اڻويهه عورتون
ڪليم ٻٽ
ڪافي وقت کان سنڌيءَ ۾ ناول جھڙي اھم صنف تي سنجيدگيءَ سان ڪم ٿي رھيو آھي. لڳاتار ناول لکجي ۽ ڇپجي رھيا آھن، پڙھيل لکيل دوست ۽ خاص ڪري سنڌي نوجوان ناول جي حوالي سان ڳالھائي ۽ لکي رھيا آھن. جنھن مان صاف ظاھر آھي تھ سنڌي ناول عروج ڏانھن وکون کڻڻ شروع ڪيون آھن. مارڪيٽ ۾ آيل ناولن مان ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو ناول “اڻويهه عورتون” بھ پرهندڙن جي هٿن جي زينت بڻيو آھي، جنھن کي پڙھڻ جو مون کي به موقعو مليو. ڊاڪٽر رسول ميمڻ ناول يا ڪھاڻيءَ جي حوالي سان ڪو نئون نالو نھ آھي، ھو ھڪ ڄاتل سڃاتل ليکڪ آھي. سندس ڪيترائي ناول جھڙوڪر: نجومي، قالو بلا، اڻويھه عورتون، اسٽيل جا پنج گلاس، حليمان (ڪھاڻيون) وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪا آھن. پر مان سمجھان ٿو تھ سندس ناول اڻويهه عورتون ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ ھڪ نرالو انداز پنھنجايو آھي. جيتوڻيڪ سنڌي ناول ۾ موضوعاتي ورجاءُ گھڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر ھيءَ ناول سنڌ جي تاريخ جنهن ۾ به وري عربن جي سنڌ تي ڪيل حملن کي بنياد بڻائي لکيو ويو آھي.
هيءَ 96 صفحن جو ناول آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ کي اهڙي نموني بيان ڪيو ويو آهي جو پڙهندڙ ڪيتري ئي دير تائين ان جي سحر ۾ رهي ٿو. تاريخ کي موضوع بڻائي ناول لکڻ جو هڪ اهم قسم سمجهيو وڃي ٿو جنهن کي انگريزي ۾ historic novel يا historic fiction سڏيو وڃي ٿو. دنيا جا ڪيترائي اهم ناول تاريخ جي موضوع تي لکيل آهن. تاريخ جي موضوع تي لکيل ناول پڙهندڙن کي حقيقي يا خيالي پر هڪ الڳ دنيا ۾ وٺي ويندو آهي. هن قسم جي ناول لکڻ لا ليکڪ وٽ ٻن صلاحيتن جو هجڻ تمام ضروري هوندو آهي. هڪ تحقيق ٻيو تخليق، جيئن تاريخي واقعن ۽ افسانويت ۾ توازن رکي سگهي. جيئن ته گهڻي ڀاڱي ان ۾ حقيقي ماڻهن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ان ڪري هن قسم جي ناول ۾ ليکڪ کي هڪ نرالي ڪهاڻي پنهنجي انداز ۾ ٻڌائڻ جو ڀرپور موقعو ملي ويندو آهي ۽ جڏهن ڊاڪٽر ميمڻ جو هيءَ ناول پڙهجي ٿو ته لڳي ٿو واقعي ڊاڪٽر رسول هڪ نرالي انداز ۾ هڪ نئين ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
تاريخ تي ناول لکڻ لا ڪنهن به ليکڪ وٽ پنج اهم جزن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي:
1_ ترتيب (Setting) تاريخ تي ناول لکڻ لا ترتيب تمام اهم هوندي آهي. ناول لکڻ لا اهو ضروري هوندو آهي ته ڪهاڻيءَ جو مرڪز حقيقي تاريخي واقعو، زمانو يا هند هجڻ گهرجي، مثال طور، ٻين جنگ عظيم دوران برلن يا ماسڪو وغيره.
2_ پلاٽ (Plot) جيئن ته تاريخ جي موضوع تي ناول يا ڪهاڻي حقيقي واقعن ۽ ليکڪ جي افسانوي يا تصوراتي سگهه جو ميلاپ هوندو آهي، ان ڪري خيالي ڪردار ڏيڻ وقت ليکڪ کي پلاٽ کي ڌيان ۾ رکندي اهڙا ڪردار تخليق ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي حقيقي لڳن يا حقيقت جي ويجهو ۽ انهن ڪردارن جي منطقي پڃاڻي به ڏيکارجي.
3_ ڪردار (Characters) ڪردار حقيقي به ٿي سگهن ٿا ۽ افسانوي به، پر انهن ڪردارن جو ورتاءُ، ڳالهائڻ جو انداز، ڪپڙا، ٻولي وغيره انهي دور مطابق هجن جنهن دور کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل هجي.
4_ مڪالمو (Dialogue) تاريخ کي افسانوي شڪل ۾ لکڻ واري لا جيڪو سڀني کان مشڪل مرحلو هوندو آهي، اهو هوندو آهي ڪردارن جا صحيح مڪالما لکڻ. جيڪي انهي دور جي عڪاسي ڪن ۽ ان دور جي ماڻهن جي نفسيات کي بيان ڪن.
5_ تڪرار (Conflict) تڪرار افسانوي ادب جو اهم جزو ليکيو ويندو آهي، تڪرار ٻن ڪردارن وچن ۾ ٿي سگهي ٿو، ڪردار جو پاڻ سان تڪرار به ٿي سگهي ٿو. ريت رواج سان يا وري ڪنهن دشمن يا حملي ڪندڙ سان، پر ان تڪرار کي اهڙي نموني قابو ڪرڻو آهي جو ان ۾ پڙهندڙ پاڻ کي شامل سمجهي.
ناول اڻويهه عورتون جي شروعات ديبل کان نڪتل موسى يمني جي ٻيڙي کان ٿئي جنهن ۾ برهمڻ آباد جي رهواسي ڪهيداس کي غلام بڻائي عراقي حڪمرانن لا مال غنيمت طور موڪليو وڃي ٿو ۽ هتان ئي پڙهندڙ کي پهريون جهٽڪو لڳي ٿو ته هن ناول جو مک ڪردار ڪنهن حڪمران يا قابض بدران هڪ عام ماڻهو آهي، جيڪو علم ۽ ڏاهپ رکندڙ آهي. ان کي “عام ماڻهن جي تاريخ” وارو انداز به چئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ بادشاهن، حاڪم يا فوجي اڳواڻن بدران ڪنهن عام ماڻهو کي مک ڪردار طور پيش ڪيو ويندو آهي. ڪهيداس هڪ ڏاهو نوجوان آهي جيڪو حڪمت کان ويندي تارن جي علم جو ڄاڻو آهي. هن کي هارانسي نالي هڪ سندري سان عشق ٿي وڃي ٿو، اها به انهي ٻيڙي جي قيد خاني ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ هن کي حاڪمن جي عياشي لا موڪليو پيو وڃي.
ناول جي پهرين صفحي تي ڊاڪٽر ميمڻ هي خوبصورت منظر چٽي ٿو:
“ديبل کان روانو ٿئي ٻيڙي کي ٻه ڏينهن گذري چڪا هيا. سمنڊ جي تهه تي ڪوهيڙو ڇانيل هو. ڪوهيڙو ايڏو هيو جو نظر ٻيڙي جي اڳين حصي تائين مس ٿئي پئي، جتي ڪاٺ مان ٺهيل گهوڙي جي منڍي لڳل هئي. مٿي ڊگهن سڙهن جون نوڪون ڌنڌ ۾ ائين اوجهل هيون جيئن تلوارون آسمان جي سيني ۾ کتل هجن.”
ڪهيداس جڏهن قيدخاني ۾ پهچي ٿو ته هو پنهنجي محبوبه کي بچائڻ جو وچن ڪري ٿو. خليفي کي خبر پئي ٿي ته ڪهيداس حڪيم آهي ۽ ان وٽ اهڙو علم آهي جنهن جي مدد سان هو خليفي لا ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪهيداس پوڙهي خليفي کي خاطري ڏياري ٿو ته هن جو علاج ممڪن آهي پر هن کان هن جي رياست ۾ گهمي ڦري ممڪلت بحر بانيا جي جبلن مان جڙي ٻوٽيون هٿ ڪرڻ جي اجازت گهري ٿو. خليفي جي درٻار ۾ هن جا ٽي پٽ به موجود آهن، جن جي ان معاملي تي را الڳ الڳ آهي، پر خليفو ڪهيداس کي ڪم سان لڳڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ هن جي پٺيان هڪ جاسوس به لڳائي ڇڏي ٿو.
ناول جو ٻيو اهم ڪردار خليفي جو وڏو پٽ ابو القاس آهي، جيڪو پيءُ کانپو خليفو ٿيڻو آهي پر هن کي خبر آهي ته هن جا ننڍا ڀائر هن خلاف سازشون ڪندا ۽ تخت تي ويهي رهندا. هڪ ٻي ڳالهه ته ابو القاس نامرد آهي ۽ هن کي ڪوبه اولاد نٿو ٿئي. ان ڪري هو هڪ رات ڪهيداس کي پاڻ وٽ هڪ ڏورانهين محل ۾ گهرائي ٿو ۽ کيس پنهنجي حالت بابت ٻڌائي ٿو. ڪهيداس هن جي بيماريءَ جي علاج ڪرڻ جو واعدو ڪري ٿو پر هن اڳيان اها شرط رکي ٿو ته جيڪڏهن هو قيد ٿيل آيل اڻويهه عورتن مان هن جي محبوبه کي آزاد ڪري. ان تي ابو القاس مونجهاري ۾ پئجي وڃي ٿو، ڇو جو اهي عورتون عراقي حڪمرانن جي امانت آهن ۽ عراقي حڪومت کي اڳئي هنن تي اعتبار نه آهي. انهن کي لڳي ٿو ته ابو القاس وارا مڪران ۽ ڪيڪانان جي باغين جي مدد ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ ڪجهه هن انداز ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٿو:
“عراق جا حڪمران بحر بانيا مان ڪڏهن به خوش نه هيا. انهن کي خليفي جي بيماري کانپو مملڪت جون واڳون سنڀالڻ لا ڀائرن جي وچ ۾ جاري ڪشمڪش جي ڄاڻ هئي. انهن کي خبر هئي ته ٽئي ڀائر هڪ ٻئي خلاف سازشون سٽڻ ۾ مشغول آهن، پر وقت جي تقاضا کي مدنظر رکي اهڙو ڪوبه قدم نه کڻڻ چاهيو ته انهن کي ناراض ڪري بغاوت جي باهه ڀڙڪائي وجهن. عراق جون فوجون دنيا جي مختلف ملڪن اندر جنگين ۾ مصروف هيون. اهي جنگيون بحر بانيا جي مسئلي کان وڌيڪ اهم هيون.”
جڏهن عراق جو حڪمران پنهنجي صلاحڪارن سان بحر بانيا جي حوالي سان صلاح ڪري ٿو ته اهي کيس مشورو ڏين ٿا ته انهن کان سنڌ مان ڦريل دولت گهرائي غلام عورتون ٽئي ڀائر پاڻ ۾ ورهائي کڻن. پر انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست اهڙي انداز ۾ ڪجي جو ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پون. انهن عورتن کي ايئن ورهائين جو انهن جو اڌ ابو القاس کي اچي، وچين ڀاءُ کي چوٿون حصو اچي ۽ آخري ڀا کي پنجون حصو اچي. عورتن جي اهڙي ونڊ ناممڪن ٿي پئي ٿي.
بحر بانيا جي خليفي جي مرڻ کانپو چاليهه ڏينهن تائين مملڪت ۾ ڏک ملهائڻ جي تنبهه ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪو ان حڪم کي نه مڃندو ان کي خلافت جو غدار سمجهيو ويندو. چاليهه ڏينهن جي ڏک کانپو جڏهن ابو القاس تخت تي ويهي ٿو ته ٻئي ڀائر هن کي اڻويهه عورتن جي ونڊ ڪرڻ جو چون ٿا، جيڪا ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. جڏهن ته ڀائر وري اهو سمجهن ٿا ته تخت تي ويهڻ کانپو ابو القاس جي نيت خراب ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي ڪهيداس سفر دوران حسينا نالي هڪ عرب مائي ملي ٿي جيڪا پيٽ سان آهي. هو کيس ٻڌائي ٿي ته راجا ڏاهر هن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي آهي. ڪهيداس ان کي پاڻ سان بحر بانيا وٺي اچي ٿو ۽ ابو القاس کي ٻڌائي ٿو ته ستارن جي علم موجب کيس هڪ پٽ ٿيندو جيڪو هڪ عرب مائي مان هوندو. جڏهن ابو القاس اهو ڳالهه ٻڌي ٿو ته حسينا کي پنهنجي محل ۾ رهائي ٿو ۽ ڪهيداس جي مشوري تي ڀائرن کي درٻار ۾ گهرائي، اڻويهه عورتن جو مسئلو حل ڪري ٿو. ڪهيداس کيس اهو به چئي ٿو ته هو حسينا کي انهن اڻويهه عورتن سان بيهاري. هاڻي عورتن جو انگ ويهه ٿي وڃي ٿو جنهن مان وڏي ڀا جي حصي ۾ ڏهه مايون اچن ٿيون، وچين جي حصي ۾ پنج ۽ آخري جي حصي ۾ چار جيئن عراقي حاڪم جو حڪم، جڏهن ته هارانسي بچي وڃي ٿي ۽ ڪهيداس هن کي پاڻ سان وٺي وڃي ٿو. جڏهن ابو القاس کي حسينا مان پٽ ڄمي ٿو ته ان جي شڪل راجا ڏاهر جهڙي هوندي آهي.
هن ناول کي تاريخ جي اک سان ڏسڻ بدران افساني طور ڏسجي ته هيءَ هڪ خوبصورت ناول آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي اهڙي ته خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي جو پڙهندڙ ڪٿي به ٿڪجي نٿو. هن ناول جو اردو ۾ ترجمو نياز نديم ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ انهي موضوع سان لڳاپيل منهنجو ناول “ڏاهر” 2015ع ۾ ڇپيو. جڏهن ته صفدر زيدي جو تازو ئي اردو ۾ ڇپيل ناول “بنت ڏاهر” به انهي ساڳي موضوع تي آهي.