سنڌ جو عوام هاڻي يعني هنن حالتن ۾ گذرندي ڪهڙو دور گذاري پيو. انهيءَ جو تعين ڪرڻ يا سمجھڻ کانسواءِ اسان نه پنهنجي اهنجن ۽ عذابن کي ختم ڪري سگھنداسين ۽ نه وري اسان مستقبل جي ڪا تعمير راهه سوچي سمجھي ۽ انهيءَ تي اڳتي وڌي سگھنداسين. هيءَ سوال بنيادي آهي ته ڇا اسان هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏن ڪري مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا آهيون يا معاملو انهن مشڪلاتن کان ڪجھه وڌيڪ وڌيل آهي، يعني اسان تاريخ جي هن دور ۾ پاڻ کي زوال جي ولوڙ ۾ جڪڙيل ٿا سمجھون. مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي سگھه ته انسان ۾ آهي ۽ انهيءَ کان وڏي سگھه مجموعي طور تي اجتماعي طاقت ۾ هوندي آهي، يعني سماج ۾ ڪنهن به قوم جي سماج ۾ اها طاقت هميشه ان وقت وڌ کان وڌ اڳتي ٿي وڌي جڏهن مشڪلاتون آڏو اچن ٿيون. انهن کي منهن ڏيڻ جو هڪ رستو هي هوندو آهي ته پنهنجي طاقت ۽ اعتماد يعني عزم سان انهن کي هٽايو ويندو آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ سماج مشڪلاتن کي منهن ڏيندي پاڻ ۾ تخليقي صلاحيت پيدا ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان پوري انساني تاريخ ۾ اهو ڏسي سگھون ٿا، جيڪڏهن سماجن تي ڪن جنوني ۽ وحشين جي جنونيت ۽ طاقت جي حوس سبب جنگيون لڳيون ۽ مسلط ٿيون ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي تخليقي رستا ڳولهيا ويا ۽ اهڙا هٿيار ايجاد ڪيا ويا جن سان ڪمزورن پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻيا اجتماعي تصورن ۽ اتحادن جون تحريڪون نظريا تخليق ٿيا، جنهن سان ان جنونيت کي روڪي سگھجي.
ساڳي ريت جڏهن اسان تاريخ ۾ ڏسون ٿا ته غلامي وحشت سان ڪمزورن کي ڀيڪوڙڻ لڳي ته ان جي خاتمي جون تحريڪون هليون ۽ انهيءَ کان وڌيڪ خود سماج جي تبديليءَ جو نظريو اڳتي وڌيو، يعني غلامي جي ڳٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ان وقت جا جاگيرداري سڌارا وجود ۾ آيا. جاگيرداري سماج اڳتي هلي جڏهن مشڪلن کي وڌايو ته انهيءَ جي
خاتمي لاءِ خود انهيءَ جي ڪک مان ئي سرمائيداري نظام ۽ نظريي جنم ورتو. سرمائيداري استحصال جبر جي انتها ڪندي جڏهن پورهيتن کي ڀيڪوڙڻ شروع ڪيو ته ان خلاف هڪ طرف مزاحمت ٿي ته انهيءَ سان گڏوگڏ سوشلزم جي نظريي سرمائيدارن کي ڌوڏي ڇڏيو. سوشلسٽ انقلابن جي اچڻ کانپوءِ سرمائيدار طبقي اهو محسوس ڪيو ته هيءَ رڳو نظريو نه پر حقيقت ۾ انهن جو موت آهي ته هو پوئتي هٽي سڌارن تي ڪم ڪرڻ لڳا ۽ اها وحشت پنهنجي شدت گھٽائيندي انسانيت ۽ جمهوريت جا نعرا بلند ڪرڻ لڳي. ڀلي انهن نعرن ۾ انهن جو پنهنجو بچاءُ هجي پر سماج لاءِ ۽ انسانذات جي لاءِ ڪافي مراعتون ملڻ لڳيون. انهيءَ کانپوءِ ئي فلاحي رياست جو نظريو يا تصور پيش ڪيو ويو.
چوڻ جو مطلب هي آهي ته سماج ۾ مشڪلاتون جڏهن وڌن ٿيون ته انسان انهن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون تخليقي صلاحتيون به وڌائي ٿو. اهوئي سبب آهي جو انساني تاريخ ۾ مشڪلاتون خوفناڪيون پيدا ناهن ڪنديون پر خوفناڪي تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن سماج زوال جو شڪار ٿئي. زوال جي نپوڙ انتهائي خوفناڪ ۽ خطرناڪ هوندي آهي ڇو ته زوال جو مطلب هيٺ لهڻ ڪرڻ ۽ مٽجڻ ڏانهن وڃڻ آهي. ٻپهري کان پوءِ سج جڏهن لهڻ شروع ڪندو آهي ته انهيءَ سفر کي زوال چيو ويندو آهي. جڏهن ڪنهن سماج ۽ قوم تي زوال اچي وڃي يعني زوال جي پنجوڙ ۾ ڦاسي پئي ته ان جي ترقي اوستائين ناممڪن آهي، جيستائين هو پاڻ کي آجو نٿا ڪن. زوال سڀ کان پهرين سماج جي اجتماعي نظريي کي ختم ڪري ٿو. زوال اخلاقيات کي تباهه ٿو ڪري، زوال وحشت ۽ جنونيت کي پيدا ڪندي انفراديت کي هٿي ٿو ڏئي جنهن جي نتيجي ۾ اخلاقيات ۽ تخليقي صلاحيت قومي سوچ ۽ فلاح جا بنياد ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پورو قومي ڍانچو يا اسٽرڪچر ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
هن وقت جيڪي قومون پنهنجي اندروني بحرانن ۾ رهندي زوال جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن انهن جي اخلاقيات، تعليم، سماجيات مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿيل نظر اچي پئي. جن ۾ خاص ڪري آفريڪي ملڪ ۽ ايشيا جا ڪجھه ملڪ شامل آهن پر جيڪي قومون زوال جي گرفت مان نڪري جدوجهد ڏانهن اڳتي وڌن ٿيون، انهن جي آڏو تمام گھڻي کان گھڻيون مشڪلاتون ته اچي سگھن ٿيون يا آهن ۽ انهن کي پنهنجي قومي ۽ اجتماعي شعور جي بنيادن تي اهو پورو يقين آهي ته هو هڪ ڏينهن پنهنجي مشڪلاتن کي ختم ڪري پنهنجي نجات حاصل ڪندا. يعني زوال جو بنياد سماج جي اجتماعي فڪر ۽ نظريي خلاف هوندو آهي. جڏهن سماج جو اجتماعي نظريو پختو ٿو ٿئي ته اها قوم ۽ اهو سماج زوال کان آجو ٿي وڃي ٿي. هن وقت سنڌ جي صورتحال ڪيتري به مشڪل ۽ ڏکي آهي، انهيءَ کي منهن ڏيڻ يا ختم ڪرڻ يا ان بحران کان ٻاهر نڪرڻ سنڌي قوم لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ڏکيو ناهي پر اسان کي هن وقت وڌ کان وڌ هن مشڪلاتن کان وڌيڪ پريشاني ۽ پيڙا اها آهي ته سنڌ پنهنجي اجتماعي عوامي مفادن جي نظريي ۾ تمام گھڻو پوئتي ۽ ڪمزور بڻجي چڪي آهي، تنهنڪري اسين اهو چئي سگھون ٿا ته هن وقت سنڌ مشڪلاتن کان وڌيڪ زوال جو شڪار آهي. ظاهر آهي ته اجتماعي سوچ ۽ نظريو پنهنجا فطري ۽ جبلتي ڪيترا به اثر رکي پر انهيءَ جو وڌاءُ ۽ انهيءَ جي طاقت سياست جي نظرين ۽ اصولن سان جڙيل آهي. جيستائين سياست ۾ قومي مفاد انساني مفاد ۽ اخلاقي قدر مضبوطيءَ سان شامل ٿيندي عمل ۾ نه ايندا ان وقت تائين سماج ۾ انهيءَ جو ڪو به اثر نظر نه ايندو ۽ نه وري رياست ۽ حڪومت پاڻ کي انهن اصولن جو پابند سمجھندي. اسان کي اهو به چڱي ريت ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته رياست بذات خود ڪو به نظريو ناهي رکندي پر رياست جي ادارن ۾ هميشه نظريا سياسي بنيادن تي اڳتي وڌندا آهن ۽ اهي نظريا يعني سياسي نظريا ئي رياست جي آئين ۽ قانون جي تشڪيل ڪندي ادارن جي نفسيات جوڙيندا آهن. تنهنڪري انهن کي ڪڏهن به سياست کان الڳ ٿلڳ ٿيل نه سمجھڻ گھرجي.
جڏهن ڪنهن رياست جي اندر ادارن جو ڪردار تهذيبي ترقيءَ ۾ واڌارو ڪندي نظر نه اچي ته اهو سمجھڻ انتهائي سولو آهي ته رياست پنهنجي ڪردار ۾ تهذيب ۽ سياست جا اهي سماجي فرض ادا ڪرڻ جي طاقت نٿي رکي. تنهنڪري مجموعي طور اها رياست ۽ ان جا ادارا سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران ٻه قدم پوئتي وٺي ويندا آهن ۽ سماج زوال ڏانهن وڃڻ شروع ڪندو آهي. هن ملڪ ۾ عوام جي اجتماعي صورتحال تقريبن ساڳي آهي پر سنڌ جو حال وڌيڪ برو آهي. بلڪل ائين جيئن ڪنهن اسپتال ۾ هڪجهڙي بيماريءَ جا مريض هجن پر ڪجهھ مريضن جي حالت وڌيڪ خراب نظر ايندي هجي. ظاهر آهي ته اها اوڏهي سنڌ کي جاگيرداري ۽ موقعي پرست ڪرپٽ سياست جي لڳل آهي ۽ انهيءَ جو جيڪڏهن خاتمو نه ٿيو ته سنڌ پنهنجو سماجي ڍانچو وڃائيندي تتر بتر ٿي ويندي. سنڌ کي هن وقت ٻوڏ جي مشڪلاتن کان وڌيڪ خطرو زوال جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل هجڻ جو آهي. جيستائين انهيءَ پنجوڙ مان سنڌ ٻاهر نه نڪرندي تيستائين نئين سر تعمير ڪرڻ جو سوچي به نٿي سگھي. نئين سر تعمير جو مطلب پوري سماجي اخلاقيات سان گڏوگڏ سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جا بنياد هوندا آهن. انهيءَ لاءِ سنڌ کي مضبوط ۽ طاقتور سياسي ڌارا جي ضرورت آهي. سنڌ جو شعور ان جي تعمير ۾ اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سنڌ عوامي قومي جمهوري سياست سهل پسنديءَ کان نڪري تاريخ جو هڪ وڏو پورهيو ڪري، قومي تعمير جو فرض ادا ڪندي، جيڪڏهن سرخرو نه ٿي ته هيءَ زوال جي بيماري سڀني کي ختم ڪري ڇڏيندي.