پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جو مسئلو وڏي وقت کان بحث هيٺ ايندو رهيو آهي، لکن جي انگ ۾ رهندڙ افغانين جو سڀ کان وڏو انگ سنڌ ۾ آباد آهي، جيڪي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي هتي رهن پيا ۽ ان کان سواءِ اهي هتي پنهنجي مرضيءَ سان ڪاروبار ڪن ٿا. کين ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي. اهڙي ريت اهي نه رڳو ملڪ ۽ سنڌ جي وسيلن تي بار آهن پر هاڻ ته ملڪ ۾ ٿيندڙ بدامنيءَ جي هر واقعي ۾ افغاني ظاهر ٿي رهيا آهن. ماضي ۾ افغانين کي پنهنجي ملڪ اماڻڻ لاءِ غيرسنجيده ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. جڏهن ته اعليٰ عدليه به انهن کي افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڏئي چڪي آهي. پر تنهن هوندي به ڪا حڪومت انهن کي واپس ناهي موڪلي سگهي. نتيجي ۾ نه رڳو اهي ملڪ جي ڪيترن شهرن ۾ پکڙي ويا آهن پر اتي وارداتون به ڪري رهيا آهن. تازو سنڌ جي آءِ جي پڻ اها ڳالهه ڪئي آهي ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ وارداتن ۾ افغاني ملوث آهن. ان حوالي سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ ميمبر افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور موجودگيءَ تي ڪاوڙجي پيا ۽ چيو ته افغاني پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان لاءِ مرداباد جا نعرا هڻن ٿا، کين هتي رهڻ جو حق نه آهي. اربع تي پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نورعالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جا ميمبر افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني رهڻ تي ڪاوڙجي پيا. اجلاس ۾ چيئرمين نور عالم خان چيو ته افغان شهرين کي ڪراچي جهڙي شهر ۾ آزاد ڇڏيو ويو آهي، هتي ته هر شهر ۾ افغاني بنا ڪاغذن جي گهمي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ افغانين لاءِ مڪنيزم موجود آهي. هن چيو ته افغانستان جي رستن تي پاڪستان کي گاريون ڏنيون پيون وڃن، پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان لاءِ مرده باد جا نعرا لڳايا پيا وڃن. نور عالم خان اجلاس دوران چيو ته پاڪستان اڳ ئي آباديءَ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيو ته هتي جيڪو دهشتگرد پڪڙيو وڃي ٿو، اهو افغاني هوندو آهي. ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌاڙن ۾ ملوث افغاني آهن ۽ رڳو ڪراچي ئي نه پر پشاور ۽ اسلام آباد ۾ به ساڳيو حال آهي. هن چيو ته افغانين پاڪستان جي ماڻهن جا روزگار کسيا آهن ۽ پوءِ پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان مرده باد جا نعرا هڻن ٿا. آمريڪا وڃي آمريڪا مرده باد جا نعرا هڻي ڏيکاريو. نورعالم خان چيو ته اسان پاڪستان کي لبنان، عراق نٿا بڻائي سگهون. يو اين کي افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ رهائڻ لاءِ ڇو نه چيو ويو، يو اين کي چيو وڃي ته مرده باد چوندڙن لاءِ هتي جاءِِ نه آهي. پي اي سي چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو رجسٽرڊ نه آهن. انهن کي واپس سندس ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي. ان موقعي تي سيڪريٽري سيفران چيو ته هيءَ سنجيده مسئلو آهي، ان تي ميمبرن جا خدشا درست آهن. ڪميٽي جيڪي هدايتون ڏيندي ان تي عمل ٿيندو. اجلاس دوران سينيٽر سليم مانڊوي والا انڪشاف ڪيو ته دبئي مان 380 ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو ۽ انهن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو، جنهن تي نورعالم خان چيو ته اندازو لڳايو ته پاڪستان جي خلاف نعريبازي ڪندڙن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي دبئي مان ڊي پورٽ 380 افغانين جي لسٽ گهرندي چيو ته غيرقانوني افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ ترسايو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪئمپن ۾ نٿو ترسائي سگهجي ته واپس افغانستان اماڻيو.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي به غيرقانوني افغاني سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين حصن ۾ آباد آهن، انهن کي ترت پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪليو وڃي. پاڪستان اڳ ئي ڪيترن مسئلن جو شڪار آهي ۽ اهو هاڻ گهڻي وقت تائين افغانين جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته اها انهن کي افغانستان موڪلڻ جو بندوبست ڪري.