چوندا آهن ڪنهن به ماڻهو، نظريي ۽ عقيدي جي غلامي انسان کي ذهني معذور بڻائي ٿي ڇڏي، جيڪو نظريو انسان کي عزت ڀري ۽ خوشحال زندگي مهيا نٿو ڪري اهو ڪيترو به اعليٰ هجي انسانن لاءِ بيڪار آهي، ڇو ته نظريا ۽ نظام انسان لاءِ هوندا آهن. انسان نظريي لاءِ نه هوندو آهي. نظريا انسان جا محتاج هوندا آهن. انهن کي انسان تخليق ڪندو آهي، انسان نظريي جو محتاج نه ان جو خالق هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو انسان پنهنجي ارتقائي سفر ۾ پنهنجي ڀلائي، بھبود ۽ پرامن زندگي گذارڻ لاءِ مختلف وقتن تي مختلف نظريا تخليق ڪيا آهن پر بدقسمتيءَ سان ڪي ملڪ ۽ قومون نظرين کي انسانن جي فلاح ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران ماڻهن کي ان نظريي جو غلام بڻائي ڇڏيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو نظريو اعليٰ ٿي ويو ۽ انسان کي ادنيٰ بڻايو ويو. ايئن ڪرڻ سان انسان جي صلاحيت متاثر ٿي. هو ان نظريي جو پولڳ ٿي ويو، طاقتور قوتون نظريي زور تي هن کي پيڙهيندون رهيون!
دنيا جي ملڪن جا دستور ۽ قانون اتان جي شهرين کي تحفظ ڏيندا آهن، انهن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا ضامن هوندا آهن. وقت ۽ حالتن جي تبديل ٿيڻ سان انهن ۾ مناسب تبديلي ڪري ان کي شهرين لاءِ وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو آهي ته جيئن رياست سان گڏ ان ملڪ يا قوم جي ماڻهن جون بنيادي ضرورتون آسانيءَ سان پوريون ڪري سگهجن.
اسان جو الميو اهو آهي ته اسان وٽ دستور ۽ قانون ۾ تبديلي حڪمرانن جي فائدي لاءِ ڪئي ويندي آهي. قانون انهن جي آسانيءَ لاءِ جوڙيا ويندا آهن ته جيئن انهن کي ڪا تڪليف نه اچي، انهن جي زندگي آسان ٿئي. اهي آرام سان عوام جو استحصال ڪري سگهن. انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري سگهن. اهو فقط اتي ٿيندو آهي جتي عوام کي غلام سمجهيو ويندو آهي. انهن کي غلامن وانگر هلايو ويندو آھي ۽ انهن جا ڪي به بنيادي حق تسليم نه ڪيا ويندا آهن. اهي جڏهن پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا آهن، آواز اٿاريندا آهن ته انهن جي آواز کي دٻايو ويندو آهي. انهن کي ڪچليو ويندو آهي. احتجاج ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ واڙيو ويندو آهي. ڦاهي چاڙهيو ويندو آهي. اهو ڏاڍ ۽ جبر ڪري حاڪم ايئن سمجھندو آهي ته هو ڪامياب ٿي ويو، هاڻي ڪابه بغاوت نه ٿيندي، ڪوبه احتجاج ۽ مظاهرو نه ٿيندو پر اها حاڪمن جي خوشفهمي هوندي آهي. وقت جي ڦرڻ سان نه اهي حاڪم رهندا آهن نه ئي انهن جا ٺاهيل نظريا پاڙ جهلي سگهندا آهن. تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي!
موجوده سنڌ جي حڪمرانن پوين چوڏهن سالن کان سنڌ کي غلامن وانگر هلايو آهي. غلامن وانگر ماريو ۽ مارايو آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ لکين ماڻهو دربدر ڪيا ويا، سوين ماڻهو مري ويا. انهن جا گهر برباد ٿي ويا. انهن جو اربن روپين جو نقصان ٿيو پر حڪمرانن کي ان ڳالھه جي ڪا پرواهه نه ٿي. ماڻهن لاءِ ايندڙ ٻاهرين امداد به کائي ويا. امدادي سامان مٽن مائٽن ۽ سنگت ۾ ورهايو ويو ۽ دڪانن تي وڪرو ڪيو ويو پر ٻوڏ متاثرن کي نه ڏنو ويو. اهو سلوڪ فقط غلامن سان ٿيندو آهي. سنڌ جي جاگيردارن، پيرن ۽ ڀوتارن صدين کان وٺي هتان جي ماڻهن کي غلامن وانگر پئي هلايو آهي. سنڌ کي غلامن جو ٻيڙو بڻايو ويو آهي. اهو ٻيڙو جنهن ۾ جيڪڏهن غلام جو موت ٿئي ٿو ته ان کي ٻوڏ جي پاڻي حوالي ڪيو ٿو وڃي. ظالم حڪمرانن هن ڌرتيءَ کي غريب مسڪين ۽ پورهيتن لاءِ دوزخ بڻايو ڇڏيو آهي. جڏهن ته امير ۽ سرنديءَ وارو طبقو پورهيت عوام جي پورهئي جو استحصال ڪري سک واري زندگي گذاري رهيو آهي.
2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ پاڻي ماهرن راءِ ڏيندي چيو ته سنڌو درياهه جي رستي ۾ ٿيندڙ حد دخليون هٽائي درياهه کي سمنڊ تائين صاف رستو ڏنو وڃي. قدرتي لنگهن تان قبضا ختم ڪيا وڃن. سنڌ اسيمبلي ايريگيشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي آبپاشي کاتي جي قانون 1879ع جي سيڪشن 62 واڌارو ڪندي بل پاس ڪيو، جنھن موجب درياهه جي قدرتي لنگهن تي قبضو ڪندڙن کي ڏهه سال ٽيپ ۽ ڏهه لک ڏنڊ جي سزا ملندي. ان ڪيس ۾ قبضو ڪندڙ جي ضمانت به نه ٿيندي ۽ درياهه جي قبضي هيٺ آيل زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت هوندي، ڀلي اها ڪنهن شخص کي ڪورٽ جي فيصلي موجب ئي مليل ڇو نه هجي، حڪومت اها زمين ستن ڏينهن جي نوٽيس تي خالي ڪرائي سگهي ٿي پر ڏهه سال گذرڻ جي باوجود ان تي عمل نه ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ تي انهن ساڳين حڪمرانن جي حڪمراني رهندي پئي آئي، پاڻيءَ جي وهڪرن جي لنگهن تان قبضا نه هٽايا ويا. سکر بئراج جي مرمت نه ٿي، ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جي سار نه لڌي وئي. ان لاءِ رکيل اربين روپيا تين وال ڪيا ويا. نتيجي ۾ آيل ٻوڏ هيل تائين سنڌ جو وڏو هاڃو ٿي سامهون آيو جنهن ۾ هزارين ماڻهو مري ويا ۽ روز مري رهيا آهن، ڪروڙين دربدر آهن. ماڻهن جو اربن روپين جو نقصان ٿيو آهي. اھڙو سلوڪ فقط غلامن سان ئي ٿيندو آهي، حڪمرانن جي آقائي روش جو اهو ڪو پهريون مثال ڪونهي پر اهڙا واقعا وقفي وقفي سان سنڌ ۾ ٿيندا رهيا آهن. جنهن ۾ سنڌ جو عوام ان ڳالھه ۾ حق بجانب آهي ته هن ملڪ ۾ سنڌ کي غلام بڻائي رکيو ويو آهي. هتان جي ماڻهن جيئن جا سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ اسان وس وارن کي چتاءُ ڏيندي اها ڳالھه وري ورجايون ٿا ته ملڪ جي دستور ۾ ڏنل شهرين جي بنيادي حقن کي بحال ڪيو وڃي ۽ دستور کي انسان جي فائدي ۽ ترقيءَ جي ڏس ۾ ان تي نظرثاني ڪندي صوبن جي ماڻهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن. ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪندي انهن کي انسان سمجهندي انهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. تنهن کان پوءِ صاف ۽ شفاف آدم ڳڻپ ڪرائي اليڪشن ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقي جمهوريت بحال ٿي سگهي.