ٻوڏ جهڙي آفت اچڻ کان پوءِ ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي گهڻو ڪري سرڪاري اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. اهڙي ريت تعليمي ادارن جون سرگرميون سخت متاثر ٿي وينديون آهن. هن ڀيري به جڏهن ٻوڏ کان پوءِ متاثرن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو ته ڪيترائي آواز اٿڻ لڳا. اسڪولن جي انتظاميه پڻ اهو چيو ته متاثرن کي گهڻي وقت تائين تعليمي ادارن ۾ رهائي نٿو سگهجي، تنهنڪري انهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي. ڪالهه آيل هڪ موجب تعليم کاتي جي سيڪريٽري فيصلو ڪيو آهي ته جن اسڪولن کي رليف ڪيمپ قرار نه ڏنو ويو آهي، انهن کي ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرايو ويندو.
سنڌ جا سمورا اسڪول ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جَي سيڪريٽري صوبي جَي سمورن ڊي سيز کي خط لکي ڇڏيو آهي. سيڪريٽري خط ۾ چيو آهي ته ڪجهه اسڪولن کي رليف ڪيمپ قرار ڏنو ويو هو، پر رليف ڪيمپ قرار نه ڏنل ڪجهه اسڪولن ۾ وري متاثر پاڻمرادو ترسي پيا.خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ وارِي صورتحال جِي سنگيني کي سمجهون ٿا پر ٻارن جِي تعليم به حساس معاملو آهي، تنهنڪري متاثرن کان اسڪول خالي ڪرائي کين خيما بستين ۾ ترسايو وڃي. واضح رهي ته برساتي ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جن اسڪولن سميت مختلف روڊ رستن تي پناهه ورتي آهي. هڪ پاسي سنڌ جا سوين اسڪول آهن، جتي برساتن جو پاڻي بيٺو آهي، ان ڪري به ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي اهي اسڪول آهن، جتي ٻوڏ متاثرن کي رهايو ويو آهي، ان ڪري به جيڪي ٻار اسڪول وڃي سگهن ٿا، اهي اسڪول نه پيا وڃن. اهڙي ريت ٻنهي پاسي شاگردن جي تعليم جو نقصان ٿي رهيو آهي. تنهنڪري هاڻ جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو کڻي دير سان ڪيو ويو آهي پر اهو هڪ بهتر فيصلو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثرن کي رهائڻ لاءِ سرڪار وٽ ٻيون به ڪيتريون ئي جايون آهن ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي سرڪاري پلاٽ پڻ آهن، جتي انهن کي رهائي سگهجي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻوڏ متاثرن جي رهائش جو بندوبست ٻين جاين تي ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي تعليم جو جيترو نقصان ٿيو آهي، ان کي گهٽائي سگهجي ۽ تعليم جي سلسلي کي وري شروع ڪيو وڃي.
دادو واسين کي ترت رليف ڏيو
هاڻوڪي ٻوڏ سبب دادو ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. اتي نه فقط ماڻهن کي مالي نقصان ٿيو آهي پر جاني نقصان پڻ ٿيو آهي. اڄ به دادو ۾ پاڻي بيٺل آهي. جنهن ڪري زندگيءَ جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت کي دادو ضلعي جي بحاليءَ لاءِ گهڻُو وقت لڳي سگهي ٿو پر ڇا حڪومت ان پاسي ڌيان ڏئي رهي آهي.
دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباهين سبب متاثر دربدر، بکن ۾ پاهه ٿي ويا، ضلعي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 75 هزار 670 گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. ٻوڏ جي پاڻي ۽ مختلف بيماريءَ ۾ هڪ مهيني دوران 39 ٻارن سميت 81 انساني جانيون ضايع ٿي ويون. اڍائي لک کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم کان محروم بڻيل آهن. خبر موجب دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباهين سبب متاثرن دربدر ٿي ويا آهن. دادو ضلعي جي ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي تعلقن سان تعلق رکندڙ سوا 2 لک ماڻهو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، دادو جي انڊس هاءِ وي، ايل ايس بند، دادو ڪئنال جي ڪپن سميت مختلف روڊن ۽ رستن تي ٻوڏ متاثر کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جتي هو بکون ڪاٽي رهيا آهن. ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ضلعي جي 17 لک آبادي مان ساڍا 8 لک ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ 4 لک 53 هزار 153 ٻارڙا، 1 لک 86 هزار 287 عورتون شامل آهن، جڏهن ته ضلعي ۾ 97 هزار 330 ايڪڙن تي پوکيل فصل مڪمل طور پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، 686 جانور ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي مري ويا آهن. جڏهن ته ٻوڏ جي پاڻي ۽ مختلف بيمارين ۾ هڪ مهيني دوران 39 ٻارڙن سميت 81 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، 8 هزار 7 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا، پيرسن مرد توڙي عورتون مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن، جنهن ۾ چمڙي، گيسٽرو، مليريا، تيز بخار سميت ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ضلعي انتظاميا جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب ضلعي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 75 هزار 670 گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. هن صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته دادو ضلعو هاڻوڪين برساتن ۾ ڪيترو متاثر ٿيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ اتان جا ماڻهو ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته دادو واسين کي وڌيڪ رليف جي ضرورت آهي. انهن جو جيترو به نقصان ٿيو آهي، انهن جو پورائو ڪرڻ ضروري آهي. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها هر حوالي سان دادو جي ماڻهن جي مدد ڪري. ضلعي مان پاڻيءَ جي نيڪال جو ترت بندوبست ڪري ته جيئن دادو واسين کي پريشانين مان ڪڍي سگهجي. ٻي صورت ۾ دادو واسين جون تڪليفون ڏينهون ڏينهن وڌنديون رهنديون. دادو مان جيڪي به ماڻهو دربدر ٿيا آهن، انهن جي واپسي ۽ بحاليءَ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن.