڀيرو ڪنهن کيس سمجهايو پئي ته سماجي ارتقا ۾ اول رياست ۽ پوءِ ان رياست کي بهتر انداز ۾ هلائڻ لاءِ قانون ۽ سياست انساني شعور جي اعليٰ ترين تخليق آهي. پر هي اڄ سوچي ٿو ته اهي سڀ رياستي قانون ۽ آئين جن وري به طاقتور طبقن کي فائدو ڏنو ۽ اها سياست جيڪا ڪمزور طبقن جي دفاع بدران ڏاڍن جي ساٿاري بڻجي، اڄ به انسانذات کي وحدت ۽ طبقاتي انصاف جي سڳي ۾ پوئڻ واري منزل کان لڳاتار روڪيو بيٺي هجي، سا انساني شعور جي بهتر تخليق ڪيئن چئبي؟ سو ياد رکو!! ان سوال جواب نام ڪٺين رياستي قانوني ماهرن ۽ ٺوڳي سياستدانن کان جيترا ڀيرا ٿي سگهي، هاڻ پڇندا هلو.
باقي هن ته پنهنجي فڪري پورهئي جي پنڌ ۾ هيل تائين اهوئي ڄاتو آهي ته هڪ ساز ۽ ٻيو گيت ئي انساني شعور جي اها تخليق آهي، جنهن سدائين سماجي فرق گهٽايا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ بلڪل ختم به ڪري ڇڏيا آهن. پر باقي دنيا وانگر هي ملڪ به هاڻ جيئن ته تمام گهڻو عدم توازن جو شڪار ٿي ويو آهي، ان ڪري ساز ۽ گيت جي ڳالهه کي پراڻي ڳالھه ڪري سمجهيو پيو وڃي.
ڪي سال اڳ جڏهن پوکران جي مورن مٿان وار ٿيو هو ۽ چاغي جي پهاڙن جي خاموشيءَ جو ڳلو ڪپيو ويو هو، تڏهن به هن ساڳي ڳالھه ڪئي هئي ته جيڪڏھن هڪ طرف ڀڳت ڪبير ۽ ٻئي طرف لطيف سائين کي امين ۽ ساکي بڻائي، هن خطي جا تڪرار معلوم ڪجن ته ڇا انهن سامهون هٿ ٺوڪين تڪرارن جي ڪا حيثيت بيهندي؟ اهي ته اڳي پوءِ “جڳت ايڪ ڪُنبه” واري ڳالھه ڪندا، سمجهائيندا يا نه؟ پر هن جڏهن اها ڳالھه ڪئي هئي تڏھن چالاڪي ۽ موقعي پرستي ۾ ڦاٿل ٽولي رلجي مٿس ٽهڪ ڏنا هئا ۽ اهو چيو هو ته:
” ڏوڏي جهڙي اهڙن پُراڻن خيالن کي ڇو ٿا عام ڪريو!!”
اهڙي بوڇاڙ کان پوءِ هو خاموش ٿي ويو هو ۽ پنهنجو ساز کڻي کليل ميدانن ۾ نڪري ويو هو. ها پر اڄ جڏهن وري سندس ديس مٿان ائوکي ويل آهي ۽ بيڪسي جو عالم آهي، ٻوڏ مٿان ٻوڏ ۽ هڪ برسات کان پوءِ وري مٿان ٻي برسات ڀريو بيٺي آهي، تڏهن هن وري گودڙيءَ مان ساز ڪڍيو آهي ۽ مزاحمت جو مچ ٻارڻ جي تيارين ۾ آهي. هو حيران پڻ آهي ته زندگي اڄڪلھه ساڻس ڪيئن نه اڳي کان به وڌيڪ ڳُوڙها راز سلڻ لڳي آهي ۽ چئي رهي آهي ته انهن نااهل ۽ لوڀي سرمائيدار حڪمران طبقن کي سمجهائي ته اهي مقدس فطرت کي مذاق نه سمجهن.
سرمائيدارن کان سوال ڪر ته هنن زندگي جي مُکيه چئني عنصرن مان رڳو پنهنجي استعمال جون شيون ته ٺاهيون آهن، پر انهن عنصرن آڏو پاڻ کي ڪڏهن به ذميوار نه سمجهيو اٿن، ڇو؟ انهن حڪمرانن کي سمجهائي ته انسانن جي حقن سان گڏ مٽي، هوا، آڳ ۽ پاڻيءَ جا به ڪي حق آهن. هنن لوڀي سرمائيدارن هوا کي گدلو ڪيو، سمورو فضلو ساگر ۾ اڇليائون، تيز رفتار وحشي جنگي جهاز ڊوڙائي هوا جو پهراڻ ليڙون ليڙون ڪيائون، مٽيءَ جي ُمک مٿان بارود جا ڍير اڇلائي، ان جو چهرو چچريائون ۽ وري باشعور ۽ جديد هجڻ جون دعوائون به ڪيائون!! هو سوچي ٿو ته نسلن جي جُهل ۾ ورتل حڪمران طبقن کي ڪير سمجهائي ته سندن سموري ڊوڙ هڪ گهري اونداهي کاهيءَ ڏانهن آهي.
بهرحال هاڻ هن جي دل چوي ٿي ته دنيا آڏو آشرم جي اها حقيقت کولي رکي ته: چالاڪي ڄار آهي ۽ ادراڪ ُتُرهو. چالاڪي رڳو وٺي ڄاڻي، جڏهن ته ادراڪ ڏاتار آهي، هو وڏو ڌنوان آهي. گُردوارو، مندر ۽ گرجا، سڀ مٽيءَ جون صورتون آهن. باقي سڄي جو سڄو فرق ماڻهوءَ جو دماغي فتور آهي. ڪنڊيدار تارن سان ورهايل زمين جي چئني ڪُنڊن تي، ساون کيتن مٿان وسندڙ هڪ جيتري چانڊوڪي ڇا چئي رهي آهي؟ ڳئون جي ڳلي ۾ پيل ٽليءَ جو آواز، ڪهڙي صدا ڏئي رهيو آهي!؟ ڳالهه اصل ۾ اها سمجهڻي آهي. سکڻين دعوائن مان نه ڪڏهن ڪجھه وريو آهي ۽ نه ڪڏهين ورندو. باقي هي ُسرندو صدين کان اها صدا هڻي رهيو آهي ته:
“سڄڻ ۽ ساڻيھه ڪنهن اڻاسي وسري
حيف تَنين کي هوءِ، وَطن جِن وِساريو “
جيڪو به اچي، هليو اچي
آشرم جي راهه کليل آهي.
ايئن سوچيندي سوچيندي هن سورهين جي چنڊ ڏانهن نهاريو. وقت ٺري ٺنڀ ٿي چڪو هو ۽ سڀ ساعتون هڪ ٻئي جي ويجهو ُسري آيون. هڪ ساعت جنهن ۾ صديون سمايل هيون، وٽس آئي ۽ اچي کيس لطيفي فڪر جي کٿي ڏنائين ۽ چوڻ لڳي:
هي ديس جيڪو پنهنجي نئين سُڃاڻپ ۽ اڏاوت جي مرحلي ۾ آهي، تنهن ۾ تنهنجي سڃاڻپ هي کٿي آهي. اچي وٺ هي لطيفي فڪر جي کٿي ويڙهه. هو اها ٻاجهاري کٿي ويڙهي پنهنجي پنڌا ڏانهن راهي ٿيو. ۽ ان سموري اسرار کان بيخبر دولابي دنيا جا سرمائيدار ادارا، ور ۾ خنجر لڪائي، ٻُڏلن جي سهائتا جي نالي تي پنهنجي پنهنجي مفاد کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪانفرنسن اندر وڌيڪ مونجهارن، تضادن ۽ تڪرارن جو شڪار ٿيندا رهيا. ۽ هن پنهنجي پراڻي دوست نصير ميمڻ طرفان سنڌ حڪومت کان پڇيل هيُيان ست سوال ٻيهر پڇڻ مناسب سمجهيا.
(1) جون ۾ موسمياتي تبديليءَ واري کاتي پاران 2010ع جھڙي ٻوڏ جي اڳواٽ چتاءُ هجڻ جي باوجود گھربل سطح جي تياري ڇو نه ڪئي وئي؟
(2) شهرن ۾ پاڻي نيڪال ڪندڙ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي پمپنگ اسٽيشنز ڪم ڇو نه ڪيو، انهن جا پمپ ناڪاره ڇو هئا ۽ انهن کي جنريٽرن لاءِ ملندڙ تيل ڪيڏانهن ويو؟
(3) ٻهراڙين مان پاڻي نيڪال ڪندڙ سم نالن جي مهلائتي صفائي ڇو نه ڪرائي وئي؟ انهن جون بجيٽون ڪيڏانهن ويون؟
(4) سنڌ جي کاٻي پاسي وارن علائقن ۾ لڳل اسڪارپ جا ٽيوب ويل ڇو ڪم نٿا ڪن، اهي ٽيوب ويل سم جو پاڻي سم نالين وسيلي ڇو نه نيڪال ڪري سگھيا، جنهن سان بيٺل پاڻيءَ جي سطح گھٽجي سگھي ها؟
(5) ننڍن وڏن شهرن ۾ موجود نيڪال جو نظام ڇو ڪم نه ڪري سگھيو. مڪاني ادارن کي ملندڙ بجيٽن جي برباديءَ جي نتيجي ۾ شهرن جو انفرااسٽرڪچر بدتر حالت ۾ آهي، جنهن بارشن وقت ماڻهن جي مصيبتن کي وڌائي ڇڏيو. ان صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟
(6) 2010ع ۾ حددخلين خلاف قانون منظور ڪرائڻ ۽ پوءِ ڪميشن جوڙڻ جي باوجود پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن جا لنگھه خالي ڪرائڻ لاءِ ڪم ڇو نه ڪيو ويو؟ آخر اهي لنگھه ڪير ڪليئر ڪرائيندو؟
(7) ٻوڏ ستايلن کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڪراچيءَ جي سُڪل پٽين ۾ ٽينٽ ٽائون ٺاهي سندن واهر ڇو نه ڪئي وئي. ايئن ڪرڻ کان حڪومت ڇو ڪيٻايو؟
سنڌ واسين کي انهن سوالن جا جواب پڇڻ جو حق حاصل آهي ڇو ته هن حڪومت کي هاڻي سنڌ ۾ حڪومت ڪندي ڏيڍ ڏهاڪو ٿي چڪو آهي. هاڻ رڳو مشرف جي دور جي ڪار گذارين کي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگھجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button