الهه بخش راٺوڙ
اليڪٽرانڪ ميڊيا تي جنهن جي نظر هوندي، ان ڏٺو هوندو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم، جيڪا ڪيترن ئي ڏينهن کان لاهور کان مارچ ڪندي اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجن حامين سان گڏ اڳتي ڌوڪي رهي هئي، ان ۾ ميثاق ته ٿي ويو، پر ٻنهي ڌرين جنهن انداز سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ اڳواڻن جا جنهن انداز سان منهن لٿل هئا، اهي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيا هئا. ڳالهين جي اندر جي ڪهاڻي به سامهون آئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته جيڪا تنظيم حڪومتي ٽيم سان ڳالهيون ڪري رهي هئي، ان کي هڪ موڙ تي اچي پوئتي موٽڻو پئجي ويو، جيڪي حڪومت ڌر سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا، انهن عالمن کي به يقين نه هو ته بندش پيل تنظيم جو موجوده امير سعد رضوي، جيڪو جيل ۾ آهي،ا ن جي ڪا ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. مفتي منيب الرحمان جنهن کي ڪراچي مان گهرائي ڳالهين ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان سعد رضوي جي ضمانت ڏني ته هو نه صرف ٻنهي ڌرين جي ٺاهه کي قبول ڪندو، پر آئينده هو نه ئي مارچ ڪندا، نڪي وري ڌرڻا ڏيندا! ان کان اڳ حڪومتي ٽيم جيڪا شيخ رشيد ۽ نور الحق قادري جي سربراهيءَ ۾ قائم هئي، ان جي ڳالهين کي رد ڪيو ويو ۽ جيڪو معاهدو ڪيو ويو، ان کي به قبول نه ڪيو ويو. ڳالهين دوران بندش پيل تنظيم جا ٻه مطالبا سامهون آيا، جن جي ڪري انهن اسلام آباد تي چڙهائي لاءِ مارچ شروع ڪيو، هڪڙو هي ته تنظيم جي امير سعد رضوي کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ٻيو فرانس جي سفير کي اسلام آباد مان نيڪالي ڏني وڃي. حڪومت ٻنهي مطالبن کي رد ڪيو ۽ چيو ته انهن کي سعد رضوي کي آزاد ڪرڻ سان ايف اي ٽي ايف ۾ مشڪلاتون پيش اينديون ۽ پاڪستان جو يورپي يونين سان 10 ارب ڊالرن جو واپار هلندڙ آهي، فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ سان اهو واپار بند ٿي ويندو ۽ ملڪ جي معاشي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويندو. هاڻ سوال هي آهي ته جيڪڏهن حڪومت اصول پسندي جو مظاهرو ڪيو ۽ ان ٻنهي مطالبن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ معاهدو يا ٺاهه ڪيئن ٿيو؟ ڇا بندش وڌل تنظيم لاهور کان وزيرآباد تائين اجايو لانگ مارچ ڪيو ۽ پنهنجون توانائيون ضايع ڪيون؟ ان سوال جو جواب ممڪن آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر سامهون اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته مفتي منيب الرحمان جنهن معاهدي بابت ۽ حڪومت سان ڪيل ٺاهه جي تصديق ڪندي اعلان ڪيو. ان ٺاهه جي ڪاپي ميڊيا کي پيش ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ۽ ان کي ڳجهو رکيو ويو. جيڪڏهن ماضي جيان حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم جي وچ ۾ ٺاهه کي سامهون آندو وڃي ها ته شايد حقيقتون سامهون اچي وڃن ها.
بندش وڌل تنظيم جو بنياد ته 2015ع ۾ پيو هو ۽ پر ٽن سالن جي عرصي اندر اها ايتري تيزي سان “پاپولر” ٿي جو 2018ع جي عام چونڊن ۾ 22 لک ووٽ کڻي سامهون آئي ۽ ان کي پاڪستان جي چوٿون نمبر وڏي سياسي پارٽي قرار ڏنو ويو. تنظيم جو پهريون امير علامه خادم حسين رضوي هو. هن پنهنجي حياتي ۾ فيض آباد وٽ خطرناڪ ڌرڻو ڏنو ۽ ان کي آخرڪار ميڙمنٿ ڪري مطالبا مڃي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. اهو ڌرڻو ان تنظيم کي پاپولر ڪرڻ ۾ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو، پر هي تنظيم هوا ۾ بيٺل ته نه هئي. ان تنظيم جا ٻيا به ڪيترائي ٿوڻيون ۽ ٿنڀا آهن، ڪنهن زماني ۾ مولانا شاهه احمد نوراني جي، جي يو پي به ساڳي سوچ سان واڳيل هئي، اها به ايتري پاپولر ٿي نه سگهي، پر هن تنظيم کي ٿوري عرصي ۾ آسمان تي پهچايو ويو، ان جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟ ان سوال جو جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته هي تنظيم، ان مسلڪ جي اڪيلي نمائنده پارٽي نه آهي، پر ان سان وڏو نيٽ ورڪ جڙيل آهي، جنهن سان لکين طالب ۽ عالم جڙيل آهن. اهم ڳالهه هي آهي ته هن تنظيم جو نيٽ ورڪ سموري دنيا ۾ آهي ۽ ان کي واٽس ايپ گروپس ذريعي جوڙي رکيو ويو آهي. ڪيناڊا وارو علامه طاهر القادري به ساڳي نيٽ ورڪ جو حصو هو، پر هن جي اڏام عمران خان جي ڌرڻي سان گڏ ختم ٿي وئي. هي هڪ مسلڪ جي ڏهن ٻارهن گروپن ۾ سڀني کان وڌيڪ پرتشدد تنظيم ثابت ٿي آهي. ان حوالي سان نيٽ ورڪ کي ڏٺو وڃي ته تنظيم المدارس اهل سنت (اُي ايس جَي) ايجوڪيشن بورڊ، مرڪزي تنظيم آهي، جنهن وٽ مدرسا رجسٽرڊ ٿيل آهن. هي تنظيم رڳو پاڪستان ۾ 10 هزار مدرسا رکي ٿي، تعليمي ۽ سماجي شعبن ۾ ان جو الڳ نيٽ ورڪ آهي. هن تنظيم جا ٽي هزار ادارا صرف ڪي پي ڪي ۾ آهن ۽ هزارا ايريا ۾ هڪ هزار مدرسا آهن. سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ تنظيم جا وڌيڪ مدرسا پنجاب ۾ آهن، جن جو انگ 5 هزار 584 آهي. مدرسن جو هي نيٽ ورڪ لاهور، شيخوپورا، ملتان، ساهيوال، ڊي جي خان، بهاولپور ۽ سرگوڌا ۾ آهي. هي پنجاب جي 54 سيڪڙو هڪ مسلڪ جي آبادي ۽ ملڪ ۾ مجموعي طور تي 60 سيڪڙو آبادي جي پاڻ کي نمائنده سمجهي ٿي!
ان مسلڪ جون پاڙون اٺين ۽ نائين صدي کان موجود آهن ۽ هندستان جي علائقي بريلي ۾ ان جو بنياد رکيو ويو. هي تنظيم جنهن جا هينئر به ڀارت ۾ تمام گهڻا مدرسا آهن ۽ ڪيترائي سرگرم عالم به ان سان لاڳاپيل آهن، اتان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ اها ايتري انتهاپسنديءَ جي لائين کي ڇو ڇهي رهي آهي؟ هن تنظيم جا ٻيا به ڪيترائي روايتي مخالف فرقا يا مسلڪ آهن، پر هينئر اها نه صرف مليٽنٽ پر سياسي ميدان ۾ اڳڀري نظر اچي ٿي. بندش وڌل تنظيم کي واڳ ڌڻين جي صفن مان به آشيرواد ملي ۽ ان جي پٺي پڻ ٺپي وئي. هنن مهربانين جا ڪي ته سبب هوندا؟ اهي ماهر جيڪي فرقيوار تنظيمن تي ريسرچ ڪن ٿا، اهي ان نتيجي تي پهتا ته اصل ۾ نائين اليون کانپوءِ ڪجهه مذهبي تنظيمون جن ۾ طالبان برانڊ به شامل هئي، اهي وڌيڪ مليٽنٽ ثابت ٿيا، انهن ڄاڻايل مسلڪ کي اڳتي اچڻ به نه ڏنو. هي تنظيم وري صوفي ازم جو پاڻ کي حامي سمجهي پئي، ان ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهي مان بندش وڌل تنظيم کي وڌيڪ تيزي سان هٿي ڏني وئي. جن ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو پئي، انهن جو خيال هو ته هي مسلڪ وڌيڪ پرامن ۽ ٻين مسلڪن سان سرچاءَ رکي ٿو، ڇو نه ان کي اڳتي آڻجي. هن سوچ جا ماڻهو هونئن به پاڪستان جي آبادي ۾ اڪثريت ۾ موجود آهن. ان ڪري انهن کي شهري توڙي ٻهراڙين جي آبادين مان به موٽ ملندي. تنظيم ۾ مليٽنسي ته پهريان به موجود هئي، پر ان کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. پر جن تنظيم کي اسپانسر ڪيو، اهي ڪجهه سالن ۾ ان نتيجي تي پهتا ته هو ناڪام ٿي ويا آهن. جنهن نوعيت جا ڌرڻا ۽ لانگ مارچ ڪيا ويا، ايستائين جو انهن سيڪيورٽي جي جوانن ۽ پوليس وارن کي اغوا ڪيو يا انهن تي اغوا جا الزام لڳا، انهن واڳ ڌڻين جي سوچ ۾ تبديلي آندي. لاهور کان اسلام آباد ڏانهن مارچ واري معاملي واڳ ڌڻين کي به پريشان ڪيو، ان جي قيمت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. مستقبل ۾ هن تنظيم تان پابندي هٽندي يا نه؟ اها معمول مطابق اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ هوندي يا نه؟ چونڊن ۾ هي تنظيم هاڻ حصو وٺڻ جي اهل رهندي يا نه؟ جيڪي مليٽنٽ اڳواڻ ان تنظيم جو حصو آهن، انهن کي بي هٿيار ڪيو ويندو يا نه؟ ان سان گڏ تنظيم جي طاقت کي وڌيڪ وڌايو ويندو يا هاڻ معاملو اڳتي بدران پوئتي ويندو؟ هي سڀ ڪجهه مستقبل قريب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. گهٽ ۾ گهٽ واڳ ڌڻين جي هي سوچ به غلط ثابت ٿي وئي ته هن مسلڪ جا ماڻهو صوفي ازم کي مڃين ٿا، انڪري اهي نه صرف ٻين مسلڪن سان پرامن طريقي سان گڏجي رهندا، پر انتهاپسندي جي ڪنهن لڪير کي به نه ڇهندا.
هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ٻه ڪم ٿين، پهريون هي ته رياست ۽ مذهب کي الڳ ڪيو وڃي، مذهب کي انسان جي ذاتي سوچ سان جوڙيو وڃي، ٻيو ڪنهن مذهب يا فرقي جي بنياد تي سياست تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي يا اجازت نه ڏني وڃي ته هن نوعيت جا معاملا سامهون نه ايندا. اها به اهم ڳالهه آهي ته جيڪڏهن انتهاپسند تنظيمن کي “جهاد” جي نالي ۾ استعمال ڪبو، جيئن ڪشمير ۽ افغانستان ۾ ٿيو يا ٿي رهيو آهي ته ان جا نتيجا به رياست کي ئي ڀوڳڻا پوندا. هر شهري کي سياسي پارٽي ٺاهڻ ۽ مرضي سان ووٽ ڏيڻ جو بنيادي حق هجڻ گهرجي، پر ڪنهن به مذهب، مسلڪ يا نسل جي بنياد تي نفرت جو حق ڪنهن کي به نه هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ خاص ڪري سويلين يا جمهوري سوچ رکندڙ پارٽين کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.