پاڪستان دنيا جو اڪيلو اهڙو ملڪ نه آهي جنهن وٽ فوج آهي. نه اهو اڪيلو اهڙو ملڪ آهي جنهن وٽ ايٽمي صلاحيت آهي. نه اهو اڪيلو اهڙو ملڪ آهي جنهن جي فوج وٽ بندوقون آهن. پر اهو اڪيلو اهڙو ملڪ ضرور آهي جنهن جي فوجي بندوقن جي نالين منجهان سياسي اقتدار ۽ اختيار جون نديون وهنديون آهن. ان ڪري ئي دنيا اندر فوج جي سالارِ اعظم جي مقرريءَ جو معاملو ايترو اهميت جوڳو ڪڏهن نه هوندو آهي جيترو پاڪستان ۾ آهي. خاص ڪري موجوده وقت ۾ جهڙي نموني هر ڪنهن محفل ۾ اهو موضوع بحث هيٺ آهي، سوشل ميڊيا تي هر ايرو غيرو ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيو آهي، اهڙي نموني اڳ ڪڏهن ڪونه ٿيو آهي. سالارِ اعظم ڪير بڻبو يا ڪير نه بڻجي سگهندو؟ واري سوال جو جواب لهڻ کان اڳ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ اهو عمل سکڻي سينارٽيءَ جي بنيادن تي انجام ڏنو ويندو آهي جهڙوڪ: جرمنيءَ ۾. ڪجهه ملڪن ۾ وري مقرريءَ جي مختار جي مرضي يا ذاتي پسند ناپسند به هلندي آهي جهڙوڪ: آمريڪا، جتي سرد جنگ واري زماني ۾ تڏهوڪي آمريڪي صدر لڳ ڀڳ پنجاه سينيئر جنرلن کي نظر انداز ڪري جنرل هيگ کي يورپ ۾ اتحادي فوج جو سربراه مقرر ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ پڻ چونڊيو ويو هو. ڪجهه ملڪن ۾ وري ٿري اسٽار جنرلن جي سينارٽي لسٽ سان گڏوگڏ سندن لياقت ۽ قابليت کي به نظر ۾ رکيو ويندو آهي جهڙوڪ: پاڙيسري ملڪ هندوستان يا پاڪستان اندر. پر اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري چيف ايگزيڪيوٽو جي پسند ناپسند جو عنصر وڌيڪ حاوي رهيو آهي. جڏهن ته ان منجهان اڄ تائين کٽيو ڪنهن ڪونه کاڌو آهي. مثال طور 1947ع ۾ پاڪستان جو پهريون آرمي چيف جنرل فرينڪ ميسروي موڪلون گذارڻ لاءِ برطانيا ويل هو. سندس جاءِ تي جنرل ڊوگلس گريسي وقتي آرمي چيف جو عهدو سنڀالي رهيو هو. جنرل گريسي پاڪستان جي تڏهوڪي سويلين گورنر جنرل ۽ باباءِ قوم قائدِ اعظم محمد علي جناح جو اهو حڪم مڃڻ کان نابري واري ڇڏي هئي جيڪو ڪشمير تي قبضي لاءِ فوج اماڻڻ جي سلسلي ۾ هو. اهڙي حڪم عدوليءَ باوجود ڪا سزا ملڻ يا ڪورٽ مارشل ٿيڻ ته ٺهيو، ابتو 1948ع ۾ جنرل گريسيءَ کي پروموشن ڏئي آرمي چيف بڻايو ويو، جيڪو 1951ع تائين ان عهدي تي برقرار رهيو. 1951ع ۾ وزيرِ اعظم لياقت علي خان پنهنجي خاص صلاحڪار جناب اسڪندر مرزا جي سفارش ۽ لڳاتار چئو چوان تي ٽن سينيئر جنرلن کي نظر انداز ڪندي جنرل ايوب خان کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. ايوب خان کي نيڪيءَ جو بدلو نيڪيءَ سان چڪائڻو هو سو ٻن ٽن سال کانپوءِ دنيا ڏٺو ته اسڪندر مرزا ملڪ جو پهريون صدر بڻجي ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن ملڪ جون حالتون خراب ٿيون خاص ڪري تڏهوڪي اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ ته صدر اسڪندر مرزا مارشل لا لاڳو ڪري جنرل ايوب خان کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. پنهنجو من پسند سالار مقرر ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه مهينن اندر ئي ايوب خان اسڪندر مرزا کي صدارت واري عهدي تان هٽائي جلاوطن ڪيو ۽ پاڻ ملڪ جو صدر بڻجي ويهي رهيو. قصو اتي پورو ڪونه ٿو ٿئي. ٿوري وقت کان پوءِ جنرل ايوب خان سان به ساڳي حالت ٿي. سندس حڪومت ۾ ڪمانڊر ان چيف جي عهدي تي مقرر يحى خان ملڪ اندر موجود سياسي ۽ سماجي غير يقينيءَ کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ شرط رکيو ته هُو مارشل لا لاڳو ڪري حالتن کي رڳو ان صورت ۾ ڪنٽرول ڪندو جڏهن ايوب خان اقتدار ڇڏڻ لاءِ راضي هجي. بعد ۾ يحى خان کي ڀٽو صاحب پاسي تي ڪري ڇڏيو ۽ ڀُٽي صاحب کي سندس پسنديده جنرل ضياءُالحق اقتداري تخت تان لاهي ڦاهيءَ جي تختي تي چاڙهي ڇڏيو. جنرل ضياءُ الحق کان پوءِ ملڪ جو صدر غلام اسحاق خان ۽ سندس پسند جو وزيرِ اعظم ميان نواز شريف پهريون ڀيرو جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ هٿان اقتدار کان محروم بڻايا ويا. ٻيو ڀيرو ميان نواز شريف کي 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف اقتدار کان محروم ڪيو، جيڪو هڪڙي زماني ۾ نواز شريف جو پسنديده جنرل هو. نواز شريف جو ڀاڳ ڀلو هو جو کيس پنهنجي غلطيءَ جي سزا گھٽ ملي. ذوالفقار علي ڀُٽي جيان زندگيءَ تان هٿ نه کڻڻو پيس. ان سموري تاريخ منجهان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان اندر آرمي چيف ڪير به هجي. محبِ وطن ۽ لائق فائق ڀل جيترو به هجي پر اهو پنهنجي ذاتي ۽ ادارتي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ڪندو. هڪڙو ڀيرو چيف بڻجي وڃڻ کان پوءِ ان کان اهو وسري ويندو آهي ته کيس چيف بڻايو ڪنهن هو. ان ڪري سياسي پارٽين کي پنهنجي پسند جي آرمي چيف جي مقرريءَ جي ڳڻتي نه ڪرڻ گھرجي. هن وقت پي ڊي ايم حڪومت جو اهو آئيني اختيار آهي ته وزيرِ اعظم نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جو فيصلو ڪري. يقينن وزيرِ اعظم شهباز شريف، سندس پارٽي ۽ اتحادي جماعتون ان باري ۾ غور ويچار به ڪري رهيون هونديون پر ٻئي پاسي تحريڪِ انصاف جو سربراه اڳوڻو وزيرِ اعظم عمران خان به ان معاملي تي پريشان آهي. ڪڏهن اهو موجوده چيف جي مُدي ۾ واڌ جي گُهر ٿو ڪري ته ڪڏهن وري حڪومت کي ختم ڪري نومبر کان اڳ عام چونڊون ڪرائي نئين چونڊجي آيل وزيرِ اعظم هٿان اهو خير جو ڪم سرانجام ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس چواڻي هاڻوڪي حڪومت غير قانوني ۽ غير آئيني آهي جنهن وٽ آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو اختيار ئي ڪونهي.
عمران خان لڳ ڀڳ چار سال ملڪ جو وزيرِ اعظم رهيو آهي. ان هوندي به اهو عوامي جلسن ۾ چوندو پيو وتي ته نئون آرمي چيف اهڙو اچڻ گھرجي جيڪو زرداري ۽ نواز شريف پاران لُٽيل ملڪي دولت پرڏيهه منجهان واپس آڻي ڏئي. سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان کي اها خبر ڪانهي ته آرمي چيف جي آئيني ذميواري ڪهڙي هوندي آهي؟ ڇا ملڪ ۾ موجود احتسابي ادارا جهڙوڪ: نيب، ايف آءِ اي ۽ عدالتون وغيره سياسي حڪومت بدران آرميءَ جي اختيار هيٺ ڪم ڪندا آهن؟ ڇا اڳوڻو وزيرِ اعظم پنهنجي ان بيان ذريعي اهو نه ٿو چوڻ چاهي ته ماضيءَ ۾ احتسابي ادارن جي آڙ ۾ سياسي انجنيئرنگ ٿيندي رهي آهي؟ عمران خان اڪثر اهڙيون تقريرون ڪري ٿو يا تقريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري وڃي ٿو، جيڪي ان سطح جي ماڻهوءَ کي نه ڪرڻ گھرجن. ان ڪري ئي باخبر ذريعن جو خيال آهي ته هن وقت کيس “ڍرَ ڏيڻ” وارو جيڪو تاثر ملڪ ۾ موجود آهي اهو جلد ئي ختم ٿيڻ وارو آهي. جلد ئي هر ڪنهن کي خبر پئجي ويندي ته گھڻي ويهين سئو آهي.
نفرت جو ڪاروبار اوج تي پهتل آهي. رياست هجي توڙي سماج، ان ڪاروبار منجهان کٽيو کائڻ کان نه ٿا رهن. اسان جي ملڪ ۾ مذهب جو سياسي استعمال ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. سياست دان هڪ ٻئي خلاف ڪافر ڪافر جو نعرو استعمال ڪرڻ ۾ آخري حد تائين هليا ويندا رهيا آهن پر مسلم ليگ نواز جي ميان جاويد لطيف عمران خان تي ويجهڙ ۾ تنقيد ڪندي بلڪل حد ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ نواز ليگ پاڻ به مذهبي سياست کي ويجهڙ ۾ ئي خطرناڪ نموني ڀوڳيو آهي. ان هوندي به اها باهه سان کيڏڻ کان نه ٿي مڙي جنهن منجهان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اها پنهنجي سياسي ساک تيزيءَ سان وڃائي رهي آهي. خان صاحب پڻ نفرت واري سياست منجهان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان جو هڪڙو فائدو ته ضرور ٿيو آهي جو جيڪي به ڍڳيون آهن انهن منجهان ڪنهن کي به مقدس نه ٿو مڃيو وڃي. مارگريٽ ايٽوڊ چواڻي “اسان پنهنجو پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري جن کي پنهنجو محافظ سمجهي چاٻيون سندن حوالي ڪيون، اهي محافظ بدران اسان جا جيلر ثابت ٿيا آهن.” جمهوريت اسان جي ملڪ ۾ صُوفن جي ريڙهيءَ جيان آهي جيڪا انهن محافظن يا جيلرن جي حوالي ڪئي وئي آهي. عوام کي ان جو ڪو به فائدو پوڻ نه ٿو ڏنو وڃي. انساني ترقي يا ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري جي تازي رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته دنيا جا 10 منجهان 9 ملڪ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌڻ بدران پوئتي هٽي رهيا آهن. پاڪستان 191 ملڪن جي فهرست ۾ 161 هين نمبر تي آهي ۽ ان جو شمار دنيا جي 32 اهڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي انساني ترقيءَ جي حوالي سان سڀ کان بري حالت ۾ آهن. پهرين ڪورونا ۽ هاڻي مِينهن ۽ ٻوڏ ملڪ جي معيشت جا لاههَ ڪڍي ڇڏيا آهن. بهرحال، صورتحال ڪهڙي به هجي، رياست وٽ اختيار ۽ موقعا هوندا آهن. ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻو آهي؟ اها چونڊ رياست جي پنهنجي هوندي آهي. تازي صورتحال ۾ نظر ائين پيو اچي ته حڪومت نئين آرمي چيف جي چُونڊ جي معاملي ۾ عمران خان جي ان صلاح تي ئي عمل ڪندي جيڪا هن بني گالا ۾ رابن رافائيل جي گهر واريءَ سان ملاقات کان پوءِ ڏني هئي. آخر ۾ بس ايترو چونداسين ته هن ملڪ ۾ سرمائيداراڻي جمهوريت ۽ سياست جو مستقبل جيڪو به ٿيڻو آهي، اهو اسلام آباد ۾ طئي ٿيڻ گھرجي راولپنڊيءَ ۾ نه.