ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عالمي اڪيلائيءَ جو عذاب

Editorial-Article-Ajaz Mangi

سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو آهي ته هن مهل تائين عالمي امداد مان سنڌ کي هڪ داڻو نه مليو آهي. پاڪستان جي پرائيم منسٽر شهباز شريف چيو آهي ته ڪستو کڻي پنون ٿا. جنهن ملڪ سان رابطو ڪيون ٿا، اهو سمجهي ٿو قرض لاءِ فون ڪئي اٿن.
اها آهي ته اسان جي حڪومت حالت! جڏهن ته عوام جي حال جو پوري دنيا کي پتو آهي.
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي پسي ويو آهي ته ماڻهو ڪهڙي مصيبت ۾ مبتلا آهن. هو پوري دنيا کي اپيل به ڪري ويو ته پاڪستان جي مدد ڪيو ۽ ان سان گڏ سرمائيدار ملڪن کي ميار به ڏئي ويو ته ماحولياتي مصيبت جو سبب اوهان آهيو ۽ ان جي قيمت پاڪستان پيو ادا ڪري. پر ان جي باوجود هن مهل تائين ڪٿان ايتري امداد نه پهتي آهي، جنهن کي ميڊيا ۾ منهن ڏيکارڻ جو موقعو ملي سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر اهي عرب ملڪ ۽ خاص طور تي اهو سعودي عرب جنهن جي ساٿ تي هن ملڪ سدائين ناز ڪيو ۽ جنهن جي حڪمرانن جي مدد لاءِ اسان جي حڪمرانن آخري حد تائين وڃڻ لاءِ صرف اعلان نه پر عملي مظاهرو به ڪيو آهي. پر اڄ هن وٽ به اسان لاءِ ڪجهه ڪونهي.
چين، اهو چين به چپ آهي، جنهن جي دوستيءَ کي اسان سمنڊ کان گهرو ۽ هماليا کان بلند ڪوٺيندي ڪڏهن به ڪو نه ٿڪياسين. هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ چين جي مدد نالي ماتر به ناهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ ايران مٿان اسان ڪو الزام مڙهي به نه ٿا سگهون. ڇو ته ايران جي تعلق کي اسان سعودي عرب جي حڪمرانن مٿان گهوري گهمايو آهي. ڀارت ته آهي ئي اسان جو دشمن. باقي بچيو افغانستان، سو اهو اڄ به ڀڳل ٻانهن وانگر پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ لڙڪي رهيو آهي. جڏهن هڪ ملڪ کي پنهنجي پاڙي مان اهڙي موٽ ملي ته ان ملڪ کي باقي دنيا ڇا ڏيندي؟
ڪٿي آهي ترڪي؟ جنهن سان شهباز شريف وارا پنهنجي خانداني دوستيءَ جو دعوائون ڪندا هئا. جن جي ڊرامن کي اسان جو عوام ائين ڏسندو رهيو آهي، جيئن اهي اسان جا مددگار ۽ محافظ هيرا هجن. ڪٿي آهن اهي ملڪ جن ملڪن لاءِ پاڪستان پنهنجون عالمي قربانيون ڪنهن کي ٻڌايون به نه! هن آفت جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان ايترو اڪيلو آهي، جيترو اڪيلو هو اڳ ۾ ڪڏهن به ڪو نه هو. جڏهن ته پاڪستان جي تنهائيءَ جي سزا حڪمرانن کي نه پر ٻوڏ سٽيل عوام کي ملي رهي آهي. ڇو ته حڪمرانن وٽ ته حڪومت آهي. ان وٽ ته اڄ به پروٽوڪول آهن. حڪمرانن جي ٽيبل مٿان اڄ به هر ڏينهن امپورٽيڊ گل سجايا وڃن ٿا. انهن کي ته هر صورت ۾ اهو ئي مزو ملي ٿو، جيڪو ملندو رهيو آهي. پر پيڙا ۾ آهن ته اهي ٻوڏ سٽيل ماڻهو جن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن لاءِ دنيا ڪجهه به نه ٿي ڏئي. جيڪڏهن دنيا انهن کي ان جو ڪڻو نه ٿي ڏئي ته ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڇا ان جو سبب هتان جو عوام ۽ خاص طور تي سنڌ جو عوام آهي؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن هن عالم لاءِ ڪڏهن مصيبت وارو ماحول پيدا ڪيو آهي؟ سنڌي ماڻهن جي ٻارن ته سدائين اسڪولن ۾ ڀٽائيءَ جو اهو بيت پڙهيو آهي ته:
”سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين“
سنڌ جي ماڻهن ته عالم جي آباديءَ جون دعائون گهريون آهن ۽ هن وقت به گهرن ٿا پر هي عالم سنڌ جي ماڻهن کي هن مصيبت ۾ انسانيت جي حوالي سان ايتري مدد به نه ٿو ڪري، جيتري ٻڏندڙ جي مدد ڪنڌيءَ تي اڀريل ٻوڙا ڪندا آهن. حڪمران ٻڌائي سگهندا ته ڇو؟ هن دنيا جي دل اسان جي سلسلي ۾ ايتري سخت ڇو ٿي وئي آهي؟ ڇا ان جو سبب اسان جو عوام آهي؟ يا ان جو ڪارڻ اسان جا حڪمران آهن؟
انهن سوالن جا جواب حڪمرانن کي هر حال ۾ ڏيڻ گهرجن. جيڪڏهن هو مدد نه ٿا ڏين. جيڪڏهن هو ماني نه ٿا ڏين. جيڪڏهن هو اجهو نه ٿا ڏين. جيڪڏهن هو ٻار ۽ بيمار ڍور بچائي نه ٿا سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ٻڌائي سگهن ٿا ته انهن کي دنيا جا دولت مند ملڪ به مدد لاءِ مناسب نه ٿا سمجهن. ڇو؟ انهن ماڻهن ۽ خاص طور تي موهن جي دڙي جي ماڻهن عالمي برادريءَ جي ڪهڙي ٻلي ماري آهي؟
هن وقت جيڪڏهن عالمي برادري پنهنجي مددگار مٺ ڀيڪوڙي بيٺي آهي ته ان جو سبب اسان جي حڪمرانن جون پاليسيون ۽ انهن جو ڪردار آهي. دنيا ڏسي پسي رهي آهي ته متاثر ماڻهن جو مال سدائين پاڪستان جي حڪمرانن کاڌو آهي. هو هن مهل به جيڪڏهن مدد نه ٿا ڪن ته ان جو سبب اهو آهي ته انهن کي پوري پڪ آهي ته انهن جي مدد مان حڪمران گهوٻيون هڻندا. جيڪڏهن عالمي برادريءَ کي اها پڪ هجي ته اهڙو ڪجهه نه ٿيندو ته شايد هن جي موٽ مختلف هجي.
پاڪستان جي اميج کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪرپشن جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي پر فقط ڪرپشن پاڪستان کي بدنام بڻائڻ جي ذميوار ناهي. اها پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ناڪامي آهي، جنهن پاڪستان کي اهڙا ڏينهن ڏسڻ تي مجبور ڪيو آهي. پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان پاڪستان ٻن ناڪامين جو شڪار ٿيو آهي. هڪ ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ اهو توازن نه رهيو آهي، جيڪو عالمي لاڳاپن جي سلسلي ۾ تمام گهڻو اهم هوندو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف ملڪ، بلڪه پنهنجي بنيادي ۽ بيحد پراڻي دشمن ملڪ ڀارت جو مثال وٺون ته ان جي پرڏيهي پاليسي اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ کان ان ريت بهتر رهي آهي جو هن مهل به مسلمان ملڪن سان هن جا معاهدا اسان جي ملڪ کان بهتر آهن. هن مهل به عرب ملڪن ۾ جيتري ڀارت جي هلي ٿي، ايتري اسان جي نه ٿي هلي. ان حد تائين جو ڀارت جا جنوني حڪمران هڪ پاسي پنهنجي ملڪ جي ڪروڙن مسلمانن سان اڇوتن وارو رويو رکي ويٺا آهن ۽ انهن جا گهر گهاٽ محفوظ ناهن پر پوءِ به عرب ملڪ انهن حڪمرانن جي ڳچيءَ ۾ سونا هار ٿا سجائين. ڇا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ان کان وڌيڪ ناڪامي ممڪن آهي؟
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ناڪاميءَ جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته پاڪستان جا سفير پنهنجي ڪم ۾ مهارت به نه ٿا رکن ۽ انهن ۾ حب الوطنيءَ جو اهو جذبو به ناهي، جيڪو دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي حوالي سان مددگار ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ پراڻو ۽ جڳ مشهور پهاڪو آهي ته ”پير کي خليفا کڻندا آهن“ پاڪستان جا خليفا هن جا سفير ۽ اهي سفارتڪار آهن، جن کي نيون ۽ چلڪندڙ گاڏيون ۽ مهانگا لباس ۽ پر تڪلف دعوتن مان ايترو وقت ئي نه ٿو ملي جو هو پنهنجي ملڪ لاءِ انهن ملڪن جي حڪمرانن ۽ انهن ملڪن جي عوام ۾ محبت نه ته گهٽ ۾ گهٽ احساس ۽ رحم جو ڪو اهڙو جذبو جاڳائين، جنهن سان پاڪستان لاءِ پيدا ٿيل منفي ماحول ۾ هڪ حد تائين مثبت تبديلي اچي.
عالمي برداري ان سموري ماحول ۽ پسمنظر جي باوجود به پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي سگهي ٿي پر ان لاءِ اهو ضروري آهي ته پاڪستان فيصل ايڌيءَ جهڙي ايماندار، هوشيار ۽ پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندڙ ماڻهو جي صلاحن ۽ تجويزن تي عمل ڪري. فيصل ايڌيءَ ڪراچي پريس ڪلب ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو، ان تي تر جيترو به عمل نه ڪيو ويو آهي. هن صاف لفظن ۾ چيو هو ته ”هيءَ ايمرجنسيءَ جي صورتحال آهي. هن مهل پاڪستان کي سڀ ڪجهه وساري متاثر ماڻهن جي مدد تي فوڪس ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جون سرحدي سختيون به نرم ٿيڻ گهرجن ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل اين جي اوز جي مٿان لاڳو پابندي هٽائي ۽ انهن جا اڪائونٽ بحال ڪري ۽ ان کان سواءِ پاڪستان پنهنجا غيرترقياتي خرچ فوري طور تي گهٽ ڪري.“ ڇا پاڪستان جي حڪمرانن فيصل ايڌيءَ جي انهن تجويزن کي قبول ڪندي، انهن مٿان عمل ڪرڻ جي ذري جيتري به ڪوشش ڪئي آهي؟ جيڪڏهن پاڪستان جا حڪمران هن موقعي تي متاثر ماڻهن جي مدد جي ماهرن جو موقف نه مڃيندو ته پاڪستان ۾ مدد جو ڪم ڪيئن ٿيندو؟
عام ماڻهن پاران پنهنجي متاثر ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ جي هڪ حد هوندي آهي. اها حد مدد جي حوالي سان به هوندي آهي ۽ اها حد وقت جي سلسلي ۾ به هوندي آهي. هن ملڪ جو عوام پاڻ مهانگائيءَ جي مصيبت جو سٽيل عوام آهي. هن جا پنهنجا تمام گهڻا مسئلا آهن. هو پنهنجي متاثر ڀائرن ۽ ڀينرن جي گهڻي مدد ۽ گهڻي وقت تائين مدد ڪري نه ٿو سگهي. ان لاءِ حڪومت کي ئي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت جي انداز مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هو ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران وقت گذارڻ جي پاليسيءَ تي هلي رهيا آهن ته جيئن ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ جي تحت ڪجهه ڪن ۽ پنهنجن گهرن ۾ موٽي پنهنجي نئين سر زندگيءَ جي شروعات ڪن. ان ماحول ۾ ماڻهن جي مٿان سرڪار سختيءَ جو سوچي رهي آهي. ان سختيءَ جي ابتدا هاڻي کان نظر به اچي رهي آهي. ڇو ته سرڪار جو ميڊيا وارو شعبو ماڻهن لاءِ مدد جو ماحول مچائڻ بدران عوام جي عذابن کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي. هن صورتحال ۾ پاڪستان کي عالمي اڪيلائي جي عذاب مان نڪرڻ جي ڪا نه ڪا واٽ تلاش ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button