مصر ۾ جڏھن اڃان تهذيب وجود ۾ نه آئي هئي، ان وقت ماڻھو برادرين ۾ ورهايل هئا ۽ هڪٻئي سان سخت جنگيون ڪندا هئا. ائين ئي 3200 ق .م ۾ شاهين برادريءَ جي سردار “مينس” ٻين برادرين کي شڪست ڏئي پنهنجي ماتحت ڪيو ۽ سڀ کان پهرئين ان ديوتا هئڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ جيئن ته مصرين جو گهڻو تڻو گذران زراعت هئي. ان ڪري هن پاڻ کي زراعت جي ۽ مال متاع جي واڌاري واري ديوتا طور متعارف ڪرايو ۽ فوجي طاقت سبب ماڻھن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ شروع ڪيو. ان کان اڳ هارين کان سموري پيداوار مندر جا پوڄاري وٺي ويندا هئا. عوام مندر جي رکوالن جي رعايا هو پر هن بادشاهه جيئن ته پاڻ کي ديوتا سڏرايو سو مندر به پنهنجي قبضي هيٺ آندائين. پوڄارين جي خرچ پکي جو پڻ بندوبست ڪيائين سو هاڻ اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي تخت تي ويهي رهيو.
مصر مان مليل مورتين ۾ اتي جي فرعونن کي جنگجو فاتح ڏيکاريل آھي پر ڊاڪٽر مبارڪ لکي ٿو ته هو ديوتا بڻجي عوام جي ذهنن تي حڪمراني ڪندا هئا. سميري ۽ بابلي تهذيب توڙي مصري تهذيب ۾ ماڻهن کي غلام بڻائڻ جو رواج هو ۽ اهي پنهنجي مرضي سان ڪجهه به ڪري نه سگهندا هئا ۽ اهو ساڳيو نظام اسلام جي دور ۾ به برقرار رهيو.
مصري تهذيب جا ماڻھو حيات بعد الممات جا قائل هئا. ان ڪري هو پنهنجي مردن سان گڏ ان جو سمورو ساز سامان دفن ڪري ڇڏيندا هئا. مصري تهذيب جي سڃاڻپ هن وقت انهن جا اهرام (جن کي ٻي معنيٰ ۾ مقبرا چئي سگهجي) ٿو وڃي بچيا آھن.
مصري پنهنجي مردي جي ممي به ٺاهيندا هئا، جيڪا پڻ انهن جي ڪمال درجي جي آرٽسٽ هجڻ جي گواهي آھي. اهرامن جو اڪثر انگ بادشاهن جي بستين ۾ مليو آھي. ڊاڪٽر مبارڪ هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها به لکي ٿو ته هي پنهنجي مردي سان گڏ سندس زنده غلامن کي به دفن ڪري ڇڏيندا هئا.
هنن جي مذهبي خيالن بابت ڊاڪٽر مبارڪ لکي ٿو ته “مصرين جو عقيدو هو ته فطرت جي هر مظهر پويان هڪڙي لڪيل طاقت آھي جيڪا انهن جي نفعي نقصان جي مالڪ آھي. هنن جو گهڻو تڻو نظام زراعت تي هلندو هو. ان ڪري هنن جي ديوتا جو تعلق به زراعت سان منسوب ڪيو ويندو هو. هيءَ بعد ۾ سج ۽ چنڊ کي به ديوتا مڃيندا هئا. زرخيز زمينن جي ديوي هنن وٽ آئي سس (Isis) هئي ۽ زراعت جو ديوتا اوسي سس (Osisis) هو. وقت جو فرعون پاڻ کي انهن جو پٽ چورائيندو هو.”
مصر جي سياست ۽ مذھب پاڻ ۾ گڏيل هئا. ان ڪري فرعون جڏھن پنهنجو عاليشان اهرام ٺھرائيندو هو ته ان سان گڏ ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سٺو مندر به تعمير ڪرائيندو هو ۽ ائين ئي هو مذهبي پيشوائن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو،
1798ع ۾ نيپولين کي کوٽائي دوران روزيٽا (Rosetta) نالي هڪ پٿر به مليو جنهن تي ٽن ٻولين ۾ لکيل تحرير ملي آھي ۽ تحقيق موجب اها 196 ق.م ۾ لکي ويئي آھي. 1822ع ۾ ان کي يوناني ٻوليءَ جي مدد سان ترجمو ڪري انهن جي رسم الخط کي دريافت ڪيو ويو آھي،
پٿر جي دور کان پوءِ عورت جي اهميت گهٽجڻ شروع ٿي وئي هئي پر مصري تهذيب ۾ وري تخت جي وارث عورت کي ئي تصور ڪيو ويندو هو ۽ ان وقت عورت مندرن جي پڻ اهم عهدن تي مقرر هوندي هئي پر پوءِ انهن کي آهستي آھستي اتان ڪڍي موسيقي طرف آندو ويو.
ڊاڪٽر مبارڪ لکي ٿو ته “جيئن ته تخت جي وارث عورت هوندي هئي. ان ڪري مرد تخت تي ويهڻ لاءِ عورت سان شادي ڪري وٺندو هو. پوءِ کڻي اها ان جي ڀيڻ ڇو نه هجي.”
هنن وٽ طلاق جو رواج هو. ان ڪري هنن کي سناتن ڌرم سان ڳنڍي نه ٿو سگهجي. مصرين پڻ ڏينهن جي حساب لاءِ ڪئلينڊر ٺاهيو هو. هنن سال ۾ ٻارهن مهينا مقرر ڪيا هئا. هر مهينو ٽيهن ڏينهن جو شمار ڪندا هئا، باقي بچيل پنجن ڏينهن کي مذهبي تقريبن لاءِ مختص ڪري ڇڏيا هئائون. هن ڪتاب “تهذيب ڪي ڪهاني ڪانسي ڪا زمانه” جو آخري چوٿون باب سنڌ بابت آھي.
آثار قديمه جي تحقيق موجب سنڌ ۾ 5000 ق.م دوران به هتي تندور ۾ ماني پچائڻ جو رواج هو. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي جا ماڻهو ترقي طرف وڌي رها هئا پر هن خطي جو مڪمل تهذيبي ڍانچي ۾ اچڻ جو 2500 ق.م جو عرصو معلوم ٿئي ٿو.
اليگزينڊر برنس لکي ٿو ته 1826ع ۾ جڏھن انگريز سرڪار هتي ريلوي جي لائين وڇائي رهي هئي ته انهن کي هتان مختلف مقامن تان پڪيون سرون مليون هيون ۽ انهن سرن جو استعمال به ٿيو. ڊاڪٽر مبارڪ جي چوڻ موجب هڙاپه جو موجوده شهر پڻ انهن پراڻين سرن مان جوڙايل آھي. ان ڪري ان قديم شھر کي گهڻو نقصان پهچايو. هن شهر جي پهرئين کوٽائي 1921ع ۾ ٿي هئي. ان دوران به اتان مٽيءَ جا ٿانون ۽ ڪجهه مهرون مليون هيون. ان کان پوءِ 23-1922 ۾ موهن جو دڙو دريافت ٿيو.
هن وقت تائين سنڌو تهذيب ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ پراڻا مقام دريافت ٿيا آھن، جيڪي سنڌ بلوچستان راجستان ۽ مغربي اترپرديش ۾َ واقع آھن. ان مان سنڌو تهذيب جي اصل وسعت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ٻين تهذيبن جي مقابلي ۾ هتي ڪا شهري رياست به نه هئي ته ڪا بادشاهت به نه هئي پر ان هوندي به هيءَ سڀ پاڻ ۾ ڳنڍيل رهندا هئا. اها هن تهذيب جي سڀ کان وڏي خوبي آھي جنهن جي سببن تي تاريخدان اڃان به ريسرچ ڪري رهيا آھن.
۽ ٻئي جيڪا هن تهذيب جي اهم ڳالهه آھي، اها هي آھي ته هتي آثار قديمه کي ٻين تهذيبن وانگر عاليشان مندر يا بادشاهن جا اهرام ناهن مليا بلڪه عوامي عمارتون سادي انداز ۾ مليون آھن. جيئن ٻين تهذيبن ۾ عمارتون ڪچين سرن سان ٺاهيل هيون، ائين هتي اڪثر عمارتون پڪين سرن سان جڙيل مليون آھن. هتان جي رسم الخط ته ملي آھي پر اها اڃان تائين ماهر پڙھي ناهن سگهيا. ان ڪري نه ڄاڻ ڪيترا راز هن تهذيب جا اڃان لڪيل آھن،
سنڌو تهذيب جي کوٽائي مان پهريون ڀيرو چئن ٽائرن واري ڍڳي گاڏي به ملي آھي. ٻارڙن جا رانديڪا به هٿ آيا آھن. ان مان ٻارن جي تعليم تربيت جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر مبارڪ موجب هتي راندين جا ميدان پڻ ملي سگهيا آھن ۽ شطرنج جون مهرون به مليون آھن.مذهبي طرح هتي جا ماڻهو فطري اهڃاڻن جا پوئلڳ هئا ۽ جانورن توڙي موسمن جي عبادت به ڪندا هئا. سميري تهذيب، مصري توڙي ٻين قديم تهذيبن جي کوٽائي کانپوءِ مليل مهرن مان اهو ثابت ٿيو آھي ته سنڌ جي واپار وارا لاڳاپا وسيع تر هئا.
سنڌ جي شھرن جو 1500 ق.م ۾ اوچتو غائب ٿيڻ جو سبب صحيح معنيٰ ۾ اڃان معلوم ٿي ناهي سگهيو. پر هن تهذيب جي مھذپڻي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن تهذيب جي مليل آثارن مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آھي ته ٻين تهذيبن جي ڀيٽ ۾ هتي هارين جو استحصال بلڪل ئي نه هو. ماڻھن کان زبردستي بيگرون وٺڻ جو به ڪو مثال نه ٿو ملي ۽ بقول ڊاڪٽر مبارڪ ته هتي ڪنهن به اهڙي مرڪزي طاقت جا نشان نه ٿا ملن جيڪي ماڻھن تي اجايو ٽيڪس مڙھين.
(پورو ٿيو)