ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گلوبل وارمنگ ۽ وارننگ

Editorial-Article-Nasra Zuberi

ناصره زبيري

چيو پيو وڃي ته پاڪستان هن وقت گلوبل وارمنگ جو گرائونڊ زيرو آهي ۽ اها ڳالهه ڪنهن ٻئي نه پاڪستان جي ماحولياتي تبديلي جي وفاقي وزير محترمه شيري رحمان ڪئي آهي بلڪه ورجائي آهي.
سيپٽمبر جي مهيني ۾ 11 تاريخ جو سانحو ياد ڪرڻ ۽ بدلجندڙ ماحول جي تباهه ڪارين جي وارننگ ڏيندي نائن زيرو جو حوالو ڏيڻ اهڙو غلط به ڪونهي.
اسان جي دنيا هن وقت گرائونڊ زيرو تي وڃي رهي آهي. اها ڳالهه سياسي تجزيي ڪار ايان بريمر ۽ اڪانامسٽ نوريل روبيني ڏهه ٻارهن سال اڳ پنهنجي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته هاڻ اسين “جي زيرو” دنيا جي رهيا آهن.
پر لڳي ٿو ڄڻ دنيا جي ڪبوتر رجندڙ گليشيئر جي ٻلي کي ڏسي اکيون پوري ڇڏيون آهن.
پاڪستان ۾ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ جي ريلن سبب ٿيندڙ تباهي دنيا لاءِ هڪ ڳڻتي جوڳو لمحو هجڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اڃا تائين به ڳڻتي آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي انهن بيانن کان پوءِ دنيا کي ڳڻتي ئي ڳڻتي هجڻ گهرجي، جيڪي هن پنهنجا جي هڪ ڀاڱي ٽي ٻڏل علائقن جو هوائي دورو ڪرڻ کان پوءِ جاري ڪيا.
هن اهو چيو ته ان تباهي جو گلوبل وارمنگ سان سڌي ريت تعلق آهي، جنهن جي ڪري صدين کان قائم جبلن تي ڄمي ويل برف رجي رهي آهي ۽ ان رجڻ واري عمل جا ذميوار جي 8 ملڪ آهن. ڇاڪاڻ ته ماحول کي گدلو ڪرڻ واري ڪاربان جي خارج ٿيڻ جو 80 سيڪڙو حصو انهن وڏن ملڪن جي صنعتن سان جڙيل دونهن جي سبب پيدا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙُو کان به گهٽ آهي.
هلو صنعت ڪاري جي کوٽ جو ڪو فائدو ته ٿيو. اها اها ئي دونهنيدار گدلاڻ آهي، جنهن اوزون جي قدرتي حفاظتي تهه کي ايترو ته نقصان پهچايو آهي جو سڄي دنيا کي آگاهي ڏيڻ خاطر 16 سيپٽمبر کي اوزون ڊي قرار ڏنو ويو آهي.
سچ چئجي ته جي 8 جي وارمنگ ۽ جي زيرو جي وچ ۾ گهريل اسين پاڪستاني، جي حضوري کان سواءِ ڪري به ڇا ٿا سگهون ۽ پاڻي اسان جي مٿان کان گذري چڪو آهي.
پر باقي بظاهر اڃا تائين محفوظ دنيا لاءِ به، جتي پاڻي اڃا تائين انهن جي نڪ جي هيٺ آهي. گلوبل وارمنگ جي وارننگ ڪڏهوڪي جاري ٿي چڪي آهي. پرتگال سان تعلق رکندڙ سوشلسٽ نظرين جو مالڪ اڳوڻو وزير اعظم انتونيو گوتريس هڪ دردمند ۽ حساس طبيعت رکي ٿو.
پنهنجي سڌي سڀاءُ ۾ بي خوف تجريه ڪاري هن کي رومال ۾ ويڙهڻ کان سواءِ اهو سڀ چوڻ جو موقعو ڏنو ته انڊسٽريلائزيشن جي ڪري دنيا ۾ طاقتور ملڪن جو گروهه جي 8 جي تسلط هيٺ ڪاروباري صنعتن مان ڪاربن جو خارج ٿيڻ گلوبل وارمنگ جو وڏو سب ٿي رهيو آهي.
جي 8 جي نيوڪليئس ۾ اٺ وڏا ملڪ آمريڪا، برطانيه، جرمني، ڪينيڊا، اٽلي ۽ جاپان شامل آهن. جڏهن ته اٺون ميمبر روس يوڪرين سان جنگ جي ڪري في الحال مرڪز کان ٻاهر آهي. پر ان سان زهريلي گئسن جي پيداوار ۾ ان جو ڏوهه گهٽجي نٿو وڃي. يورپي يونين به هڪ فورم جي صورت ۾ ان گروپ جو حصو آهي ۽ سڀئي ڄاڻن ٿا ته يورپي يونين 28 ملڪن تي ٻڌل آهي.
ان کان سواءِ اهي ملڪ جن کي برڪس جو نالو به ڏنو ويندو آهي. انهن ۾ برازيل، روس، انڊيا، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا شامل آهن، اهي ملڪ ان صنعتي طاقت جي نوڪليئس کان ٻاهر نه پر دائري جي اندر آهن.
باقي ٽين چوٿين دنيائن کي پاڪستان سوڌو دائري کان ٻاهر رکيو ويو آهي، پر ڪاربن ڊا آڪسائيڊ جي زهريلن اثرن سبب سڀ کان اڳ پاڪستان تي نازل ٿيا آهن ڇو ته اسين رجندڙ گليشئير جي رستي ۾ ويٺا آهيون.
لڳي ٿو ته پاڪستان جي گهرو وزير بلاول ڀٽو انتونيو گوتريس جي مدد سان دنيا کي گهٽ ۾ گهٽ اهو پيغام ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ته بقول احمد فراز:
مين آج زد په اگر هون تو خوش گمان نه هو
چراغ سب ڪي بجهين گي هوا ڪسي نهين
تيز هوا ڏيئا وسائڻ ۾ جيتري بدلحاظ آهي، پاڻيءَ جي اوچي لهر به زندگي ٻوڙڻ ۾ ايتري ظالم آهي.
ڌرتيءَ جي چوڌاري قدرتي حفاظتي ڪڙي کي اوزون جي نالي سان ڄاڻون ٿا، اها لکين بلڪه ڪروڙين سال جو ارتقا سفر جو نتيجو آهي.
ٽراءِ آڪسيجن يعني آڪسيجن جي ٽن ماليڪيولن سان ٺهيل نيري پيلي رنگ جو دائرو اسان جي سياري جو ازلي محافظ آهي. پر اسان ڪمرشل ازم جي هٿان انڌا ڌنڌ صعنت سازي وسيلي نقصانڪار گئسون پيدا ڪري ان اوزون ۾ به سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن کي ڌرتي ماءُ اسان جي ڪائنائي تابڪاريءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ چادر وانگر اوڍي رکيو آهي، بقول شاعر:
آلودگي ني ڪرديي هين ڇيد جابجا
ڪيا حال اي زمين تيري چادر ڪا هوگيا
زمين تي قدرتي ٻيلن جي بي رحماڻي واڍي ۽ انتهائي نقصانڪار ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي وڌندڙ مقدار جي ڪري زمين جي سطح جو سراسري گرمي پد گذريل سئو سالن ۾ هڪ ڊگري سينٽي گريڊ وڌي ويو آهي. جيڪڏهن انهي رفتار سان گرمي پد وڌندو ويو ته 2050ع ۾ اهو ڏيڍ درجي سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو.
وڌندڙ آباديءَ جو مسئلو به انهي ڪمرشل ازم سان ڳنڍيل آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ غريب ملڪ ته ڪن ڌرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. مجموعي طور گرمي پد جي ڪري گليشيئر تيزيءَ سان رجڻ سبب سمنڊن جي سطح بلند ٿي رهي آهي ۽ گرم به، جنهن جي ڪري سمنڊ پکڙي رهيا آهن ۽ پنهنجو علائقو واپس وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهن.
دبئي، جڪارتا، ميلبورن ۽ ڪراچي سڀئي ان لسٽ ۾ آهن. تيزيءَ سان بدلجندڙ موسمي حالتن کي ڪجهه ڏورس نگاهن (HARP) سان ڳنڍيو آهي، پر بظاهر ڪنهن وٽ ان جو ڪو ثبوت ڪونهي.
تجسس رکندڙن لاءِ ٻڌائي ٿا ڇڏيون ته اهو امريڪي فوج جي هوائي مطالعي جي سائنسي ڪوشش جنهن جو پورو نالو ( High Frequency Active Auroral Research Program) آهي.
ان ڪري اي ڏاها انسانو، هٿرادو ڏاهپ تخليق ڪندي، ڌرتيءَ جي قدرتي نظام سان هٿ چراند گهٽ ڪريو نه ته وڌندڙ گرميءَ سان جڏهن گليشيئر رجي ويندا ته اهي جبلن، ماٿرين، پوٺن ۽ دريائن کان ٿيندا سمنڊ ۾ ڪرندا ۽ پنهنجن ويجهن علائقن کي ڳڙڪائي ويندا.
تڏهن سياحن جي جنت ٻارهن سئو جزيرن جو حسين ملڪ مالديپ رهندو نه دنيا جي اها آخري ڪنڊ جتي شينهن روئندا آهن.

‘Many a mecha has gone to the end of the world … never to come back! That is why they call the end of the world’MAN-Hattan’… the lost city in the sea, Where the lions weep.’
**
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button