سنڌو درياهه ٽي هزار هڪ سئو اسي ڪلوميٽرن جو سفر ڪري حيدرآباد ڀرسان گذري ڇوڙ ڪرڻ لاءِ سمنڊ تائين پهچي ٿو. هاڻوڪي برساتي ٻوڏ واري صورتحال کان پوءِ ساڄي ڪپ تي سنڌو درياهه ئي ٻوڏ جو پاڻي گذارڻ لاءِ اڪيلو گس آهي. اڄ هنن سٽن جي لکجڻ تائين به ڪوٽڙي بئراج تي 6 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ وارو وهڪرو وهندڙ آهي. سکر کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن تائين اهو وڏو وهڪرو موجود رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو درياهه مان ايڏو وڏو وهڪرو ايترن ڏينهن تائين گذرڻ جي نتيجي ۾ منڇر ۽ ڀانن جي وچ ۾ ڪرم پور وٽان درياهه ۾ لڳايل ڪٽ ۾ وڏو وهڪرو ڇوڙ نه پئي ٿي سگهيو. هوڏانهن وري ڪيترن شهرن، ڳوٺن ۽ زمينن جو پاڻي روهڙي ڪئنال ۾ ڇنڊڻ جي نتيجي ۾ روهڙي ڪئنال ۾ وڏو چاڙهه پيدا ٿي ويو. جنهن لاءِ مٽياري ۽ ڪنڊيارو وٽان ڇنڊڻ ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر درياهه ۾ وڏو چاڙهه هئڻ ڪري درياهه جو پاڻي ڇنڊڻ ۾ وهڻ کان پوءِ ڇنڊڻ جا گيٽ بند ڪري پمپنگ مشينن ذريعي روهڙي ڪئنال جو پاڻي خارج ڪرڻ وارو رستو ڳوليو ويو آهي.
منڇر، ٻوڏ ۽ درياهه: ان کان اڳ ۾ 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ ٽوڙي بند وٽان درياهه کي گهارو لڳڻ کان پوءِ به اٽڪل 11 کان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي سکر بئراج مان گذريو ۽ اهو ساڳيو وهڪرو سکر کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ پکڙجي وڃڻ سبب ڪوٽڙي بئراج مان وڏو وهڪرو گذرڻ وقت ساڍا اٺ لک ڪيوسڪ گيج ۾ رپورٽ ٿيو. انهيءَ وڏي ٻوڏ ۾ ٽوڙي بند واري گهاري جي پاڻيءَ غوث پور، جيڪب آباد، قبو سعيد خان، ڳڙهي خيرو، ڪي اين شاهه وارو وڏو علائقو ٻوڙي هڪ مهيني کان پوءِ اهو وهڪرو منڇر ڍنڍ تي پهتو هو. انهيءَ عرصي دوران درياهه ۾ مها ٻوڏ وارو وڏو وهڪرو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي چڪو هو. ان ڪري منڇر مان مور لک وٽان ۽ ڪرم پور وٽان درياهه وٽان ڪٽ هڻي درياهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو هو. اهڙي ريت ٻوڏ واري پاڻيءَ کي پڻ درياهه وهائي سمنڊ تائين پهچايو هو. هن وقت به بلوچستان ۽ کيرٿر جي جابلو سلسلي مان پهتل پاڻيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ سراسري طور تي ساڍا 11 سئو ملي ميٽر برسات وٺي آهي. ان ڪري رائيٽ بينڪ جي انهيءَ سڄي پاڻيءَ جو گس وري به سنڌو درياهه ئي آهي. جيڪو منڇر وٽان درياهه ۾ ڇوڙ ٿيندو رهيو آهي. (درياهه جي قديمي وهڪرن واري تاريخ موجب جڏهن موهن جي دڙي کان اولهه طرف دريائي وهڪرو هوندو هو ته منڇر وٽان ٻيهر موجوده دريائي وهڪري ۾ داخل ٿيندو هو) آبپاشي ماهرن پاران لاڳيتو گيجز ۾ اکيون وجهي ويهڻ کانپوءِ پوئين ڏهن ڏينهن کانپوءِ آچر جي ڏينهن اڌ ڊيسيمل جڏهن دادو مورو پل تي پاڻيءَ ۾ لاٿ آئي ته پوءِ وڃي اميد ٿي ته هاڻ درياهه جي وهڪري ۾ کوٽ اچڻ شروع ٿي آهي. مليل ڄاڻ موجب ان کان اڳ ۾ بلوچستان ۽ کيرٿر واري جابلو پاڻيءَ لاڳيتو منڇر ۾ وڌڻ سبب ڀان سيد آباد کان پوءِ دادو ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو هو. پر جيئن ئي دادو مورو پل تي اڌ ڊيسيمل پاڻيءَ ۾ لاٿ اچڻ کان پوءِ دادوءَ وارو الرٽ واپس ورتو ويو.
آبپاشيءَ جا جديد منصوبا ۽ ٻوڏ کان بچڻ جا طريقا: هزارين سالن کان بلوچستان ۽ کيرٿر جو جابلو پاڻي نئيون وهائي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪنديون رهيون آهن. ساڳئي ريت ديره غازي خان وٽان ڪوهه سليمان جي جابلو سلسلي جو پاڻي پڻ سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿيندو رهيو آهي. (2010ع ۾ چشما بئراج وٽان گذرندڙ وهڪري ۽ پنجند ۾ پهچندڙ پاڻيءَ کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ پهچندڙ پاڻيءَ جو ڪاٿو لڳايو ويو هو. جنهن موجب سنڌ ۾ پهچندڙ پاڻيءَ جو اٽڪل 10 لک ڪيوسڪ جو اندازو ڪيو ويو هو. پر ٽوڙي بند وٽان گهارو لڳڻ کانپوءِ به اٽڪل 12 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو سکر بئراج وٽان پاڻيءَ جو ڪاٿو لڳايو ويو. اهو اوچتو وڌي ويل پاڻي اصل ۾ ڪوهه سليمان جو برساتي پاڻي هو. اهو برساتي پاڻي ايڏو ته گهڻو هو جو سنڌ ۾ درياهه کي مها ٻوڏ ۾ تبديل ڪري ورتو هو.)
ساڳي ريت بلوچستان جي زيارت، هرنائي جي ڪچي مان جابلو برساتي پاڻي کڻي ايندڙ ناڙي درياهه کان وٺي خضدار ۽ قلات جي ڪچي مان مولا درياهه ۽ بولان درياهه وارن ٽن وڏن نئين کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي نئين جو پاڻي نصير آباد، سبي، بولان، جهل مگسي، ڪچي پل، قبو سعيد کان گذري، شهدادڪوٽ ويجهو ايف پي بند وارين ڍنڍن ۾ ڇوڙ ٿيو. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهيو. جنهن جي ڪري بلوچستان ۽ کيرٿر جي جابلو ندين جي وهڪري کي درياهه ۽ دريائن جي ڪئنالن کي (کيرٿر، دادو ۽ رائيس ڪئنالن) کي بچائڻ لاءِ ايف پي بند (فلڊ پروٽيڪٽ بند) ڏنو ويو. اهو بند شهدادڪوٽ کان منڇر تائين ڏنل آهي. جنهن کانسواءِ گاج نئين کي تير ڀت ڏئي ان جي وهڪري کي درياهه بدران منڇر ڏانهن موڙيو ويو. اهڙي ريت 12 ندين جو ڇوڙ منڇر ۾ ڪيل آهي. جن ۾ گاج نئين، تڪي نئين، ماهو نئين، نلي نئين، انگئي نئين، سول نئين، نئنگ نئين، جهانگارا نئين، باجارا نئين، اڙل هيڊ شامل آهن. منڇر جي قدرتي طور تي ليول ائين آهي ته اڙل هيڊ ذريعي سنڌو درياهه جو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو ۽ اڙل ٽيل مان وري منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو. جڏهن ته منڇر جو پاڻي شيخ واهه، ڪور واهه ۽ دانستر واهن ذريعي منڇر جي ٽن طرفن واري زمين پوکي هيٺ آندي وڃي ٿي. ڄاڻايل ندين کان سواءِ درياهه جي پراڻي ڦاٽ اولهندو نارو ايم اين وي (مين نارا ويلي) پڻ منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو رهيو آهي. منڇر قدرتي طور تي گهڻ پاسائين جابلو ندين جي ڇوڙ کان سواءِ ماهيگيري ۽ آبپاشي واري ڍنڍ رهي آهي. منڇر جي نهري نظام کي پهريون ڀيرو ان وقت تباهيءَ هيٺ آندو ويو، جڏهن ايم اين وي سسٽم کي ڊرين جي سم نالي ۾ تبديل ڪيو ويو. جنهن ذريعي رائيٽ بينڪ جو زرعي سم وارو پاڻي ايم اين وي ڊرين ذريعي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو. اهو سم جو پاڻي ۽ زرعي طور ساريال جي زهريلي آلودگيءَ سبب منڇر جي ماهيگيري تباهه ٿي وئي. ان ۾ وري واڌارو ڪندي بلوچستان جو هيردين ڊرين جو پاڻي پڻ ايم اين وي ڊرين ۾ شامل ڪري منڇر تائين پهچايو ويو. آر بي او ڊي جو ڪم هن وقت تائين ٽن مرحلن ۾ هلندو رهيو آهي. آر بي او ڊي فيز ون رتو ديرو، قمبر، لاڙڪاڻي ضلعن جي ساڍا 12 لک ايڪڙ زرعي زمين مان سم جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو. آر بي او ڊي فيز ٽو بلوچستان جي هيردين سم نالي کي آر بي اوڊي سان ملائڻ لاءِ ۽ بلوچستان جي ساڍا ست لک ايڪڙ زمين جي سم جو پاڻي خارج ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو.
آر بي او ڊي پهريون ۽ ٻيو فيز واپڊا پاران جوڙيو ويو ۽ آر بي او ڊي فيز ٿري وري سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي ذريعي شروع ڪيو ويو. منڇر جي ملاحن ۽ علائقي واسين پاران سخت اعتراض وارڻ کان پوءِ انڊس لنڪ ذريعي ايم اين وي جو پاڻي منڇر بدران رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري رٿا جوڙي وئي ته جيئن منڇر کي ايم اين وي ڊرين جي آلوده پاڻيءَ جي ڇوڙ کان بچائي سگهجي. پر ” نه نو مڻ تيل اچي نه راڌا نچي” وانگر سنڌ جي آبپاسي جي ڪنٽرول ۾ ٺهندڙ آر بي او ڊي فيز ٽيون شيطان جي آنڊي وانگر لاڳيتو ڊيگهه کائيندو رهيو آهي. جنهن جي لاڳت تي پهرين 14 ارب رپيا ڪاٿو لڳايو ويو هو. پر هن وقت تائين 62 ارب رپين جي لاڳت اچن جي باوجود اهو منصوبو اڻ پورو آهي. ان ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته منڇر جهڙو قدرت جي خوبصورت نهري نظام جي بحالي اڃان به هڪ سوال آهي.
حيدرآباد جي بندن جي موجوده صورتحال: هن وقت فقط گهلياڻ بند جو لوپ بند فنڪشنل طور موجود آهي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڄامشورو بند جي فرنٽ بند جي پويان جيڪو چار ڪلوميٽر جو لوپ بند ڏنل هو. انهيءَ لوپ بند ۽ گدومل لوپ بند جي اندر رهائشي آباديون قائم ٿي چڪيون آهن. ان ڪري ٽي هزار ڪلوميٽر واري هن وڏي درياهه جي ڪناري تي سڀ کان وڏي شهر حيدرآباد کي ٻوڏ کان بچائڻ واري رٿا کي بلڊنگ ڪنٽرول پروگرام ۽ ٻين شهري پلاننگ جي ادارن گڏجي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ويتر لطيف آباد وٽ گدومل فرنٽ بند جي اندر 9 رهائشي منصوبن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. 2010ع ۾ مها ٻوڏ آئي ۽ موجوده ٻوڏ ۾ ساڍا 6 لک ڪيوسڪ تائين پاڻيءَ جو وهڪرو گذريو آهي. ان جي باوجود آبپاشي کاتو ۽ ضلعي انتطاميا گدومل فرنٽ بند جي اندر 9 رهائشي منصوبن کي ختم ڪرائي نه سگهيا آهن. فرنٽ بند جي اندر رهائشي اسڪيمن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ مٽيءَ جا وڏا بند ٻڌا ويا آهن. ان ڪري دريائي وهڪري ۾ وڏي رڪاوٽ پئجي رهي آهي. هن وقت وڏي دريائي ٻوڏ ڊڪليئر ڪيل آهي. ايڏي وڏي ٻوڏ جي باوجود ڄاڻايل منصوبا ختم نه ڪرايا ويا آهن. حيدرآباد جيڪو سنڌ جو ٻيو نمبر وڏي شهر آهي. ان کي ڪنهن به امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ انتظاميا پاران اکيون ٻوٽڻ خطرناڪ تباهيءَ جو سبب بنجي سگهي ٿو.