ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلين ٽري رٿا ۾ ٿيل ڪرپشن

Editorial

پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام کي هر حوالي سان اهو يقين ڏياريندي رهي ته اها ڪرپشن کان آجي حڪومت آهي. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جو خيال هو ته هو هڪ ايماندار ماڻهو آهي، ان ڪري هن جي هوندي ڪو وزير مشير ڪرپشن جو سوچي به نٿو سگهي. پر نه رڳو سندس حڪومت ڪرپشن جو سلسلو جاري رهيو پر ان اڳوڻين حڪومتن جا رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيا. سندس حڪومت ۾ ڪرپشن جو ڪو نه ڪو اسڪينڊل سامهون ايندو رهندو هو. اهڙي ريت اهو سلسلو ڪنهن به ريت ختم نه ٿيو. جيتوڻيڪ هاڻي مرڪز ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي رهي پر تنهن هوندي به ان جيڪي ڪلور ڪيا آهن، اهي سڀ معاملا سامهون اچي رهيا آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪي به ڪرپشن جا معاملا ٿيا، انهن کان حڪومت انڪار ڪندي رهي پر هاڻي جيڪي رپورٽون جاري ٿي رهيون آهن، انهن موجب پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪرپشن جا ڪيترائي اسڪينڊل ٿيا هئا، جن ما 10 بلين ٽڙي سونامي پروجيڪٽ پڻ شامل هو. ان حُوالي سان آديٽر نرل جيڪي انڪشاف ڪيا آهن، سي ڇرڪائيندڙ آهن.
آڊيٽر جنرل آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي فليگ شپ 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جي 3 سالن جي آڊٽ ۾ 3 ارب 49 ڪروڙ 35 لک روپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. آڊيٽر جنرل طرفان هڪ ارب 25 ڪروڙ 90 لک روپين جي خرچ کي شڪي ۽ 98 ڪروڙ 29 لک روپين جي خرچن کي فرضي ۽ جعلي قرار ڏنو ويو آهي. ذميوارن خلاف ڪارروائي جي به تجويز ڏني وئي آهي. رپورٽن موجب آڊيٽرز هڪ ارب 25 ڪروڙ 90 لک روپين جي خرچن کي شڪي ۽ 98 ڪروڙ 29 لک روپين جي خرچن کي فرضي ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. تقريبن هڪ ارب 25 ڪروڙ 16 لک جي خرچن کي غيرقانوني ۽ غير ضروري قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ اصل ڪاميابين جي ابتڙ جعلي، فراڊ ۽ وڌيڪ رپورٽنگ کي بي نقاب ڪيو ويو آهي. دستاويزن موجب 16 هزار 953 هيڪٽر تي مختلف سرڪلز ۾ قائم اڳوڻي بلين ٽرين سونامي پروجيڪٽ جي انڪلوزر کي 10 بلين ٽري سوناميءَ جي حصي جي طور تي ڏيکاريو ويو هو جنهن سبب قومي ناڻي کي 30 ڪروڙ 55 لک روپين جو نقصان پهتو. رپورٽ موجب جعلي ۽ ضرورت کان وڌيڪ رپورٽنگ، چترال، دير، ڪوهستان، لوئر دير، مالاڪنڊ، ڪنهار، واٽرشيڊ، اونهارو واٽر شيڊ ۽ فاريسٽ ڊويزن ۾ ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف اعليٰ سطحي جاچ سان گڏوگڏ فوري طور تي 15 ڪروڙ 53 لک روپين جي ريڪوري جي سفارش ڪئي وئي آهي.
هي رٿا ملڪ ۾ ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شروع ڪئي وئي هئي ۽ ان وقت جي حڪومت اهو چوندي رهندي هئي ته هيءَ هڪ شفاف رٿا آهن، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وڻن جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو. پر جڏهن اها رٿا شروع ٿي هئي، ان وقت ئي ڪرپشن جون ڪهاڻيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون. جنهن جي ڪري اها رٿا به پوري نه ٿي سگهي ۽ ان ۾ اربن جي ڪرپشن سامهون آئي آهي. عمران خان ماضي جي حڪومتن ۽ سياستدانن جي ڪرپشن جا قصا بيان ڪندو رهيو آهي پر ڇا کيس خبر ناهي ته سندس ئي حڪومت ۾ ايڏو وڏو ڪرپشن جو ڪيس سامهون آيو آهي، ان حوالي سان سندس ڇا چوڻ هوندو. جڏهن ته هو هن وقت تائين سواءِ پنهنجي پارٽي سياستدانن جي سڀني کي نا اهل ۽ ڪرپٽ سمجهي ٿو. هاڻوڪي رپورٽ کان پوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن هر پارٽيءَ جي ڇٽي هيٺ ٿيندي رهندي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ ممڪن ڪونهي. پر ان کي قبول نه ڪرڻ اڃا به وڏو ڏوهه آهي. عوامي سطح تي شروع ڪيل هر رٿا ۾ ڪرپشن ڪئي ويندي آهي ته جيئن ماڻهو ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. پر هيستائين عوامي رٿائن کي رڳو نالي ماتر پورو ڪيو ويندو آهي، انهن لاءِ رکيل بجيٽ ٻه هڙپ ڪئي ويندي آهي. پي ٽي آءِ جيڪي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، انهن جو حساب ڪتاب ضرور ٿيڻ گهرجي ته جيئن عوام جي آڏو حقيقتون پڌريون ڪيون وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ وڏو اسڪينڊل آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي ماڻهو به بلين ٽري رٿا جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ۽ اهو پڻ ظاهر ٿيڻ گهرجي ته انهن ڪنهن جي چوڻ تي اها رٿا پوري نه ڪئي ۽ ان کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. ڇاڪاڻ ته ان رٿا جو سڌي ريت واسطو ملڪ جي ماحوليات جي بهتري سان هو. جنهن کي پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجن هٿن سان تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪستان اڳ ئي ماحولياتي تبديلين ڪري ڀوڳي رهيو آهي، جنهن جو مثال تازيون برساتون پڻ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button