ڪجهه وقت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي سان هڪ ڇرڪائيندڙ خبر پڙهڻ لا ملي. اها هيءَ هئي ته ادبي بورڊ جو اڳوڻو لوگو جنهن ۾ موهن جي دڙي جو ڍڳو ڏنل هو، ان کي هٽائي ڪتاب ۽ قلم ڏنو ويو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ 1940ع ۾ قائم ٿيو ۽ 1944ع ۾ موهن جي دڙي مان مليل ڍڳي جي ٺڪري وارو مشهور عڪس سنڌ جي نالي واري آرٽسٽ ۽ ليکڪ ع.ق. شيخ کان ٺھرايو ويو. جيڪو ھڪ ٺھراءُ سان پاس ڪيو ويو. 1979ع ۾ جنرل ضيا ان کي ان وقت جي صلاحڪارن سان ملي ان ڪري ھٽايو ته ڍڳو مذھبي علامت آھي ۽ اکرن وارو لوگو منظور ڪرايو جنھن تي سنڌ جو باشعور عوام پنهنجو تاريخي ورثو ۽ تاريخي نشان بچائڻ لا احتجاج ۾ نڪري پيو ۽ ڪجھه سالن کان پو اھو حڪم نامو واپس ورتو ويو ۽ ساڳيو لوگو بحال ڪيو ويو. ھن سال 2022ع ۾ وري ساڳيو عمل مختلف تبديلين سان ورجايو ويو آھي. مان هن عمل کي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ سان گڏ ادبي بورڊ سان هٿ چراند سمجهان ٿو.
ڪنهن به اداري جي سڃاڻپ جا ٻه اهم جز هوندا آهن، هڪڙو ان جو نالو ٻيو ان جو لوگو. لوگو مان مراد اهڙو نشان آهي جيڪو هڪ ته ڪنهن اداري لا رجسٽر ڪرايو ويندو آهي ۽ اهو انهي لا مخصوص هوندو آهي، جنهن کي ڏسي ڪنهن اداري جو تصور ذهن ۾ اچي ويندو آهي.
سماجي سائنس جي ماهرن موجب لوگو ڪنهن به اداري لا ست اهم ڪم ڪندو آهي:
1_ لوگو ماڻهن جو ڌيان اداري ڏانهن ڇڪرائيندو آهي.
2_ لوگو اوهان جي اداري لا مضبوط تاثر قائم ڪندو آهي.
3_ اهو ڪنهن به اداري جي بنيادي سڃاڻپ هوندو آهي.
4_ اهو هڪ يادگار هوندو آهي.
5_ اهو اوهان کي مقابلي ۾ لٿل ٻين ادارن کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهاريندو آهي.
6_ لوگو جي ڪري ئي اوهان جو خريدار (ڪسٽمر) اوهان جي پراڊڪٽ وٺندو آهي.
7_ اصل ۽ نقل جي خبر لوگو مان ئي پوندي آهي.
دنياوي شيون ته هڪ پاسي پر دنيا جي سڀني مذهبن ۾ ڪي نشان (لوگو) آهن جهڙوڪر مسلمان جو خاص انداز ۾ لباس، يهودين جي خاص انداز ۾ پهريل ٽوپي، مسيحن جو صليب. هندومت ۾ اوم جو نشان، انهن مذهبن جي هزارين سالن کان سڃاڻپ بڻيل آهن ۽ انهن نشانن سان هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت ناهي. جڏهن ته اسان سنڌين جي سڃاڻپ تي رکي رکي اهڙا وار ڪيا ويندا آهن جو سنڌي ماڻهن کي اهو احساس ٿيڻ لڳندو آهي ڄڻ هنن کان ڪا وڏي غلطي ٿي وئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو وڏي عرصي تائين روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ جي علامت سمجهيو ويندو هوندو هو، اتي هاڻي اهڙا ته انتهاپسند ۽ شدت پسند ويٺل آهن جن کان بورڊ جو ڍڳي وارو لوگو به برداشت نٿو ٿئي ۽ ضيا جيان بورڊ جو لوگو مٽائي ڇڏيو آهي. بورڊ جي بي او جي ۾ به اهڙا ماڻهو شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي هڪ مخصوص انتهاپسنديءَ واري سوچ کي هٿي ڏئي رهيا آهن.
اهڙي ريت سنڌ ۽ خاص ڪري حيدرآباد جي سڃاڻپ تاريخي بيسنت هال جي نالي سان به هٿ چراند ڪئي وئي آهي. اهو هال ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ جي ملڪيت آهي جنهن جو نالو عام طور بيسنت هال يا بيسنت هال ٿيوسافيڪل سوسائٽي هو، جنهن جو نالو اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ (اي ايف ٽي) بنا ڪنهن مينڊيٽ جي مٽائي بيسنت هال ڪلچرل سينٽر ڪري ڇڏيو آهي.
حيدرآباد جي هن تاريخي عمارت جو بنياد 1900ع ۾ ايني بيسنت نالي هڪ ٿيوسافسٽ عورت رکيو. کيس اها جا حيدرآباد جي ان وقت جي گريسن ڪمانڊر ڪرنل ايلڪوٽ ڏياري جيڪو پاڻ به ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هو. ان کي بنا پيسن ۽ بنا ٽيڪس جي ڏنو ويو ته جيئن اتي سماج سڌار ڪم ٿي سگهن ۽ سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي، جيڪو ٿيوسافڪل سوسائٽيءَ جو مک ڪم هو. هن عمارت ۾ ٻه مک ڪمرا هئا جن مان هڪ مين هال 1901ع ۾ ٺهيو جڏهن ته ٻيو هال 1931ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هتي مذهبي رواداري جي حوالي سان پروگرام ٿيندا رهندا هئا ۽ سائين جي ايم سيد کان ويندي سائين محمد ابراهيم جويي تائين سنڌ جون اهم علمي ۽ سياسي شخصيتون ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ جو حصو هيون. جڏهن ته برک ڏاهو محمد ابراهيم جويو ان جو وڏي وقت تائين سنڌ جو صدر پڻ رهيو. 1947ع ۾ ورهاڱي کانپو سنڌ جي سماج ۾ وڏي اٿل پٿل مچي وئي ۽ بيسنت هال وڏي وقت تائين قبضا مافيا جي نظرن ۾ رهيو. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٿيل لساني وڳوڙن دوران بيسنت هال جي لائبريري ساڙي وئي، جنهن دوران ڪيترائي قيمتي ڪتاب باهه جي نظر ٿي ويا.
وڏي عرصي کان بيسنت هال جي عمارت ڊهي رهي هئي، جنهن جي مرمت جو ڪم انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ (اي ايف ٽي) کنيو، پر هاڻي جڏهن ان جي مرمت جو ڪم پورو ٿي چڪو آهي ته ”ڪيٽي“ اي ايف ٽي (سنڌ جي مختلف ڪي ٽين جيان اي ايف ٽي به هڪ ڪيٽي ٿي پئي آهي، جيڪا به تاريخي عمارت ڏسي ٿي، ان کي پنهنجي ڪيٽي جي سرحدن ۾ داخل ڪيو ڇڏي ۽ ان جي اصلي اڏاوت کان ويندي ان جي نالي توڙي تاريخ سان به هٿ چراند ڪرڻ کان نٿي ڪيٻائي) هاڻي وري هن هال جي نالي مان ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ جو نالو هٽائي ان تي ڪلچرل سينٽر جو نالو ڏنو آهي ۽ ڪجهه وقت ۾ اهو ٿيندو ته مک هالن تي علڻ خان ۽ ولڻ خان جيڪي ڪي ٽي اي ايف ٽي جا چڱا مڙس هوندا، انهن جا نالا اچي ويندا ۽ هن تاريخي هال جي اصلوڪي تاريخ ميسارجي ويندي.
مان سنڌي ادبي بورڊ جي لوگو کان ويندي بيسنت هال جي نالي مٽائڻ کي سنڌ جي ايندڙ نسلن سان ويساهه گهاتي سمجهان ٿو. منهنجو خيال آهي ته ايئن نالا مٽائي سنڌ کان ان جي تاريخ کسڻ جي سازش ٿي رهي آهي. مون کي اها ته خبر ناهي ته سنڌ ڌرتي جي تاريخ سان اهڙي هٿ چراند ڪنهن جي چرچ تي ٿي رهي آهي، پر ان سازش ۾ اسان جا پنهنجا ادارا ۽ ماڻهو ڀاڱيوار آهن. جيڪڏهن ان حوالي سان وقت سر احتجاج نه ڪيو ويو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اهي سنڌ ڌرتي جو نالو مٽائي ٻيو ڪجهه رکندا ۽ اسان جا ايندڙ نسل هن ڌرتي جي عظيم تاريخ کان محروم رهجي ويندا.