تحقيق مطابق سنڌ جي زمين کي پيدا ٿئي ذري گهٽ ساڍا ٽي ڪروڙ سال ٿيا آھن ۽ انھي سرزمين جي عظيم صحرا ٿر جي اولھه ۽ کيرٿر جابلو سلسلي جي اوڀر ۾ موجود زرخيز پٽ کي سنڌو درياءَ جي سوين ھزارين سالن جي لٽ ٺاھيو آھي. سنڌو درياءَ کي “سنڌ مھاساگر” به سڏيو ويو آھي. جڏھن “سائر” جو لفظ سنڌو لاءِ استعمال پئي ٿيو آھي، جنھن جي معنيٰ سمنڊ آھي. ڪجهھ رايا اھي آھن ته سنڌو مھاساگر ھندي سمنڊ کي سڏيو ويندو آھي پر ھڪ راءِ اھا به آھي ته پراڻي وقت ۾ جڏھن سنڌو درياءَ وھندو ھو ته پنھنجي ٺاھيل زرخيز پٽن کي به لٽي ڇڏيندو ھو ۽ پوءِ اھو علائقو ۽ سمنڊ ھڪ ٿي ويندا ھئا. سڪندر اعظم جڏھن سنڌو درياءَ جو پيٽ ڏٺو ته ان وقت به انھيءَ کي درياءَ نه بلڪه سمنڊ ئي سمجھيو ۽ سڏيو ويو. انھيءَ ڪري ئي شايد دنيا جو ھيءَ واحد ۽ انوکو درياءَ آھي جنھن کي “ساگر” ۽ “سائر” سڏيو ويو آھي.
سنسڪرت ٻوليءَ ۾ به لفظ “سنڌو” جي معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءَ آھي. انھيءَ درياءَ جي الھندي پاسي سندس لٽ ھيٺ آيل زرخيز پٽن جي وچ مان اولھه پاسي الھندو نارو ۽ اوڀر ۾ اڀرندو نارو نڪرندا ھئا. اُلھندو نارو اڄ جي رائيس ڪينال، ميھڙ ويجهو گذري شايد اڄ جي گوزو شھر وٽان ھڪ طرف ايم اين وي جو رستو وٺي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. جڏھن ته ڪجھه حصو هيلوڪي ٻوڏ ۾ ٻڏل خيرپور ناٿن شاهه جو ڏکڻ پاسو وٺي سيتا روڊ شھر جو ڏکڻ وٺي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. سيتا جي ڏکڻ ۾ وس ۽ اڻ وس باوجود ڍنڍ جي موجودگي ان جو اھڃاڻ آھي. ائين ئي اڀرندو نارو جيڪو سنڌو درياءَ جو مددي درياءَ جي حيثيت رکندڙ ھو، ستلج درياءَ جي پوڇڙي سمجھيو وڃي ٿو ۽ ڪنھن جاءِ تي ھاڪڙو يا پراڻ سڏيو وڃي ٿو. اڄ جي نارا ڪينال جي راهه جي لنگهن کي پار ڪري “ڪاري کاريءَ” وٽ گهاري وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو يا ڪڇ ڏانهن ھليو ويندو ھو جنھن کي ڪڇ جي حڪمرانن سان جهيڙي کانپوءِ سنڌ جي حاڪم غلام شاهه ڪلھوڙي بند ڏيئي روڪي ڇڏيو ھو. ائين به ٿيو آھي ته مختلف ڍورن ۾ ڦھليل ۽ وھندڙ سنڌو جي ٻوڏ جو پاڻي درياءَ لھڻ جي صورت ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪوٽڙي ڪبير کان ڦيرو کائي سڳيون وٽ درياءَ ۾ واپس ھليو ويندو ھو. اڃا به درياءَ جي ٻوڏ ڍورو ڪري شھدادپور تائين وھي ھلندي ھئي ۽ درياءَ جي لاٿ جي نتيجي ۾ اھو پاڻي ٽنڊو آدم جي اتر ۾ سڪرنڊ وٽ درياءَ ۾ واپس ڇوڙ ڪندي ھئي. حاصل مطلب اھو ته سنڌو درياءَ ۾ غيرمعمولي ٻوڏ پنھنجي لٽ واري پٽن تي پنھنجي تاريخي حدن ۾ ئي پنھنجو وھڪرو مٽائي مسلسل اڳتي پوئتي پئي ٿيندو ھو ۽ الھندي توڙي اڀرندي ناري جي مختلف وھڪرن ۾ سفر ڪري واپس درياءَ ۾ پنھنجي ٻوڏ ڇڏيندو ھو ۽ درياءَ ۾ وھڻ شروع ڪندو ھو. سنڌ کان سوين ميل پري اتر اولهھ ۾ ڪوهه سليمان ۾ برسات جو پاڻي به اڄ جي ڊيرا غازي خان ۽ راجنپور سميت سنڌ سان ڪھلو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل بلوچستان جي درياءَ مُولا ۽ درياءَ بولان سميت نئين گاج جي مددي وھڪرن جو برساتي پاڻي ڍورا بڻجي سنڌو درياءَ جي اولھه ۾ ئي ڇوڙ ڪندو ھو. انھي پاڻيءَ سان ڪچي ڪاڇي جا ماڻھو جهيڙيندا به ھئا، پنھنجون وسنديون به بچائيندا ھئا ته ان جي پاڻيءَ کي پنھنجون ٻنيون سيراب ڪرڻ لاءِ استعمال به ڪندا ھئا. اھي ماڻھو ئي اڄ جي سنڌو جي الھندي ۽ اڀرندي ڪنڌي ۽ الھندي اڀرندي ناري ذريعي وچان سير ڏنل زرخيز لٽن ۽ پٽن کي آباد ڪندا ھئا. انھن ئي ماڻھن سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو،نوابشاهه، شھداد پور، ٽنڊو آدم، حيدرآباد، سجاول ۽ ٺٽو آباد ڪيا. جنھن سنڌ جي معيشِت ۾ ڪرنگھي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ھتان جي تھذيب ۽ تمدن کي وڌايو ويجهايو.
اھا ڪھاڻي سکر بيراج کان اڳ جي آھي. 2022ع جي غيرمعمولي برساتن جي نتيجي ۾ برپا ٿيل مھا ٻوڏ سنڌو درياءَ جي آباد ڪيل شھرن، واھڻين ۽ وسندين کي تاراج ڪري ڇڏيو آھي. سنڌو درياءَ جي تازي قھر کان فقط سندس جاگرافيائي حدن ۾ موجود اھا سنڌ ئي بچي سگهي آھي، جنھن کي سنڌ پنھنجو لٽ ڇڏي زرخيز نه بڻايو ھو. ڪوهه سليمان کان ايندڙ ٻوڏ سکر بيراج کان پوءِ پاڻيءَ جا لنگھه روڪيندڙ ايف بند ٽوڙي حمل کان منڇر ۽ ڪرمپور وٽ درياءَ جا بند ٽوڙي ھڪ سئو ڪلوميٽر ڊگهي ايراَضي ۾ ڦھليل شھر ۽ ڳوٺ تاراج ڪندو واپس درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري رھيو آھي. جڏھن ته اڀرندي ناري جي حدن واري درياءَ جي لٽ ذريعي آباد ٿيل سنڌ کي برساتن ٻوڙي ڇڏيو آھي ۽ ڪنھن کي ڪا خبر ڪانھي ته خيرپور ميرس ضلعي جي وسندي ٺيڙھي کان ٻانڌي تائين ۽ ايل بي او ڊي جي ابتدا نوابشاهه کان بدين ۽ نئون ڪوٽ تائين ڦھليل پاڻيءَ جو نيڪال ڪيئن ٿيندو. ٿي سگھي ٿو ته ايل بو او ڊي ذريعي انتھائي نقصان ڏيڻ ۽ لاڙ جا اھم شھر تاراج ڪرڻ کانپوءِ اھو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي به وڃي پر سري واري سنڌ جي پاڻيءَ کي ڪو لنگھه ڪونھي جنھن پاڻيءَ کي يا ته اڀرندو نارو کڻي ويندو ھو يا ٻوڏ لھڻ کانپوءِ پنھنجي قدرتي لنگھن ذريعي واپس درياءَ برد ڪيو ويندو ھو. جڏھن ته اھي ٻيئي آپشن درياءَ جي قدرتي وھڪرن جي رنڊ روڪ ڪري ھن وقت بند آھن ۽ سوين ميلن تي ڦھليل درياءَ جي اوڀر واري سنڌ پنج کان ڏهه فوٽ پاڻي ۾ ٻُڏل آھي ۽ حڪومت جي مٿي تي ھٿ آِيل آھن.
سنڌ جو وزير اعليٰ چوي ٿو ته سموري سنڌ ۾ ھن وقت اتر کان ڏکڻ طرف ھڪ درياءَ وھي رھيو آھي. اھو اڌ سچ آھي. سنڌو درياءَ جا تازا وھڪرا موجودہ چوماسي ۾ 6 لک ڪيوسڪ جو انگ ئي پار ڪري سگهيا آھن. جيڪڏھن درياءَ جي ٻنھي ڪنڌين ٻُڏڻ دوران درياءَ ۾ 2010ع جي ٻوڏ جيترو چاڙهه ھجي ھا ته پوءِ سنڌ جي صورتحال ڇا ھجي ھا. اڃا به اھو ته جيڪڏھن سنڌ ۾ پيل تازيون برساتون پنجاب ۽ اترين علائقن ۽ سنڌو جي مٿاھين حدن ۾ به ايتري مقدار پون ھا ته پوءِ ڇا ٿئي ھا ۽ جيڪڏھن انھي سموري خطي ۾ برساتون اڃا به وڌيڪ پون ھا ته پوءِ سنڌ جو ڪھڙو حشر ٿئي ھا ۽ پوءِ جيڪڏھن سنڌو درياءَ قيد مان آزاد ٿي پنھنجي لٽ واري الھندي اڀرندي زرخيز پٽِي ۽ قدرتي لنگھن تي وھڻ شروع ڪري ھا ته پوءِ ڇا ٿئي ھا. سنڌ جنھن جي انساني زندگيءَ جي عمر ھزارين سال ٻُڌائي پئي وڃي، انھي عرصي دوران ھيلوڪي برساتن سميت اڃا به وڌيڪ خوفناڪ برساتن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺو ھوندو ۽ درياءَ بادشاهه ڪيئن نه مستيءَ ۾ جھومي اٿيو ھوندو ۽ پوءِ ائين ئي ڪنھن سال ڪنھن چوماسي ۾ موھن جو دڙو جي تھذيب ڪيئن نه تاراج ٿي ھوندي سمجهي سگهجي ٿو.
درياءَ جي باقاعدہ رنڊ روڪ 1932ع ۾ سکر بيراج جي تعمير سان ٿئي ٿي. درياءَ جي قدرتي وھڪرن ۽ لنگهن کي روڪيو ويو يا محدوود ڪيو ويو ۽ ڪوهه سليمان کان ڪاڇي جي پٽن تي بادشاھي ڪندڙ پاڻيءَ جي وشال وھڪرن جي سمورن رستن کي ايف پي بند ذريعي موڙي محدود لنگھه ذريعي 180 چورس ميل جيتري محدود منڇر طرف موڙي انتھائي معمولي ۽ ننڍي گهيڙ ذريعي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو منصوبو عمل ۾ آندو ويو. انھي رستا روڪ ۾ ٻيو مرحلو گُڊو بيراج ۽ درياءَ جي آزاديءَ تي ٽيون وار ڪوٽري بيراج جي صورت ۾ مليو آھي. سون تي سھاڳو درياءَ سنڌ جي انھن وھڪرن سميت اڀرندو نارو کي نارا ڪينال جي نالي ۾ سوڙھو ڪري، ھاڪڙي، پراڻ سميت الھندي پاسي بلوچستان جي دريائن، ڍورن جي لنگھن تي مسلسل رڪاوٽون کڙيون ڪري روڪڻ آھي. جتي شھر ڳوٺ آباد ٿي ويا آھن. ان کانسواءِ وڌيڪ ويڌن اھا ٿي آھي ته سنڌو درياءَ تي درياءَ جي مزاج کي سمجھڻ کانسواءِ قائم ڪيل لاڙڪاڻو، دادو، جهرڪ ۽ ٺٽي واريون اھي پلون آھن جن درياءَ جي پاڻيءَ جي رستا روڪ ڪئي آھي. نتيجي ۾ درياءَ جي بندن تي دٻاءُ وڌيو آھي. اڃا سنڌ سان ويڌن اھا به ٿي آھي ته درياءَ جي ڪچي ۾ زمينداري بند قائم ڪيا ويا آھن. جن درياءَ جي پاڻيءَ کي آزاديءَ سان وھڻ کان روڪي رکيو آھي.
جڏھن جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ غيرمعمولي برساتون پيون ته درياءَ بادشاهه ذريعي سمنڊ ويندڙ ٻوڏ جي پاڻي اھي رستا ورتا، جتان ھو صدين کان سفر ڪرڻ جو عادي ھو ۽ پوءِ نقصان ڪندو پنھنجا رستا ٺاھيندو وسنديون ٻوڙيندو سمنڊ طرف ڌوڪيندو وڃي رھيو آھي. درياءَ پنھجي الھندي حصي واري ٻوڏ سمنڊ ڏانھن موڪلي رھيو آھي. جڏھن ته اوڀر ۾ گهڻيون رڪاوٽون ھجڻ ڪارڻ پنھنجي راهه ٺاھڻ جي جستجو ۾ سڀ ڪجھه ڊاھڻ جي سفر ۾ آھي. سنڌ جي زرخيز ضلعن ۾ زمينن جو واڌو پاڻي اسڪارپ پروگرام ھيٺ ٽيوب ويلن ذريعي سم نالن ذريعي ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي ذريعي سمنڊ ۾ چوڙ ڪرائڻو ھو پر نه ڪٿي اسڪارپ پروگرام ئي موجود ھئا نه موجودہ برساتن ۾ انھي اسڪارپ کاتي جا ٽيوب ويل ئي نظر آيا.
درياءَ جي رستا روڪ ناقص منصوبابندي ۽ ھنگامي صورتحال جي صورت ۾ ڪو ٻيو پلان نه ھئڻ جي ڪارڻ ئي سنڌ جي زرخيز پٽن ۽ سنڌوءَ جي لٽ واري زمين تي قيامت صغريٰ برپا آھي. ڊگهي عرصي جي ادارتي ڪرپشن ۽ گذريل ڪجھه عرصي کان مورڳو ادارن خاص طور آبپاشي کاتي جي غيرموجودگي صورتحال کي انتھائي گنڀير بڻائي ڇڏيو آھي ۽ سنڌ حڪومت کي سمجهھ ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي. تازي ٻوڏ دوران ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف کي شھدادڪوٽ جي دوري دوران بلاول ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ نادر مگسي وچ ۾ بريفنگ دوران پاڻيءَ کي رستي ڏيڻ جي تڪرار تي شھباز شريف جي چپن تي مرڪ پيغام ڏيئي رھي ھئي ته سنڌ جي آبپاشي کاتي کي آبپاشي کاتي جا ماھر، انجنيئر، ٽيڪنيڪل ماڻھو نه بلڪه سنڌ جا سياستدان، وزير سندن ڪمدار ڪاراوا ئي ھلائي رھيا آھن. پاڻيءَ کي ڪٽ به انھن جي مرضيءَ سان اچن پيا ۽ پاڻيءَ کي رستو ڏيڻ جو ڪم به انھن حوالي آھي. اھا ڳالهھ ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس به پنھنجي دوري ۾ وزيرن ۽ ڪامورن جي بريفنگ ۾ سندن مھانڊا ڏسي سمجهي ويو ھوندو ته سنڌ ۾ غيرمعمولي برساتن جي نتيجي ۾ ٿيل تباھي ۽ بربادي جو ڪارڻ فقط ماحولياتي گدلاڻ ۽ ماحول جي تبديلي ناھي. ڳالهھ گهڻي اڳتي،گهريءَ ۽ گنڀير آھي.
سنڌ جيڪا قيامت صغريٰ ڏٺي ۽ جيڪا تباهه برباد ٿيڻي ھئي، اھا ته ٿي وئي. وسنديون شھر مليا ميٽ ٿي ويا. روڊ رستا انفرااسٽرڪچر مٽيءَ جو ڍير ٿي ويا. زراعت ختم ۽ گهر يا ته رھيا ناھن يا رھڻ جي لائق ناھن. چوطرف بيٺل ٻوڏ جو پاڻي ٻوڙڻ کانپوءِ ھاڻي مليريا، دست الٽين، پيچش جو مرض ۽ ڊينگي سميت مختلف موتمار بيمارين جو جو ڪارڻ بڻجي آدم بو ڪندو، بي سروسامان سنڌ جي مخلوق ۾ ڪاھي پيو آھي. جنھن مان ظاھر اھوئي ٿئي ٿو ته تباھي بربادي سنڌ ۾ پنھنجا نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ جي ڪڍ لڳل آھي. سنڌو درياءَ جيڪڏھن سنڌ جو سائر، مھا سنڌساگر بڻجي پنھنجي لٽ ھيٺ آيل پٽن تي ھڪ ئي وقت اتر کان ڏکڻ طرف سفر ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ جوھي ۽ ميھڙ بڻجي ڪي وسنديون ته متان بچي به وڃن پر باقي سنڌ جيڪا سنڌوءَ جي لٽ تي زرخيز پٽ بڻجي پنھنجي وطن جي ڌن وان بڻيل آھي، اھا تاريخ جي ورقن ۾ موھن جي دڙي جيان ھڪ ياد بڻجي ته رھجي ويندي پر سنڌ وارا شايد ڳولئي به ڪونه لڀيندا.