ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ جا سياسي ۽ معاشي بحران

Editorial-Article-Javed Pahwer

ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ آمريڪا طرفان جوڙيل اداري آءِ ايم ايف جو مقصد پٺتي پيل ملڪن سان معاشي طور سهڪار ڪري انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڪرڻ هو. پر ان جي پويان لڪيل عالمي سامراجي سازش اها هئي ته يورپ جي ڪجهه اتحادي ملڪن سان ملي پنهنجي ڪرنسيءَ کي سگهارو بڻائڻ ۽ قرض وٺندڙ ملڪن کي پنهنجون ڪالونيون بڻائڻ هو. ايتري ۾ هڪ سونا بيضا ڏيڻ واري ڪڪڙ پاڪستان هنن جي هٿ لڳي.
سوويت يونين جيستائين قائم هو. سوشلسٽ نظام جي ڊپ سبب حڪومتون مزدورن توڙي عوام کي حق ڏينديون هيون. سماج ۾ قانون نالي ڪو ديو رهندو هو. ڪرپشن، لاقانونيت ۽ انسان اخلاقي توڙي معاشي طور بهتر حالتن ۾ هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا يوني پولر بڻجي وئي. سڄي دنيا ڄڻ سرمائيدارن جي ضابطي هيٺ اچي وئي ان کان پوءِ عالمي سرمائيداريءَ جو راڳ شروع ٿيو. 20هين صديءَ جي شروعات تائين سرمائيدار يعني عالمي سامراج مڪمل طور دنيا تي حاوي بڻجي چڪو هو. ان سموري ڪاروهنوار جا اثر ٽين دنيا جي ملڪن تي پيا، جن کي قرضن جي آڙ ۾ ڳرين شرطن تحت غُلام بڻايو ويو جنهن جو مثال پاڪستان آهي.
انٽرنيشنل ٽريڊ آرگنائيزيشن جوڙڻ جو مقصد آزاد واپار کي هٿي ڏيڻ هو، پر اها ڳالهه به آمريڪا ۽ سندن اتحادين کان هضم نه ٿي سگهي ۽ قرضن عيوض ملڪن تي پابنديون لڳائيندا رهيا آهن. آمريڪا سان جڙيل ڪنهن به ملڪ کي ان جي اجازت کان سواءِ ٻئي ملڪ سان معاهدو ڪرڻ جي اجازت ناهي، جنهن جو واضح مثال پاڪستان جا روس سان لاڳاپا ۽ ايران سان تيل لاءِ هٿ وڌائڻ کي آمريڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو.
پاڪستان جي معيشت گذريل 75 سالن کان بيماريءَ جي اهڙي بستري تي آهي جنهن جو اٿڻ مشڪل آهي، هر سويلين توڙي نان سويلين حڪومتن ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. جن ماضي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهڙي رٿا جو بنياد نه رکيو آهي، جنهن سان ملڪ پنهنجي پيرن تي هلي سگهي. جڏهن ته ملڪ ۾ اهي سمورا وسيلا آهن، جيڪي ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن. ملڪ کي ملندڙ خيراتي فنڊنگ کي به نه بخشيو ويو. جيڪڏهن فقط ان کي ئي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪيو وڃي ها، تڏهن به صورتحال ڪجهه بهتر هجي ها.
دنيا جا ڪجهه اهڙا ملڪ جتي غربت ختم ٿيڻ بدران غريب ختم ٿي رهيو آهي. غربت جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن ۾ واڌ ٿئي ٿي، جنهن سبب اهي خودڪشي ڪن ٿا. هڪ بين الاقوامي تنظيم موجب دنيا ۾ 8 لک ماڻهو زندگيءَ تان هٿ کڻي (خودڪشي) چڪا آهن. جن ۾ آفريڪا، عراق، شام، ڀارت، گهانا ۽ پاڪستان شامل آهن.
هن وقت دنيا ۾ هڪ ته ماحولياتي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن. ٻيو ڪورونا جي وبا سبب دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ ملڪن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. خوراڪ جي کوٽ سان شين جي اگهن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. دنيا هڪ سنگين بحران کي منهن ڏيڻ واري آهي. روس ۽ يوڪرين جي تڪرار سبب پوري دنيا جا ملڪ ان جي سزا ڀوڳي رهيا آهن ۽ ان جا نتيجا اڃا بدتر ٿي سگهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو ٽين دنيا جو ملڪ هئڻ ناتي سڌي يا اڻ سڌي ريت ان جا اثر پاڪستان تي به پيا آهن.
گڏيل قومن جي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن موجب دنيا جا 30 ملڪ اهڙا آهن جن کي ڪڻڪ روس ۽ يوڪرين مان ملندي آهي. جڏهن ته هلندڙ جنگ جي ڪري روس يوڪرين جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. دنيا ۾ 30 سيڪڙو اناج متاثر ٿي رهيو آهي. سعودي عرب اڳڀرائي ڪندي آمريڪا سان چار ملڪي ڳالهين جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چين، آمريڪا ۽ انڊيا جنهن پڻ اناج جي ايڪسپورٽ کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ سعودي عرب پاڻ شامل هوندو.
هلندڙ ڪارپوريٽن جي حڪومت ۾ واپاري ڌڙا مڪمل طور خوش آهن، جو انهن جا حمايتي ئي اقتدار ۾ شامل آهن. حڪومت کي عوام جو ڪو فڪر ناهي. مٿان وري سياسي ماڻهن ۽ اقتدار جي حامين جي خرچن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. جن جي عياشيءَ جو بار عوام جي ڪلهن تي آهي. عوام هر شيءِ تي ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود به جيئڻ جي حق کان محروم بڻيل آهي. شين جي وڌندڙ اگهن ماڻهن کي هڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. مسئلو فقط مانيءَ جو ناهي، غربت جي ڪري صحت جا مسئلا جنم وٺي رهيا آهن. ملڪ جي اسپتالن ۾ موجود علاج جو معيار غريب لاءِ الڳ ته امير لاءِ الڳ آهي. دوائن جا بلند ترين اگھه غريب جي قوت خريد کان مٿي آھن. اڳوڻي حڪومت عوام کي رليف ته نه ڏئي وئي پر پوءِ به اٽي ۾ لوڻ برابر عوام پنهنجي حال تي خوش هو. هيءَ حڪومت نج واپارين جي حڪومت آهي، جنهن ۾ چاهي (ن) ليگ هجي يا پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جو اتحاد عوام مٿان قهر ٿي ڪڙڪيو آهي.
پاڪستان ۾ جيڪا سياست ٿي رهي آهي، ان کي سياست نٿو چئي سگهجي. جمهوري ملڪن وٽ عوام لاءِ ٿورا يا گهڻا پر پيڪيج موجود هوندا آهن. جڏهن ته پاڪستان جا سياستدان جڏهن پاڻ ئي “چور” هجن، جيڪي پنهنجون بُگريون ڀري ڪينيڊا، آمريڪا ۽ دبئي هليا وڃن ته ملڪ جو ٻيڙو غرق ٿيڻ کان ڪير نٿو بچائي سگهي. برطانيه کان آزادي ماڻڻ جي ڪجهه وقت کان پوءِ پاڪستان اسٽيبلشمينٽ جي قبضي هيٺ اچي ويو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ فيصلن جي خلاف ويو يا ان کي سڌ پئي ته انهن جا حشر دنيا جي سامهون آهن. ذوالفقار ڀٽو، عمران خان (چاهي عمران خان انهن جو اتحادي به رهيو هجي، پر ڪجهه بيانن ۾ هو انهن جي سرعام مخالفت به ڪري چڪو آهي). اڪبر بگٽي جهڙا سياسي اڳواڻ جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ٿيا ته انهن کي رستي تان هٽايو ويو.
جيڪي رياستون لاقانونيت، اخلاق، انصاف، قدرن، احساسن، ضرورتن بدران ناڻي کي ذخيرو ڪنديون هجن. جتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو تصور هجي، وسيلن جي ورڇ منصفاڻي نه هئڻ، عدالتن مان انصاف جو جنازو نڪرڻ، ڪرپشن کي روڪيندڙ ادارا ئي ڪرپشن ۾ ملوث هجن. اتي عوام شريف النفس زنده نٿو رهي سگهي. جنهن ملڪ ۾ رشوت، بدديانتي، بي ايماني، ڪرپشن، لالچ، قتل، حوس، ڏاڍائي ملڪي وسيلن کي ڦٻائڻ مذهبي نالي ۾ سيکاريو ويو هجي، ان ملڪ جو مڪينزم ڪمزور ئي رهندو.
سياست نظرين تي ٿيندي آهي، هر پارٽي وٽ پنهنجو الڳ منشور هوندو آهي، جنهن جي بنياد تي عوام کي خبر پوندي آهي ته ڪهڙي پارٽي ترقي پسند آهي يا رجعت پسند، ڪهڙي پارٽي وٽ عوام لاءِ مستقبل به سٺو لائحه عمل هوندو؟ پر هن ملڪ جا سياستدان ته ڪٺ پتليون آهن، فقط پتلين جو تماشو ئي ڏسڻ وٽان ملي پيو. ملڪ جي معيشت لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي وٽ منشور ناهي، ڪنهن سياستدان اسٽيج تي بيهي اها تقرير ڪئي هجي ته ملڪ جي نوجوانن لاءِ ڪهڙا منصوبا جوڙيا ويا آهن، جيڪي ملڪي ترقي ۾ اضافو ڪري سگهندا.
اقتدار هڪ جهنگ بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ ايندڙ ٻئي کان وڌيڪ بکيو پيو لڳي. پارٽين وٽ منشور ناهي فقط کوکلا اعلان آهن، جن ذريعي عوام ۾ نسلي، قومي، مذهبي جذبا اڀاري انهن جو استحصال ڪيو پيو وڃي.
هن وقت هڪ فرد جي جنگ پاڻ سان آهي، “جيئڻ جي جنگ” جنهن ۾ دير يا سوير کيس مايوسي ئي حصي ۾ اچي ٿي. ملڪ جي بدلجندڙ صورتحال ۽ عوام جو مهانگائيءَ جي ٽانڊن تي پيرين اگهاڙين هلڻ، اهو سڀ ڪجهه هڪ سوچي سمجهي منظم سازش تحت ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ جيڪا مهانگائيءَ جي بيماري آئي آهي، اها معاشي ماهرن موجب اڃا وڌندي، جنهن سان يقينن ملڪي حالتون اڃا وڌيڪ خراب ٿينديون ۽ ملڪ اندر ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو.
پاڪستان مان حاصل ٿيندڙ ٽئڪسن جو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ فوجي آفيسر، سياستدان ۽ وڏيرن، ميرن، پيررن ۽ شاهن جا خاندان پاڪستان ۾ رهڻ بدران ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڇو ٿا هليا وڃن؟ ڪجهه مهينن کان ڳاٽي ٽوڙ ٽئڪسن ۾ اضافو ٿيڻ باوجود ملڪ جي خزاني ۾ جيتري رقم آئي هوندي، ڇا اها فقط معمول مطابق آهي؟ ڇا آءِ ايم ايف کان ملڻ واري قسط جو استعمال ملڪ لاءِ ئي ڪيو ويندو يا (ن) ليگ حڪومت جي نيت ڪجهه ٻي آهي؟ قاعداعظم جي گذارڻ کان پوءِ جلد ئي ملڪ جن ڌڙن جي قبضي ۾ هليو ويو، ان جي پويان ڪنهن جي سازش هئي؟ انهن سوالن تي اسان جي عام ماڻهوءَ کي سوچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button