پاڪستان موسمي تبديليءَ جي ڪري وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي آھي. ماھرن جي تجزيي موجب ايندڙ وقت ۾ توقع کان وڌيڪ برساتون وسنديون، گرمي پد پڻ وڌندو ۽ ھيٽ ويوز يعني لڪ ۽ جھولا وڌيڪ شدت سان اثر انداز ٿيندا. سامونڊي طوفان، زلزلا توڙي وبائي بيمارين جي ڪري پڻ پاڪستان وڌيڪ متاثر ٿيندو.
2010ع واري مھا ٻوڌ سنڌو جي وھڪرن کي آزمايو، خيبرپختونخواه کان پاڻيءَ جو ھڪ وڏو وھڪرو سفر ڪندو، سنڌ اندر داخل ٿيو ۽ انگريزن جي دور جا ٺاھيل بئراج وڏي پاڻيءَ جي وھڪري سبب سھڪڻ لڳا. نيٺ ھٿرادو ڪٽ لڳائي پاڻيءَ کي آبادين واري پاسي موڙيو ويو ۽ اھو پاڻي غريبن جا اجھا تباهه ڪندو ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر-شھدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن کي ٻوڙي ڪينجھر جا بند ٽوڙي ٻيھر سنڌو ۾ اچي داخل ٿيو. سنڌوءَ جي کاٻي پاسي ٺاھيل ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرينيج اڳ ۾ ئي بيمار ۽ ڪمزور حالت ۾ ھو. مٿان وري پاڻي وڌيڪ مقدار ۾ شامل ٿيو تھ جڳھه جڳھه تان پلٽجي پيو، جنهن ميرپورخاص ۽ بدين جي علائقن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نھ چڏي. ياد رھي تھ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان جڏھن اھا ميگا اسڪيم ٺھي پئي تھ مقامي ماڻھن شديد مظاھرا ڪيا ۽ خدشا ظاھر ڪيا تھ انھيءَ منصوبي جي ڊزائين ۾ نقص آھن ۽ پاڻيءَ جي قدرتي وھڪري تحت ڪونھ پيو ٺھي پر انھيءَ گهوڙا گهوڙا تي ڪنھن بھ ڪن ڪونه ڌريو.
مھا ٻوڏ دوران پڻ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ھئي ۽ انھيءَ وقت پڻ عوام جو ڀرپور مطالبو ھو تھ ڪنھن بھ ريت پاڻيءَ جا قدرتي لنگھه بحال ڪيا وڃن. حڪومتي سطح تي پڻ واعدا وچن ٿيا پر قبضا مافيا حڪومت جو حصو ھجڻ جي ڪري اھو سڀ ڪجھه ممڪن نھ ٿي سگهيو.
2010ع کان پوءِ 2011، 2012، 2013 ۽ 2020ع ۾ پڻ ڪجھه ضلعن ۾ وڌيڪ برساتون وسيون ۽ ساڳئي قسم جي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو. 2020ع ۾ ڪورونا واري وبا عام ماڻھوءَ کي گهر ويھاري ڇڏيو. بيروزگاري پاسا ڀڃي ڇڏيا ۽ مھانگائي چوٽ چڙھڻ سبب قوم ڪوما ۾ ھلي وئي. اٽو خريد ڪرڻ جي سگھه تقريبن ختم ٿي چڪي ھئي تھ 2022ع واري ٻوڏ گهر جا باقي بچيل ٽپڙ لوڙھي ڇڏيا. عام ماڻھو فقط پنھنجا ٻچا ۽ پنھنجو ساهه بچائي بندن ۽ گهر جي ڇتن تي نظر اچن ٿا. ھن ٻوڏ کي مھا ٻوڏ کان مٿي ڪا ڊگري ھجي تھ انھيءَ جو نالو ڏجي. انگن اکرن موجب ھن ٻوڏ پٺئين ھڪ سو سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آھي.
ھن سال گهڻي ٻوڏ جي باوجود ماڻھو پنھنجا گهر ۽ ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ گهٽ تيار ھئا. انھيءَ جو سبب 2010ع واري ٻوڏ وقت حڪومت ۽ غيرسرڪاري ادارن کين ٻيھر بحال ڪرڻ لاءِ واعدا ڪيا ھئا پر رليف واري مرحلي کان پوءِ واعدا وفا نھ ٿيا. ڪافي ماڻھو دربدر ٿيندا رھيا. تمام ٿوري آبادي ڪراچي، دادو، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿي پر گهڻن ئي واپس وڃي پنھنجا پڊ وسايا.
عوام جي اڻ ڄاڻائيءَ جو اسان جي حڪمرانن ڀرپور فائدو ورتو آھي. غريب ماڻھو پنھنجي اڻ ھوند کي رب پاڪ پاران امتحان سمجھي دل کي ڏڍ ڏئي ٿو ۽ آفتن کي رب پاڪ جي ناراضگي تصور ڪري پناهه گھري ٿو. سياستدان انھيءَ موقعي جو فائدو وٺندي اٿندي ويھندي ھڪ ئي دليل ڏين ٿا تھ بابا ھيءَ ٻوڏون رب جي طرفان آھن، اسان سڀني لاءِ امتحان آھي، اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟
قدرتي آفتون عقلمندن لاءِ ھوشيار ۽ خبردار رھڻ جو پيغام آڻين ٿيون، جيئن ھو بي فڪر ٿي زندگي نھ گذارين پر پنھنجن ڪيل غلطين مان سکن ۽ حالتن آهر پنھنجي رھڻي ڪھڻي جي اسٽائيل کي تبديل ڪن. قدرت پنھنجو هڪ متوازن نظام جوڙيو آھي ۽ انھيءَ نظام ۾ جيڪڏهن انسان ھٿ چراند ڪري ٿو، يعني پنھنجي ترقي خاطر آبھوا کي گندو ڪري ٿو، زھريليون گئسون پيدا ڪري ٿو تھ پوءِ ردعمل طور نتيجا تھ ڀوڳڻا پون ٿا.
بين الاقوامي سطح تي گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان بحث مباحثا جاري آھن ۽ ھن ڌرتيءَ جي گولي کي بچائڻ لاءِ رياستن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آھي تھ اھي پنھنجي پنھنجي ملڪ ۾ ھڪ ذميوار رياست وارو ڪردار ادا ڪن ۽ شھرين کي پڻ آگاهه ڪن. انھيءَ ڏس ۾ حڪومتي سطح تي ادارا جوڙيا ويا آھن ۽ قانون سازي پڻ ڪئي وئي آھي. جيئن دنيا سان وک ۾ وک ملائي ھلي سگهجي ۽ دنيا جي وسيع تر مفاد ۾ اھم فيصلا ڪجن.
مٿي ڄاڻايل ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن مان سکيل سبقن جي روشنيءَ ۾ ڪجھه تجويزون عرض رکندس.
1.موسم جي تبديليءَ جا اثر، جھڙوڪ برساتن سبب ٻوڏن، سوڪھڙي، سامونڊي طوفانن، گرم ھوائن ۽ زلزلن سبب سڀ کان وڌيڪ عام ماڻھو ڀوڳي ٿو ۽ انھيءَ ڀوڳنا کي ھو رب جي رضا سمجھي پيڙا مان گذري ٿو. ھر مصيبت جي ھو ڳري قيمت ڀري ٿو. ايستائين جو ھو پنھنجي ڪٺن محنت سان ٺاھيل اثاثن جي قرباني ڏئي ٿو. ضرورت انھيءَ ڳالهھ جي آھي تھ عام ماڻھوءَ کي موسمي تبديليءَ جي سببن جي ڄاڻ ڏجي. نقصانن کان بچڻ لاءِ مقامي سطح تي تياري ڪرائجي.
- اڳواٽ اطلاع وارو نظام سگهارو ڪجي جيئن وقت سر ھو پنھنجي ڪٽنن ۽ مال کي ڪنھن محفوظ جڳھه تي پھچائين. حڪومتي سطح تي محفوظ جڳھيون اڳواٽ تيار ڪري رکجن جيئن عام ماڻھو بنا دير جي اتي پھچي سگهي.
3.ٻوڏ جي خطرن کي ذھن ۾ رکندي گهر ٺاھڻ توڙي فصل لاءِ زمين تيار ڪرڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪجن ۽ انھيءَ تي سختيءَ سان عمل ڪرائجي. ھدايتن تي عمل نھ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. - تعليمي نصاب ۾ پھرئين ڪلاس کان ئي موسمي تبديليءَ جي باري ۾ پڙھايو وڃي. 12 سالن کان وڏي عمر واري ٻار کي رضاڪار طور تيار ڪيو وڃي جيئن ھو وڏو ٿي ماحول دوست رضاڪار ٿي سگهي.
- صوبي، ضلعي، تعلقي، يونين ڪائونسل ۽ ڳوٺ سطح تي عام ماڻھن خاص طور تي نوجوانن تي مشتمل مددگار ڪاميٽيون ٺاھيون وڃن. جيئن ھنگامي حالتن جي صورت ۾ پاڻمرادو پنھنجون ذميواريون پوريون ڪن.
- ھر صوبي کي پنھنجي پنھنجي جاگرافيائي حالتن پٽاندر قانون سازي ڪري قدرتي وھڪرن خاص طور تي ھاڪڙي درياءَ ۽ ٻين اھڙن قدرتي ڍورن کي اصلي شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي.
- سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ قائم آبادين کي خالي ڪرائي انھن ماڻھن کي متبادل گهر تعمير ڪرائي ڏنا وڃن ۽ نئين آبادي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي.
- ڪلوئي يعني ونگي موڙ جي ڀرسان برساتي پاڻيءَ کي جمع ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاھي ٿر ۾ زراعت لاءِ واهه کوٽي پاڻي فراھم ڪيو وڃي.
- شڪور ڍنڍ ۾ سم نالي جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وڃي. انھيءَ ڏس ۾ جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ سان ڳالهھ ٻولهھ جي ضرورت ھجي تھ اھا پڻ ڪئي وڃي.
- آبپاشي کاتي ۾ بھتري آڻڻ لاءِ ھڪ آزاد ٽاسڪ فورس ٺاھيو وڃي جنھن ۾ آبادگار بورڊ جا ماڻھو شامل ڪيا وڃن. بندن جي بچاءُ لاءِ رکيل بجيٽ جي نگراني ڪئي وڃي ۽ شھرن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ فوري طور تي رٿابندي ڪئي وڃي.
- نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ايڪٽ موجب ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪري کين مڪمل اختيار ڏنا وڃن ۽ ضلعي سطح تي ھڪ مڪمل سيڪريٽريٽ قائم ڪئي وڃي.
- رليف واري ڪم ۾ سياسي مداخلت کي ختم ڪئي وڃي ۽ امداد ڏيڻ جا بين الاقوامي اصول لاڳو ڪيا وڃن.
- قومي ۽ بين الاقوامي ادارن کي امدادي سرگرمين لاءِ مناسب ماحول فراھم ڪيو وڃي.
- سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن جي ڪم جي نگرانيءَ لاءِ ھڪ اڻ ڌري ڪميشن جوڙي وڃي ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن.