ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هوم ورڪ، ٻارن لاءِ نفسياتي بار

Editorial

اسڪولن يا ڪنهن به تعليمي اداري ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي هوم ورڪ ڏيڻ عام ڳالهه آهي. هوم ورڪ ڏيڻ جو مطلب ٻارن کي تعليم ۾ ڀڙ ڪرڻ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٻارن کي تعليمي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ لاءِ پڻ استاد هوم ڏيندا آهن. پر ان حوالي سان ڪئين ٻيا معاملا به آهن، جن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. فن لينڊ ۾ ٻارن کي هوم ڏيڻ جو تصور ئي ڪونهي. ڪي ملڪ وري اهڙا آهن، جتي ٻارن کان امتحان ڪونه ورتو ويندو آهي. پر ڇا هوم ورڪ واقعي به ايترو ضروري آهي ۽ ان کان سواءِ ٻارن جي سکيا ممڪن ڪانهي؟ ان حوالي سان ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا ويا آهن. هيلٿ لائين پاران هڪ آرٽيڪل ۾ لکيو ويو آهي ته هوم ورڪ ٻارن جي صحت لاءِ ڪيترو خراب آهي. 2013ع ۾ هڪ تحقيق اسٽينفورڊ يونيورسٽي پاران ڪرائي وئي، جنهن ۾ڄاڻايو ويو هو ته جيڪي ماڻهو ٻارن کي سٺا گريڊ ڏيارڻ چاهين ۽ گهڻُو وقت هوم ورڪ تي سيڙائين ٿا، انهن کي جسماني ۽ ذهني مسئلا ٿين ٿا. انهن جي زندگين ۾ توازن برقرار نٿو رهي ۽ اهي وڌيڪ اڪيلائيءَ جو شڪار ٿين ٿا. ڪي ادارا اهڙا آهن، جن جو چوڻ آهي ته ٻارن کي هوم ورڪ ڏيڻ جو ڪو فائدو ناهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي تعليم رڳو ڪاروبار آهي، اتي ٻارن کي پهرين درجي کان وٺي ايترا ته سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا جو اهي ان جو بار برداشت ئي نٿا ڪري سگهن. ان ڪري اهي سدائين پريشانيءَ جو شڪار رهن ٿا. اهڙي ريت جڏهن اهي هوم ورڪ جو بار نٿا سهي سگهن ته اهي ذهني طور پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. ڪالهه به اهڙو ئي هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي. جنهن ۾ 12 سالن جي ٻار کي سندس پيءُ هوم ورڪ نه ڪرڻ تي ساڙي ماري ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ بيرحم شخص اسڪول مان مليل هوم ورڪ نه ڪرڻ تي پنهنجي 12 ورهين جي پٽ کي جيئرو ساڙي ماري ڇڏيو. مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پيءُ هٿان پٽ جي دردناڪ موت جو واقعو 14 سيپٽمبر تي پيش آيو، ٻارهن سالن جو معصوم ٻارڙو ٻن ڏينهن تائين اسپتال ۾ علاج باوجود تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. پوليس ٻار جي قاتل پي نذير خان کي گرفتار ڪري ڪيس به داخل ڪري ورتو آهي. قتل ٿيل ٻار جي ماءُ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ شهير هوم ورڪ نه ڪري رهيو هو، جنهن تان منهنجي مڙس نذير کيس ڪاوڙ وچان مٿس ٿنر ڪيميڪل اڇلائي ڇڏيو. واقعي کان پوءِ مان مڙس کان ايترو ڊڄي وئي هيس جو پوليس وٽ رپورٽ به داخل نه ڪرائي سگهيس. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نذير خان بيروزگار هو ۽ هر ننڍي وڏي ڳالهه تان گهرڀاتين تي ڪاوڙ ڪندو هو. جوابدار جو موقف آهي ته هن گهر ۾ رنگ روغن لا ٿنر آندو هو. هيءَ خبر ملڪ جي سڀني ٻارن جي تعليمي حالت کي بيان ڪري رهي آهي. ان کان سواءِ سماج جي ذهني حالت کي به بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تعليم جهڙي اهم شعبي ۾ اسان جو سڄو زور ان ڳالهه تي آهي ته ٻارن کي ڪهڙي ريت زوري هوم ورڪ ڪرايو وڃي پر ان ڳالهه تي زور ڪونهي ته انهن کي سکيا ڪيئن ڏني وڃي. هوم ورڪ جي بار مان انهن جي جان ڪيئن ڇڏائي وڃي. تنهنڪري هيءَ واقعو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن کي اسين اڃا تائين ڪونه سمجهي سگهيا آهيون. هوم ورڪ نه ڪرڻ تي ٻارن تي تشدد ڪرڻ يا ان لاءِ اهو چوڻ ته هن جيڪڏهن هوم ورڪ نه ڪيو آهي ته اهو پڙهي نه سگهندو يا ڪجهه سکي نه سگهندو، اهي سڀ دقيانوسي ڳالهيون آهن. هن وقت دنيا ۾ تعليم جا طور طريقا نه رڳو جديد ٿي ويا آهن پر اهي گهڻي ڀاڱي تبديل به ٿي ويا آهن. تنهنڪري اهي تعليمي ادارا جيڪي سمجهن ٿا ته رڳو هوم ورڪ ڏئي ڇڏڻ ئي ڪافي آهي، انهن کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي ته اهي ڪهڙي قسم جي تعليم ٻارن کي ڏئي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن هوم ورڪ ڪنهن ٻار جي قتل جو سبب ٿئي ٿو ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟

اسين سمجهون ٿا هيءَ هڪ بنهه گهڻو ڏکوئيندڙ واقعو آهي ۽ هن قسم جا واقعا ٻين ٻارن جي ذهني حالت تي به بنهه گهڻو اثر وجهندا. اهي نفسياتي طور ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيندا. هونئن به هڪ شاگرد نفسياتي طور ڪيترن ئي مونجهارن جو شڪار هوندو آهي، ان ڪري هو پنهنجن صلاحيتن جو لکيل نموني اظهار نه ڪري سگهندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاگرد ۽ شاگردياڻين تي پڙهائي جو اجايو بار نه وڌو وڃي. انهن جي سکيا جو عمل سولو ڪيو وڃي ته جيئن اهي وڌ کان وڌ بنا خوف جي سکي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button