برسات کان پوءِ ماڻهن جو وڏو انگ دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيو آهي. انهن حالتن ۾ ماڻهو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن پڻ ڏئي رهيا آهن. خاص طور تي ٻوڏ متاثر هاڻي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن لاءِ هن وقت بيمارين کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. انهن بيمارين ۾ گهڻيون بيماريون اهڙيون آهن، جيڪي پاڻي سبب پيدا ٿي رهيون آهن پر ٻئي پاسي مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس پڻ وڌي رهيا آهن. هر ضلعي ۾ ماڻهو بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. ميرپورخاص ضلعو به برساتن سبب سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن ڪري ماڻهن جي بيمار ٿيڻ جو سلسلو وڌي رهيو آهي. ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، ان ۾ مليريا ۽ ڊينگي جي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي.
ميرپورخاص ضلعي ۾ مليريا جا 10 هزار ۽ ڊينگي جا 140 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، صحت کاتي جي مقامي عملدارن مريضن جي علاج لا ميڊيڪل ڪئمپون نه لڳايون. سڄي ضلعي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ گيسٽرو سبب ٻوڏ متاثر آزار ۾ آهن. سنڌ سرڪار به متاثر مريضن جي علاج لا ڪو نوٽيس ناهي کنيو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشوڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ مليريا ۽ ڊينگي جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. گذريل مھيني ۾ ضلعي اندر 7 ھزار 503 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته ھلندڙ مھيني ۾ 3 ھزار 105 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اھڙي ريت مليريا ۾ ورتل مريضن جو انگ 10 ھزار 608 ٿي ويو آهي. گذريل مھيني ۾ ضلعي ۾ ڊينگي جا 80 ڪيس ظاهر ٿيا، ھلندڙ مھيني ۾ ڊينگي جا 60 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي پاسي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ گيسٽرو جو مرض تيزيءَ سان ڦھلجي رھيو آهي، پر صحت کاتو ميرپورخاص وبائي بيمارين کي روڪڻ لا وئڪسين ڪرڻ سميت ڪي قدم نه پيو کڻي، جيڪو انساني جانين لا نقصانڪار آهي. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته يوسي سطح تي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري بيمارين کان بچاءُ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته مليريا ۽ ڊينگي وڌڻ سان ميرپورخاص واسين لاءِ پريشانيون وڌي رهيون آهن، انهن جو مناسب علاج به ڪونه ٿي رهيو آهي. علاج نه ٿيڻ ڪري اهو سلسلو اڃا به وڌي سگهي ٿو ۽ مريضن جي حياتين کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري انهن مرضن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن ۽ ان کان سواءِ سڄي شهر ۾ مڇر مار اسپري پڻ ڪرايو وڃي ته جيئن ماڻهو مرض کان بچي سگهن. سنڌ جي صحت کاتي کي ڪنهن به ريت ميرپورخاص جي شهرين ۽ ٻوڏ متاثرن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڳ ئي اتان جا ماڻهو ٻوڏ جي ڪري ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڪري انهن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ٻار وڪرو ڪندڙ ٻوڏ متاثر
ٻوڏ جي تباهڪارين کان پوءِ جيڪا صورتحال هاڻوڪن ڏينهن ۾ سامهون اچي رهي آهي، اها بنهه گهڻي خطرناڪ آهي. هڪ پاسي ماڻهو بيمارين جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي ۽ ان کان سواءِ اهي عدم تحفظ جو شڪار پڻ آهن. سڄي سنڌ ۾ هر هنڌ ٻوڏ متاثر ويٺل آهن. پر ڪي ڪٽنب اهڙا به آهن، جن جو سڀڪجهه لڙهي ويو آهي. تنهنڪري اهي نه رڳو وڌيڪ ڏتڙيل آهن پر انهن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪجهه ڪونهي بچيو. ماڻهو غربت سبب پريشان لڳا پيا آهن ۽ ڪن جاين تي اهي پنهنجا ٻار وڪڻڻ لاءِ تيار لڳا پيا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجا ٻار وڪڻي رهيا آهن، اهي کين کارائي پياري نٿا سگهن. انهن وٽ هڪ ويلو ماڻي کائڻ لاءِ به ناهي. تنهنڪري اهي پنهنجا ٻچا وڪڻڻ لاءِ تيار لڳا پيا آهن. لاڙڪاڻي مان هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي.
لاڙڪاڻي شهر جي قطب ڪالونيءَ جي رهواسي برسات متاثر پورهيت پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نورل چانڊيو پنهنجي ٻارن سمير علي ۽ امير علي چانڊيو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مان انتهائي غريب آهيان، جڏهن ته تازو برساتن سبب گهر ڊهي پٽ ٿي ويو آهي، پر افسوس حڪومت توڙي ضلعي انتظاميه منهنجي ڪا مدد ناهي ڪئي، جڏهن ته هن وقت ٻچا بکن تي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جنهن ڪري مان ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان. هن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته مون کي راشن ۽ تنبو ڏيڻ سان گڏ منهنجي مالي سهائتا ڪري انصاف ڪن. ڄاڻايل خبر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻوڏ متاثر ڪهڙين ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن لاءِ هاڻوڪن ڏينهن ۾ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. پر اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها کين بدترين حالتن کان بچائي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثرن جي معاشي حالت حڪومت جي اندازي کان به وڌيڪ خراب آهي. تنهنڪري انهن کي گهڻي سهائتا جي ضرورت آهي. انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هر سطح تي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڪوبه مائٽ پنهنجي خوشيءَ سان ٻار نٿو وڪڻي سگهي. تنهنڪري سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ۾ ڪا ڪسر نه رهڻ گهرجي.