ڪراچيءَ جي ملير ضلعي ۾ سرڪار پاران ٽينٽ سٽي جو قيام عمل ۾ اچي رهيو آهي. ان جو سبب اهو ناهي ته ڪو سرڪار جي دل ۾ رحم جو جذبو ڦٽي پيو آهي. ان جو اصل ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ سرڪار جي مٿان متحده قومي موومينٽ جو وڏو دٻاءُ هو ته ڪنهن به طرح سان ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثر سنڌين کي مستقل طور تي آباد نه ڪيو وڃي. سنڌ سرڪار به پريشان هئي. ان کي به خوف هو ته جيڪڏهن ٻوڏ متاثر ڪراچيءَ کي پنهنجو مسقتل ٺڪاڻو ٺاهي ويٺا ته اهي هر ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي آڏو احتجاج ڪرڻ بيٺا هوندا. متاثر ماڻهن جو هڪ مسئلو نه هوندو آهي. متاثر ماڻهو مسئلن جي ملبي ۾ دٻيل هوندا آهن. انهن کي مانيءَ کان وٺي صحت ۽ تعليم تائين هر شيءَ گهربل هوندي آهي. حڪومت ڪراچيءَ ۾ لکن سنڌين جي بي گهر فوج کي رکڻ لاءِ ڪنهن به طرح سان تيار نه هئي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ ۾ پاڻ جيڪي ڪراچيءَ واسي آهن، انهن جي نفسياتي ساخت ايم ڪيو ايم کان گهڻي مختلف ناهي. هو به سنڌي ماڻهن کي اوپرو ۽ اجنبي محسوس ڪندا آهن. انهن جو به خيال هو ته سنڌي ٻوڏ متاثر ماڻهن جو ڪو اهڙو حل تلاش ڪيو وڃي جو “نانگ به مري ۽ لٺ به بچي”.
ڪراچيءَ ۾ “ملير ٽينٽ سٽي” ان جو حل آهي. حڪومت کي معلوم آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ته چڱا خاصا ماڻهو رهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا. جڏهن ته تنبوءَ ۾ رهڻ ايترو آسان ناهي. ان کان سواءِ تنبوءَ ۾ رهڻ وارو سنڌي ماڻهن جو مزاج به ناهي. سنڌي ماڻهو ڪکن پنن جي جهوپڙيءَ ۾ سڪون سان سڄي زندگي گذاري سگهن ٿا. پر سنڌي ماڻهو ڪپڙي يا پلاسٽڪ جي ولائتي تنبوءَ ۾ رهندي، ڪڏهن به آرام محسوس نه ڪندا. جهڙي طرح پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو تنبن ۾ مزي سان رهندا آهن. جهڙي ريت صحرائن جا رهاڪو تنبن ۾ رهندي ڪا تڪليف محسوس نه ڪندا آهن. تهڙي طرح ميداني علائقن ۾ رهڻ وارا ماڻهو ساڳيو مزاج نه رکڻ سبب تنبوءَ ۾ پنهنجو ساهه گهٽجندو محسوس ڪندا آهن. پر مجبوري ماڻهوءَ کان ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿي.
ملير ٽينٽ سٽيءَ ۾ صرف اهي رهي سگهندا، جيڪي بنهه مجبور هوندا. جن جو ڪو اوهي واهي نه هوندو. جن کي ڳوٺ واپس ورڻ جي ڪا واٽ نه ملندي. جڏهن ته ڪاليج ۽ اسڪول خالي ڪرائڻ شرط اڪثر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ٻڏل ماڳ جو رخ ڪندا.
سرڪار سمجهي ٿي ته هڪ هنڌ ترسايل ماڻهن کي خيراتي ادارن ۽ ڪجهه پنهنجي پاران مدد فراهم ڪري ٻه چار مهينا رهائي سگهجي ٿو. انهن کي هڪ هنڌ تي رکڻ سان امدادي ڪمن ۾ ڪافي آسانيون به ٿينديون. انهن جي 24 ڪلاڪ چوڪسي به هوندي. ڇو ته ايم ڪيو ايم ان معاملي تي تمام گهڻو گوڙ شور ڪيو آهي ۽ هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مٿان الزام هنيو آهي ته هو ڪراچيءَ ۾ ڦرون ۽ چوريون ڪن ٿا ۽ ايندڙ وقت ۾ اڃان وڌيڪ ڪندا. حڪومت به اهڙي خدشي کي مڪمل طرح سان رد نه ٿي ڪري. ان حوالي سان ملير ٽينٽ منصوبي کي عمل ۾ آندو ويو آهي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ ٽڙيل پکڙيل ٻوڏ متاثر سنڌين کي ميڙي سيڙي هڪ هنڌ ڪٺو ڪجي ۽ هڪ مخصوص وقت کان پوءِ انهن کي بسن ۾ ڀري پنهنجي پنهنجي ماڳ واپس موڪلجي.
ملير ٽينٽ منصوبو سرڪار جو هڪ اهڙو قدم آهي، جنهن جي مخالفت ڪرڻ به مشڪل آهي. جڏهن ته ان منصوبي جي معرفت انهن سنڌي ماڻهن جو خواب لڙهي رهيو آهي، جن جو خيال هو ته ٻوڏ متاثر لکين سنڌي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪراچيءَ ۾ رهي پون ته جيئن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي آباديءَ جو تناسب وڌي سگهي ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي گاديءَ واري شهر جي مالڪي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچن. ان سلسلي ۾ ٻوڏ سبب ڪراچيءَ طرف آيل ماڻهن کي ڪجهه سنڌ پرست حلقا هڪ طرح جو قومي موقعو قرار ڏئي رهيا هئا. انهن جو خيال هو ته ڏکي سکي حال ۾ سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ جي سرزمين ۾ پنهنجون پاڙون هڻي ويندا. هونءَ به جيڪو هڪ ڀيرو ڪراچيءَ جو ٿيو، اهو واپسيءَ جي رستو وساري ڇڏيندو آهي. ان حوالي سان تمام گهڻيون اميدون هيون ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻه چار ڪردار اهڙا به هئا، جن کي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهو ورسائڻ وارو ڪاروبار تمام گهڻي ترقي ڪندو محسوس ٿي رهيو هو. پر ملير سٽي منصوبي سبب سنڌ جي گهڻن گهڻ گهرن کي هڪ طرح سان مايوسيءَ جي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ اڄ ڪالهه کان وڌيڪ اهو سوال تمام گهڻو اهم بڻجي ويو آهي ته آخر ٻوڏ متاثر سنڌين جي منزل ڪهڙي آهي؟
هو پويان جيڪي ڳوٺ ۽ جيڪي ڳوٺاڻا شهر ڇڏي آيا آهن، انهن ۾ پاڻيءَ انهن جو گذر جو سلسلو ٻوڙي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ٻني ٻاري وارا آهن. جن کي پنهنجا مال ۽ پنهنجا وٿاڻ آهن. اسان انهن جي ڳالهه نه ٿا ڪريون. اهي تي آس پاس ترسي پيا. انهن ته هاڻي واپسيءَ جو سفر به شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت اهم ترين مسئلو انهن ماڻهن جي حوالي سان آهي، جيڪي هڪ مخصوص سماجي سيٽ اپ ۾ پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا. انهن جو هاڻي ڪجهه نه رهيو آهي. اهي ماڻهو جيڪي ڏهاڙي مزدوري ڪندا هئا. اهي جيڪي گاڏن تي شيون شڪليون وڪڻي پنهنجن ٻچڙن جي روزي ڪمائيندا هئا. اهي ماڻهو هاڻي ڪيڏانهن وڃن؟ هن حالت ۾ ته ٻڏل بازارن جي بحالي به تمام گهڻي مشڪل آهي. ان حالت ۾ جيڪي دڪانن جي آڏو پنهنجي روزي روٽيءَ جو ڪو نه ڪو گس ڪڍي هلندا هئا، انهن جو ته هاڻي ڪجهه نه رهيو آهي ۽ انهن ماڻهن جو تعداد گهٽ ڪونهي. اهي ماڻهو تمام گهڻا آهن.
سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ انهن ماڻهن جي اڪثريت آهي، جن وٽ ڪک هئا. اهي ڪک به ٻوڏ جي لهرن ۾ لڙهي ويا. هاڻي هو ٻچا وٺي ميدان تي آيا آهن. انهن وٽ واپسيءَ جو ڪو رستو ڪونهي. سرڪار انهن جي مٿان تمام گهڻو زور به ڀريندي ته هو واپس وڃن پر هو سرڪار کان ئي پڇا ڪندا ته اسان ڪاڏي وڃون؟ سرڪار وٽ ان سوال جو جواب اهو ئي هوندو ته جتان آيا آهيو، اتي واپس وڃو. جڏهن ته هو موٽ ۾ سرڪار کي اهو ئي جواب ڏيندا ته هاڻي نه اهي ڳوٺ رهيا آهن ۽ نه اهي ڳليون رهيون آهن. هاڻي پويان ڪجهه به ڪونهي. اسان موٽي ڪيڏانهن وينداسين؟
حڪومت ۽ نه صرف حڪومت پر رياست کي به انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻي پوندي. انهن کي نئين سر وسائڻو پوندو. انهن کي جياپي جو هڪ الڳ جهان جوڙي ڏيڻ جو فرض حڪومت ۽ حڪومت کان وڌيڪ رياست جو آهي. ڇا اهو ڪجهه ٿي سگهندو؟ هن حڪومت ۾ ته ڪو حال ڪونهي. هن حڪومت جي سبب ته هي ماڻهو هن حال ۾ پهتا آهن. هيءَ حڪومت ته انهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪندي. انهن جي پوءِ ڪجهه به ڪير ڪندو؟ ڇا رياست انهن جو هٿ جهلي انهن کي هنڌ تي رسائيندي؟ جنهن هنڌ هو انساني حقن سان جيئڻ جي حيثيت حاصل ڪري سگهن؟ جڏهن هيڏي وڏي آفت ۾ رياست جو ڪو خاص ڪردار ڏسڻ ۾ نه آيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ هو ڇا ڪندي؟ خاص طور تي جڏهن سنڌ جو وڏو وزير اها دانهن ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو ته ٻاهرين ملڪن مان جيڪا به امداد آئي آهي، اها سموري اين ڊي ايم اي يعني نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي وٽ آهي ۽ ان مان سنڌ کي هڪ داڻو نه مليو آهي ته ان حالت ۾ اسان رياست کان اها اميد ڪيئن رکون ته انهن جي نئين سر آباديءَ ۾ هن جو موثر ڪردار هوندو. غلط اميدون رکڻ به اسان کي هن حال تائين پهچايو آهي. ان ڪري اسان کي هاڻي پنهنجي حال تي رحم کائي اهو ڪجهه نه سوچڻ گهرجي، جيڪو نه ٿي سگهي.
حڪومت ۽ رياست جڏهن هٿ ڪڍي وڃن ته مصيبت ماريل ماڻهن جو سهارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن نقصان ننڍو هجي ها ته شايد ان سلسلي ۾ اين جي اوز جو به اهم ڪردار ممڪن ٿي پئي سگهيو پر هي تمام وڏي آفت آهي. ان کي اين جي اوز ته ڪنهن به طرح سان منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. هونءَ به اسان جي ملڪ ۾ انٽرنيشنل اين جي اوز کي کلي ڪم ڪرڻ جي اجازت حاصل ناهي. ان ڪري اسان کي وري به پنهنجن وسيلن تي ويچار ڪرڻو پوي ٿو.
سنڌ ۾ سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ پاران ٻوڏ ستايل سنڌي ماڻهن جي نئين سر آبادي نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اصولي طور تي وڏو سهارو سرڪار مخالف سياسي پارٽيون هونديون آهن. ڇا هن وقت سنڌ ۾ اهڙيون سياسي قوتون آهن، جيڪي قوم جي هن ڏتڙيل ۽ ڏکن ۾ ڏريل حصي کي عزت واري جياپي جو ڪو گس ڏئي سگهن. پنهنجي قوم ۾ اهڙين سياسي قوتن جي کوٽ ڏسي سنڌ پرست حلقا ان تي اصرار ڪري رهيا هئا ته ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪجي. ڇو ته ڪراچيءَ ۾ ايتري آبادي ۽ ايترو سرمايو آهي جو اهو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪجهه لک سنڌين جو بار به کڻي وڃي ها. هونءَ به وڏا شهر وڏيون تربيت گاهون هوندا آهن. جڏهن ته ملير ٽينٽ سٽي منصوبو اهڙين اميدن مٿان ڊرون حملو ثابت ٿيو آهي. ان حالت ۾ اهو ساڳيو سوال تمام گهڻي شدت سان پيدا ٿي پيو آهي ته آخر ٻوڏ ستايل ۽ پراڻا وسيلا وڃايل ماڻهن کي عزت ۽ آبرو ڀريو سهارو ڪير ڏيندو؟
تاريخ انسانن جي لاءِ عظيم تجربي گاهه رهي آهي. اسان جيڪڏهن اهو سوال کڻي تاريخ جي ليبارٽريءَ ۾ وڃون ٿا ته اسان کي ان سوال جو اهوئي جواب ملي ٿو ته جياپي جون نيون ڪوششون نون رستن ۽ نون مسافرن ۽ نين منزلن کي جنم ڏينديون آهن. سنڌي قوم جو ٻوڏ ستايل حصو هن مهل تاريخ جي ان رستي تي هلي رهيو آهي، جنهن رستي جي لاءِ ايم اسڪاٽ پيڪ پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب The Road Less Traveled لکيو هو.
جڏهن روايتي رستا نه ملن، تڏهن نوان رستا ٺاهڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه نه رهندي آهي.