ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان کي معافي ڏيڻ لاءِ “ٽياڪڙي”

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

ڪيترن ئي ماڻهن جي واتان ٻڌون پيا ته اسٽيبلشمنٽ عمران خان کي اقتدار ۾ رکڻ لاءِ “وقفو” ڏئي ٻيهر ڪرسيءَ تي ويهارڻ چاهي ٿي. بقول انهن جي ته موجوده حڪمرانن کي واڳ ڌڻين Trap ڪيو ۽ ڪرسيءَ جي لالچ ڏئي دوکو ڪيو. ممڪن آهي ته اهو خيال عام هجي، پر عمران خان پاڻ کي قابل قبول ڪرڻ لاءِ ايڏيون منٿون ڇو ڪري رهيو آهي؟ ان حوالي سان اهي خبرون به اچي رهيون آهن ته صدر عارف علوي به معافي ڏيارڻ واري قافلي ۾ شامل آهي. هو به چئي ٿو ته عمران خان اسٽيبلشمنٽ کي جيڪو ڳالهايو ٻولهايو، اهو کيس معاف ڪري. ٻين لفظن ۾ هو عمران خان کي سياست ۾ پيادو سمجهي پنهنجو وزن به ان کي معافي ڏيارڻ لاءِ پلڙي ۾ وجهي رهيو آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل جي اينڪر سان صدر صاحب انٽرويو جي ميچ فڪسنگ ڪئي. جنهن دوران هڪ طرف هو عمران خان جا مڙئي گناهه معاف ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي وري هن کان پڇيو ويو ته ڇا موجوده بحران جو حل نيون چونڊون آهن؟ صدر چوڻ لڳو، حل آهن ته صحيح پر حڪومت نٿي مڃي. جڏهن هو ريڊ لائين جي ويجهو پهتو ته اها ڳالهه چوڻ تي مجبور ٿيو ته “نئين آرمي چيف وارو معاملو حساس نوعيت جو آهي، انڪري هو پنهنجي راءِ محفوظ رکي ٿو!”
هڪڙو زمانو اهڙو هو، جو وقت جو صدر ايترو طاقتور هوندو هو، جو هو معافيون تلافيون ڪري ڇڏيندو هو. ايم آر ڊي جي ڏينهن ۾ ته هڪ ڊنگ وڏيري پنهنجي پٽ کي پوليس اهلڪارن جا پنج خون معاف ڪرائڻ لاءِ پاڻ بنفس نفيس، معافي ڏيڻ وارو فائل کڻي، جنرل ضياءَ وٽ ويو هو،هي ساڳيو شخص هو، جيڪو سنڌ ۾ ايم آر ڊي کي ليڊ ڪري رهيو هو. هاڻ اهي ڏينهن آيا آهن جو صدر چوڌري فضل الاهي ٿي ويو آهي ۽ هن جا سمورا ڏند ڀڃي، نانگ جيان ان جو زهر ڪڍيو ويو آهي. هن جا پارليامينٽ کي ٽوڙڻ کان وٺي، صوابديدي اختيارن تائين، سڀني کان محروم ڪري کيس حقيقي معنيٰ ۾ “نيوٽرل” ڪيو ويو آهي.
عمران خان، جيڪو اڳ جلد چونڊن ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، هاڻ ان جي ايجنڊا ۾ تبديلي اچي وئي آهي. هو نيون چونڊون ئي رڳو نٿو چاهي، پر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت به پارليامينٽ ۾ چاهي ٿو. اها ڳالهه ته ائين ٿي ته “ڄائي ناهي، ناني مهانڊي.” هينئر عمران خان جون جيڪي تقريرون رپورٽ ٿين پيون، انهن ۾ هو وري وري چئي رهيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جو اختيار موجوده حڪمرانن وٽ ناهي. هي حق رڳو ايندڙ چونڊيل حڪومت جو آهي. انڪري هن اڳ هي تجويز ڏني ته موجوده آرمي چيف کي ڇهن مهينن تائين ايڪسٽينشن ڏني وڃي. جڏهن هن جي پارٽيءَ مان مخالف آواز اچڻ لڳا ته چيائين منهنجي تقرير کي درست پيش نه ڪيو ويو. بقول هن جي ته پهرين عام چونڊون ٿين. هاڻ سوال آهي ته جيڪڏهن عام چونڊون ٿي وڃن ۽ نتيجا عمران خان جي حق ۾نه اچن ته هو اهي قبول ڪندو؟ پاپولر سمجهڻ يا وڏا جلسا ڪري هي ثابت ته نٿو ڪري سگهجي ته کيس اڪثريت ۾ ووٽ به ملندا.
عمران خان پنهنجي ايجنڊا کي تبديل ڪندي چئي ٿو ته پهرين آرمي چيف واري معاملي کي حل ڪيو وڃي، ان کانپوءِ نين چونڊن لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. ملڪ ته آئين ۽ قانون تحت هلندا آهن، جيڪڏهن موجوده وزير اعظم يا حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي ڪري اقتدار ۾ آئي آهي يا سويلين ڪو ڪئي آهي ته ان کي جائز حيثيت ۾ بلڪل قبول نه ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن عمران خان اڪثريت وڃائي ويٺو، ان کانپوءِ موجوده حڪومت آئي آهي ته جيئن هن پاڻ ساڍا ٽي سال حڪمراني ڪئي، ائين موجوده حڪومت کي پنهنجو وقت پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. ٻيو رستو هي آهي ته پي ٽي آءِ وارا سموريون استعيفائون واپس وٺي پارليامينٽ ۾ وڃي، موجوده حڪمران کي گهر ڀيڙو ڪن ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪن. ان سان گڏ پهرين مرحلي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪن.
عمران خان کان شايد سپريم ڪورٽ جو فيصلو وسري ويو، جنهن ۾ قاسم سوريءَ جي ورتل اپائن ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمران خان جي فيصلي ۽ صدر عارف علوي پاران منظوري ڏيڻ وارن اپائن کي غيرآئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو هو. آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صدر، وزير اعظم ۽ وقتي اسپيڪر لاءِ ڪيتري سزا هجڻ گهرجي ها؟ ان تي ته عمل ئي نه ٿيو. جيڪڏهن عمران خان جي ڌمڪين ۾ دم آهي ته پوءِ کلي عام بغاوت جو اعلان ڪري، رڳو ايترو چوڻ ته “منهنجي صبر جو پيمانو ڇلڪي رهيو آهي. ٻي صورت آرمي چيف جي مقرري موجوده حڪمران نه ڪن ۽ اهي عام چونڊن جو اعلان ڪن”. عمران خان جي ڳالهين کي ٻڌي مريم نواز ايترو به چيو ته قانون جي نظر ۾ سمورا شهري برابر آهن، واريون ڳالهيون ٻڌي هن جا ڪن پچي پيا آهن. طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جيڪڏهن عدليا جي حوالي سان ڳالهائين ۽ ڀريل عدالت ۾ معافي به وٺن، ان جي باوجود اهي سزا کان بچي نه سگهيا ۽ نااهل ٿي ويا. ٻئي پاسي شهباز گِل لاءِ عدالت پاڻ چيو ته هن مان اهڙي اميد نه هئي، جيڪا ٻولي هن ڳالهائي. هو آمريڪا ۾ ڪيئن پروفيسر آهي؟ انڪري بقول مريم نواز جي ته عمران خان هينئر به اسٽيبلشمنٽ جو “لاڏلو” آهي. حڪومت ته مريم نواز جي پارٽيءَ جي آهي، ان جي باوجود لاڏلو عمران خان آهي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. پوءِ اهو خيال درست آهي ته موجوده حڪمرانن کي ڪوڙڪي ۾ ڦاسايو ويو، جنهن لاءِ ٻيهر عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ واڳ ڌڻين موجوده گس اختيار ڪيو؟
عمران خان جا ويجها ساٿي کلي عام واڳ ڌڻين سان ڳالهيون جاري رهڻ جا انڪشاف ۽ دعوائون ڪن ٿا. هو چون ٿا ته آڪٽوبر جي وچ تائين جيڪڏهن واڳ ڌڻين سان هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿين ٿيون ته پوءِ نئون نگران سيٽ اپ ايندو ۽ باقي رهيل فيصلا اهو ئي ڪندو. ان سان گڏ نئين آرمي چيف جي مقرري به ايندڙ حڪومت ڪندي. جيڪڏهن جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن نٿي ملي ۽ بقول اهم اداري جي ته هو چاهي به نٿو، پوءِ سينارٽي لسٽ کي فالو ڪيو ويندو ۽ پنجن جنرلز مان ڪنهن هڪ کي مقرر ڪيو ويو ته پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جو سياسي مستقبل اونداهو ٿي ويندو! هاڻ عمران خان لاءِ هڪ طرف باهه ۽ ٻئي پاسي پاڻي آهي.
عمران خان سمجهي ٿو ته جيڪڏهن آڪٽوبر تائين هن جي ڪنهن ڳالهه نه ٻڌي ۽ جنرل باجوه به ايڪسٽينشن نه ورتي يا کيس نه ڏني وئي ته پوءِ ڀلي اسلام آباد شهر کي چئني پاسن کان ڪڙو چاڙهيو وڃي، پر هن جو سياسي طور رهڻ وڏو مسئلو بڻجي ويندو. نومبر کان ئي وزير اعظم نئين چيف جو اعلان ڪري ڇڏيندو. ان حوالي سان اڳ ئي چيو ويو ته ضروري ناهي ته مقرر تاريخ تي اعلان ٿئي، ڇاڪاڻ ته پراڻو چيف الوداعي ملاقاتون ڪري پنهنجي مٿي تان بار لاهي وٺندو. ان کانپوءِ هو خاموشيءَ سان گهر روانو ٿيندو. جيڪڏهن عمران خان لاڏلو به هجي، جيئن چيو ٿو وڃي ته هو اهڙين بارودي سرنگهن تان گذري رهيو آهي، جن مان بچڻ ناممڪن نه ئي سهي، مشڪل ضرور هوندو. ڇاڪاڻ ته سياسي معاملا ڪڏهن به سڌي ليڪ ۾ طئي نه ٿيندا آهن، پر اهي ورن وڪڙن وارا ٿيندا آهن. انهن کي ڪو گهاگهه سياستدان ئي پار ڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button