ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيندڙ حڪومت

Editorial

ملڪ جي عوام لاءِ ڏکيا ڏينهن ان وقت شروع ٿي ويا هئا، جڏهن ان تي پي ٽي آءِ جي حڪومت مڙهي وئي هئي. ان حڪومت هڪ پاسي لاڳيتو مهانگائي ڪئي ته ٻئي پاسي آءِ ايم ايف کان قرض وٺي عوام کي وڌيڪ قرضي ڪري ڇڏيو. عمران خان جي حڪومت جيترو وقت به رهي اها مهانگائي ڪندي رهي ۽ ان سان گڏ اها عوام جي معاشي حالت کي بدتر ڪندي رهي، نتيجي ۾ عوام جي معاشي حالت بنهه گهڻي خراب ٿي وئي. ان کان پوءِ جڏهن عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وئي ته پي ڊي ايم جي حڪومت ايندي ئي سڀ ڪسرون ڪڍي ڇڏيون. هاڻوڪي حڪومت مهانگائيءَ ۾ واڌ ڪري عوام لاءِ پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. جنهن جي ڪري عوام جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو اهو عمران خان جي حڪومت کي بهتر سمجهڻ لڳو آهي. جڏهن ته عمران خان جي حڪومت پنهنجو پاڻ کي ملڪي تاريخ جي سڀ کان بدترين حڪومت ثابت ڪيو هو. هيءَ حڪومت معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ بدران رڳو آءِ ايم ايف تي ڀاڙي رهي آهي، عوام تي معاشي بار وجهي ان کان جيئڻ جا وسيلا کسي رهي آهي. ڇا اهڙي صورتحال ۾ عوام بهتر نموني ساهه کڻي سگهي ٿو. ڇا ان وٽ ايترا وسيلا آهن جو اهو ٻه ويلا ماني به سٺي نموني کائي سگهي. هر عوام دشمن فيصلو ڪري ان کي ڏکئي فيصلي جو نالو ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته ڏکيا فيصلا ته حڪومتي نمائندن لاءِ هجڻ گهرجي. جن جون عياشون ايتريون ته وڌي ويون آهن جو انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر قسم جو بار عوام تي وڌو ويندو آهي، ڪڏهن بجلي مهانگي ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن گيس جا اگهه وڌايا ويندا آهن ته ڪڏهن وري پيٽرول جون قيمتون وڌايون وينديون آهن. ڪالهه حڪومت پيٽرول جي في ليٽر ۾ 8 پئسن جي لاٿ ڪري حاتم طائي جي قبر کي لت هڻي ڇڏي آهي. جڏهن پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ٿيندو ته اهو هڪدم 10 کان 15 روپين تائين وڌايو ويندو آهي. هيءَ حڪومت عوام کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي پر جيڪي ڪجهه عوام وٽ موجود آهي، اهو به تيزيءَ سان ان کان کسي رهي آهي. ڪالهه جيڪي ڳالهيون گهرو وزير ڪيون آهن، انهن مان اهو تاثر ملي رهيو آهي.
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اگهه وڌائڻ حڪومت جي مجبوري آهي، ڇو ته آءِ ايم ايف جو اهو ئي شرط آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مجبوري ۾ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، اگهه وڌائڻ جي فيصلي سان اتفاق نٿو ڪري سگهجي پر مجبوري آهي. ڇو ته آءِ ايم ايف جو اهو ئي شرط آهي ۽ اسان وٽ ٻيو ڪو حل ناهي. مريم نواز بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مريم نواز اها ئي ڳالهه ڪري رهي آهي، جيڪا وزيراعظم شهباز شريف ڪندو آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو هو ته حڪومت طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ جي فيصلي سان اتفاق نٿي ڪيان، حڪومت کي چونديس ته بجلي جا اگهه گهٽ ڪري. جيڪڏهن هيءَ حڪومت ايتري بيوس آهي ۽ اها اهو به فيصلو ڪرڻ جي قابل ناهي ته ڪهڙي اسم جو ڪيترو اگهه وڌائڻو آهي، ان لاءِ به کيس آءِ ايم ايف کان پڇڻو ٿو پوي ته پوءِ حڪومت سڀئي معاملا آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏي. آءِ ايم ايف جي نمائندي جي وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏي ۽ ان کان سڀئي معاملا طئي ڪرائڻ جو چوي ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي آئي آهي، ان لاءِ اهو ئي چئي رهي آهي ته اهو آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت جي مجبوري آهي. عوام جون مالي حالتون عمران خان جي حڪومت کان وٺي خراب آهن. ان جي آمدنيءَ ۾ ڪابه واڌ ڪانه ٿي آهي. جڏهن ته مهانگائي هن وقت 40 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي. تنهن هوندي به حڪومت عوام دشمن فيصلا ڪرڻ کان ڪين ٿي ڪيٻائي. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جاري رهيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام هاڻوڪي حڪومت کي ضرور رد ڪري ڇڏيندو.
اسين سمجهون ٿا ته عوام کي وڌيڪ دلاسي جي ضرورت آهي. ان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ بدران پها رکڻ جي ضرورت آهي. مهانگائيءَ جي جن کي قابو ڪري عوام کي وڌيڪ رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن عوام جي مٿان مهانگائيءَ جون ڇپون ڪرائي ان کي تباهه ڪرڻو هو ته اهو ڪم عمران خان به ڪري رهيو هو. پوءِ هن حڪومت کي وجود ۾ ڇو آندو ويو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. مهانگائيءَ مان ان جي جان آجي ڪرائي وڃي ۽ هر فيصلو آءِ ايم ايف جي مرضيءَ موجب نه ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button