ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايندڙ چونڊن تائين اسٽيٽسڪو برقرار

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

ملڪ جي سياست ۾ جيڪا ڇڪتاڻ موجود آهي، ان ۾ ملڪ ٻن واضح ڪئمپن ۾ ورهايل آهي. هڪ طرف حڪمران اتحاد ۽ ٻئي پاسي عمران خان آهي. ٻنهي جي وچ ۾ اسٽيبلشمنٽ آهي، جيڪا ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻنهي ڪنن سان ٻڌي ته رهي آهي، پر ايندڙ چونڊن تائين ڪنهن نئين تجربي کان انڪار ڪري رهي آهي. ان ڪري جيئن صورتحال موجود آهي، ائين ئي رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. عمران خان جا اهي سمورا مطالبا ۽ دٻاءُ جيڪي حڪومت جي تبديليءَ لاءِ وڌا پيا وڃن ۽ اهي رٽائرڊ جيڪي ٽياڪڙي ڪري رهيا آهن، انهن جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو آهي. رهيل ڪسر لنڊن ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعظم شهباز شريف جي ملاقات دوران پوري ٿي وئي، جن پڻ واضح طور واڳ ڌڻين کي پيغام ڏئي ڇڏيو ته هو ايندڙ چونڊن تائين اقتدار ۾ رهندا ۽ عمران خان جي ڪنهن به دٻاءُ اڳيان گوڏا نه کوڙيندا.
لنڊن ملاقات کان اڳ، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جنهن کي جيڪي سفارتي ڪوششون ڪرڻيون هيون اهي ڪيون. ميان نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جي وچ ۾ شٽل ڊپلوميسيءَ به ڪامياب ٻڌائي پئي وڃي. صدر عارف علوي جي ٽياڪڙيءَ ۾ جيڪي اهم اداري ۽ عمران خان ۾ ٻه ملاقاتون ٿيون، انهن جو ڪوبه نتيجو سامهون نه آيو، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت ڪنهن به اهڙي فارمولي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي،جنهن ۾ فائدو عمران خان کي ٿئي. موجوده اتحادي حڪومت اهو به واضح ڪيو ته”کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولڙو” واري ڳالهه به قبول نه هوندي، ان ڪري اتحاد ۾ شامل هيوي ويٽس ۾ جيڪي رابطا ٿيا، انهن ذريعي اها ڳالهه به واضح ٿي سامهون آئي ته موجوده حڪومت جو مدو پورو ڪرائڻ لاءِ ظاهري يا ڳجهه ڳوهه ۾ سموريون توانائيون ۽ لاڳاپا استعمال ڪيا ويندا. ان کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته هڪ طرف عمران خان پاران جنرل باجوه جي عهدي جي مدي ۾ ڇهن مهينن تائين واڌ وارو فارمولو به رد ٿي ويو، ٻئي طرف موجوده چيف کي ٽين ايڪسٽينشن ڏيڻ واري ڳالهه به ختم ٿي وئي ۽ نئين آرمي چيف کي مقرر وقت تي عهدي تي فائز ڪرڻ واري ڳالهه تي اتحادي حڪومت، توڙي اسٽيبلشمنٽ ۾ به اتفاق ٿيو آهي.
جنهن انگريزي اخبار ڊان جو ڪارٽون ڏٺو هوندو، ان ۾ ترازيءَ جي ٻن پڙن مان اتحادي حڪومت هلڪي ۽ عمران خان، واڳ ڌڻين سان گڏ ڳرو نظر اچي ٿو. سويلين، فوجي لاڳاپن ۾ توازن نه هجڻ سبب عمران خان لاءِ چيو ٿو وڃي ته هو اقتدار جي حاصلات جي شرط تي واڳ ڌڻين جا سمورا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهي. ان ڪري اهي آواز اچن پيا ته فيصلا اسلام آباد مان ٿيڻ گهرجن، نڪي پنڊي مان. پنڊيءَ تي جيڪو دٻاءُ آهي، اها آزادي يا مرضيءَ سان فيصلا ڪرڻ جي مجاز ناهي. ان ڪري انهن کي ليفٽ يا رائيٽ جهڪڻو پئي ٿو. عمران خان کي پنڊيءَ جو متبادل سمجهيو وڃي ٿو، پر هن جي گذريل حڪومت جي ساڍن ٽن سالن، پنڊيءَ کي مايوس ڪيو. ان ڪري اهي هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي آزمائڻ جي موڊ ۾ ناهن. ان ڪري عمران خان ڪڏهن لانگ مارچ ۽ اسلام آباد کي ڪڙو چاڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو ته ڪڏهن وري گيٽ نمبر چار جو چوڪيدار به ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هينئر ته هن جي پنهنجن صفن مان واڳ ڌڻين سان متبادل طور رابطا ٿي رهيا آهن. ان جو اظهار عمران خان گذريل ڏينهن ڪور ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪيو، جنهن ۾ هن انهن اهم شخصيتن کي خبردار ڪيو ته هو اهو نه سمجهن ته سندن اسٽيبلشمنٽ سان رابطن جي کيس ڄاڻ ناهي. بِگ برادر سڀني کي ڏسي رهيو آهي!
لنڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات بابت سرڪاري طور ٻڌايو ويو آهي ته موجوده حڪومت مدو پورو ڪندي، ان سان گڏ هڪ ٻيو فارمولو به سامهون آيو ته ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته موجوده حڪومت، غيرمعمولي صورتحال کي سامهون رکندي، وڌيڪ هڪ سال تائين رهڻ جو فارمولو به پيش ڪري. ان فارمولي پٺيان مولانا فضل الرحمان ٻڌايو وڃي. هيءَ فارمولو آئيني ۽ قانوني طور تي عمل جوڳو آهي يا نه؟ ان حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويندا، پر آئين ۽ قانون ۾ گنجائش کي سامهون رکندي سپريم ڪورٽ کان ان جي منظوري وٺڻ جون به ڳالهيون هلي رهيون آهن. پر اهي جيڪي اتحادي حڪومت جي مزاج کي سمجهن ٿا، انهن جو خيال آهي ته عمران خان وڌيڪ هڪ سال حڪومت جي مدي ۾ واڌ کي قبول ڪري يا نه ڪري، پر هيءَ ان تي سياسي دٻاءُ جو فارمولو آهي. اتحادي، عمران خان کي پيغام ڏيڻ گهرن ٿا ته هو ته وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ اهم مقرري پنهنجي هٿان ڪرڻ گهري ٿو، پر هن کي ڪنهن ضمانت ڏني آهي ته هو ايندڙ چونڊن کانپوءِ ٻيهر اقتدار ۾ ايندو؟ بقول اتحادين جي ته هو اڳ ساڍن ٽن سالن جي خراب حڪمراني جو حساب ڏئي.
موجوده حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ لاءِ جيڪي پسمنظر ۾ قدم کنيا پيا وڃن. اهي به عمران خان لاءِ واضح پيغام آهن. مثال طور مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي مقرر حد تائين رکڻ لاءِ ڪجهه اهم اپاءَ سامهون آيا. جيئن ئي نواز شريف ۽ شهباز شريف ۾ ملاقات ختم ٿي ۽ واڳ ڌڻين پاران عمران خان سان ڪي به معاملا طئي ڪرڻ کان انڪار کان پوءِ سعودي عرب پنهنجن ٽن ارب ڊالرن جي رقم کي وڌيڪ هڪ سال تائين اسٽيٽ بينڪ وٽ رکڻ جو اعلان ڪيو. ان سان گڏ هڪ اڳوڻي ڳجهي اداري جي سربراهه، جنهن گذريل ننڍي چونڊ ۾ عمران خان کي ووٽ به ڏنو، ان سان گڏ پنهنجي ڊيري تي پروگرام به رکيو، هي اهو ئي شخص هو، جنهن تي الزام هو ته حامد مير تي حملو به ان ئي ڪرايو هو. ان الزام جي نتيجي ۾ هڪ خانگي چينل جي مالڪ کان وٺي، ملازمن سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀ ڪجهه ماضي جو حصو آهي. هو هن ڀيري به عمران خان ۽ واڳ ڌڻين ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار ته ٿيو، پر تجويز ڏني ته اها ملاقات ايوان صدر ۾ رکي وڃي. ايوان صدر ۾ هڪ نه پر ٻن ملاقاتن جا اطلاع رپورٽ ٿيا. ان سان گڏ هيءَ به ٻڌايو ويو ته انهن ملاقاتن جو ڪوبه نتيجو سامهون نه آيو ۽ عمران خان تي واضح ڪيو ويو ته هن جيڪڏهن ڪو Adventure يا Misadventure ڪيو ته ان جي کيس قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
هن ڀيري به نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جي وچ ۾ جن رابطن جون ڳالهيون ٿين پيون. ٻڌايو ويو ته واڳ ڌڻين سان سڌي ڳالهه به آصف زرداريءَ جي آهي، پر نواز شريف سان سڌي يا اڻ سڌي ريت رابطا آهن. ان ڪري معاملا طئي ڪرڻ جو مشن آصف زرداريءَ کي سونپيو ويو آهي، جيڪو، ڊگهي عرصي تائين اسلام آباد بدران لاهور ۾ رهڻ چاهي ٿو. هو پنجاب جي صورتحال کي مانيٽر به ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته شريف ڀائرن کي وڌيڪ پريشاني پنجاب جي آهي، جيڪو، انهن جو پاور بيس آهي. زرداري، واڳ ڌڻين تي لڳاتار زور ڀري رهيو آهي ته انهن جي صفن ۾ جيڪي سمجهن ٿا ته عمران خان پاپولر آهي، اهي درست نٿا سوچين. ڇاڪاڻ ته ووٽ جي سياست ۾ ماڻهن جي انبوهن جي گهڻي اهميت نه ٿيندي آهي. اهو سوچڻ گهرجي ته اليڪشن ڪميشن به ماضي جي تجربي کي ورجائڻ نٿي گهري. اها آر ٽي ايس سسٽم کي رد ڪري چڪي آهي ۽ نئون نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان سان گڏ عمران خان تي دٻاءُ برقرار رکڻ لاءِ کيس ٻڌايو پيو وڃي ته هن جي نااهلي جي حوالي سان هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، پر في الحال ائين نٿا ڪرڻ گهرن. نااهلي لاءِ واڳ ڌڻين وٽ گهڻو مواد آهي، پر ان آپشن تي واڳ ڌڻين جي اندران به مخالفت ٿئي پئي. اهي رٽائرڊ جيڪي عمران خان جي پٺيان پٺيان گهمي رهيا هئا، انهن کي به پيغام ڏنو ويو آهي ته هو زميني حقيقتن کي سمجهن. هنن جنهن انداز سان عمران خان پروجيڪٽ تي عمل ڪيو ۽ کيس اقتدار ۾ آندو، ان سان سياسي، سفارتي ۽ معاشي محاذن تي گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. اهو به چون ٿا ته ٽي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي “نيڪ خواهشن” تي عمل ڪري نٿا سگهن.
جيڪڏهن صورتحال ائين ئي آهي، جيئن ٻڌائي پئي وڃي ته بقول حڪمرانن جي ايندڙ چونڊون آگسٽ 2023ع ۾ ئي ٿينديون. ان کان اڳ سموريون اهم مقرريون به موجوده سيٽ اپ ڪندو. عمران خان ۽ ان جي ساٿين جي اها ڳالهه ته هڪ “ڪرمنل” ڪيئن محب وطن جنرل کي چيف مقرر ڪندو، ان تي تمام گهڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. واڳ ڌڻين چون پيا ته آرمي چيف جي مقرري وقت جو وزيراعظم ئي ڪندو آهي. ان ڪري هو ان کي آئيني حق کان محروم ڪري نٿا سگهن، نه ئي ان جو ڪو جواز آهي. بقول انهن جي عمران خان جي خلاف فارين فنڊنگ کان وٺي ٻين ڪيترن ئي مالي گهوٻين جا الزام آهن، اهي به معاملا به ڪليئر ناهن. ان ڪري هو ٻين تي الزام مڙهڻ کان اڳ سوچي وٺن. جيڪڏهن دستاويز کلي ويا ته پوءِ انهن اڳيان ڪوبه بند ٻڌي نٿو سگهي. ان ڪري موجوده حڪومت کي پنهنجا سمورا آئيني اختيار استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ عمران خان کي ايندڙ چونڊن تائين صبر لاءِ چيو پيو وڃي، ٻئي صورت ۾ جيڪي واڳ ڌڻين سان پي ٽي آءِ جا اڳواڻ رابطي ۾ آهن، انهن کي فنڪشنل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button