ڪجهھ ڏينھن اڳ ھڪ وڊيو وائرل ٿيل ھئي جنھن ۾ ھڪ ماڻهو ڪيَ اليڪٽرڪ طرفان بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ خاطر مجبور ٿي، آپگهات ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چواڻي ھو غيرسياسي ماڻهو آھي. ھن ٽن مھينن جا مھانگا بل اڳ به ڀريا آھن پر ھاڻي نٿو ڀري سگهي. ھن بل جا تفصيل ٻڌايا ۽ نوٽيس ڏنو ته ھاڻي رعايت نه ڪئي وئي ته ھو آپگهات ڪندو. ڏک جي خبر آھي ته ڪي اليڪٽرڪ ساڻس رعايت ڪانه ڪئي ۽ ھن ٿورن ڏينھن کانپوءِ يعني تازو آپگهات ڪري ڇڏيو. سندس لاش جي به وڊيو وائرل آھي.
ڪي اليڪٽرڪ جا ھڪ ئي وقت ظلم جا ٻه داستان گهڻي عرصي کان شروع آھن، يعني ھڪ ته ھر ڏھاڙي بجلي ڪيترا ڪلاڪ گم ٿي وڃي ٿي ۽ ٻيو ته وري بجليءَ جي بلن تي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي وڃي ٿي. اھو پنھنجي جاءِ تي مکيه پر ٻٽو ظلم آھي. يعني ڪروڙن گراھڪن کي ھڪ ئي وقت ٻنھي ظلمن جي سزا ڏني وڃي ٿي. ھئڻ ته ائين کپي ھا ته جيڪڏھن بجلي ھر ڏھاڙي گهڻو وقت گم ھوندي آھي ته مھيني جي بلن ۾ گهڻي گهٽتائي اچڻ گهرجي ھا پر اسان وٽ ته ظلم جو داستان ئي نرالا آھي، يعني بجلي ھر ڏھاڙي گهڻا ڪلاڪ گم ھوندي آھي ته مٿان وري ڪي اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي به ساڳي وقت جاري رھندي آھي.
تازو سنڌي جماعت ھائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ رات جو 12 بجي کان بجلي گهڻي وقت کان گم ٿي وئي ته مون ڪي اليڪٽرڪ کي فون تي شڪايت ڪئي ته انھن ورندي ڏني ته نو ڪلاڪ بجلي ڪانه ھوندي پر انھن پڇڻ باوجود، سبب ڪونه ٻڌايو ته ايڏو عرصو بجلي ڇو ڪانه ھوندي. بھرحال، بجلي نون ڪلاڪن بدران ساڍا ست ڪلاڪ ڪانه ھئي يعني ڪي اليڪٽرڪ جي “فرشتن” اھو عام تاثر ڏنو ته بجلي نون ڪلاڪن جي اعلان باوجود ڏيڍ ڪلاڪ اڳ ۾ آئي آھي. ڏسجي ته ظاھري طور اھو ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ وارن جو، پراڻو پر خطرناڪ ناٽڪ ھوندو آھي. ڀلا، ٻڌائين ته ڇا ساڍا ست ڪلاڪ بجلي غائب ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهھ آھي؟ عام ماڻھن سان پراڻي وقت کان اھڙو ناٽڪ رچائيندا رھندا آھن. يعني ڪيترن ورھين کان وڌيڪ بجلي غائب ڪرڻ جو وقت ٻڌائيندا رھندا آھن يعني اصل وقت کان وڌيڪ ته جيئن عام ماڻھن جو رت چوسڻ باوجود سندن ھمدردي قائم ڪري ڇڏجي. سوسائٽيءَ کان بجلي ھڪ رات ھو ته ساڍي ستين وڳي غائب ٿي وئي پر پوءِ به رات جو پنج ست ڪلاڪ بجلي ڪيترين راتين تائين غائب ھوندي آھي، جنھنڪري ڪالم لکڻ ۾ به گهڻي تڪليف ٿيندي آھي ڇاڪاڻ ته گهڻي عرصي تائين بجليءَ جو الڳ سسٽم عام طور نٿو ھلائي سگهجي. اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته رڳو رات جو بجلي غائب نٿي ٿئي پر ڏينھن جو به ڪيترا ڀيرا بجلي ڪاوڙجي رُسي ويندي رھندي آھي. ائين لڳندو آھي ته ڪي اليڪٽرڪ وارن جو دماغ گهڻي وقت کان بگڙيل آھي. ھو عوام جي تڪليفن کي ٿوري اھميت ڏيندا رھندا آھن. سندن اصل مقصد ماڻھن جي مدد گهٽ ڪرڻ پر الٽو انھن لاءِ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي پيدا ڪرڻ وڌيڪ ھوندي آھي، پوءِ ماڻھو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڀوڳين ته ڀلي پيا ڀوڳين پر ڪي اليڪٽرڪ ڀلي ججها ڏوڪڙ ڪمائيندي رھي. تازو مثال ڏجي ٿو ته تازو ڪي اليڪٽرڪ آگسٽ مھيني ۾ بجليءَ جو بل سنگل اسٽوري گهر لاءِ 40 ھزار 233 رپيا موڪليو ۽ انھن ۾ يونٽ به 798 ڏيکاريا ويا. جيڪڏھن ٿلھي ليکي چيڪ ڪجي ته ھڪ يونٽ 50 رپين ۽ 41 پيسن ٿي ويو. اھو وڏو ظلم ناھي ته ٻيو ڇا آھي؟ ڪي اليڪٽرڪ وارا ججها ٽيڪس ھڻي، عوام جو رت چوسين ٿا.
ھونئن به ڏسي ته عمران خان پوڻا چار سال وزيراعظم رھيو آھي ۽ ھن سال ڏھين اپريل تي کيس قومي اسيمبلي ووٽن ذريعي جائز طريقي سان ھٽايو پر ھو جيترو وقت به سرڪار ۾ ھو ته ھن ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ بار بار ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي ھئي، اھڙي ريت عام ماڻھن جو جيئڻ جو جنجال ٿي ويو. ٻيو ته ٺھيو پر بين الاقوامي يعني انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) سان عمران خان جيڪو ڳاٽي ٽوڙ ٺاهه ڪيو تنھن جي نتيجي ۾ بجليءَ جي ادارن، مھانگائي گهڻي پر لاڳيتي وڌائي ڇڏي، جنھن ڪري عام ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. پر عمران لاڳيتا ڪوڙا سچا بيان ڏئي پنھنجو سياسي گذر سفر جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي، ھاڻي وري الٽا بيان ڏئي ٿو ته بجلي سميت عام مھانگائي ڇو وڌي آھي؟ سچائي اھا آھي ته مھانگائيءَ جو اصل سبب عمران خان پاڻ ئي ھو ۽ آھي پر اسان وٽ عام ماڻھو، گهڻو ڪري جذباتي ھوندا آھن. سي ھاڻوڪي مھانگائيءَ تي رڳو تنقيد ڪندا رھندا پر عمران جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي واري سازشن تي اکر به ڪونه ڪڇندا آھن ۽ اھو تاثر ڏيندا آھن ته اصل مھانگائي ته رڳو ھاڻوڪي سرڪار آندي آھي. پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري، عمران جي دور ۾ بيان ڏنو ھو ته بجلي بلن ۾ انڪم ٽيڪس مھانگائيءَ جو طوفان آڻيندو، مھانگائيءَ کان ڇوٽڪارو کپي ته پي ٽي آءِ سرڪار کي گهر اماڻڻو پوندو. عمران خان ته ھٽي ويو آھي پر سندس ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ مان سولائيءَ سان باقاعدي جان ڇٽي ڪانه سگهندي. يعني عوام لاڳيتو ڀوڳيندو رھي ٿو.
ڏسجي ته ڪي اليڪٽرڪ وارن جي، جنرل مشرف دور کان وڏي من مستي جاري آھي. جنرل مشرف ملڪ جو نو سال کن سربراهه ھو ته سندس دور ۾ سنڌ سان نفرت جو ڪاروبار عام طور جاري رھوندو ھو. ھو ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪٽر حامي ھوندو ھو. مشرف اعلان ڪيو ھو ته ڪي اليڪٽرڪ وفاقي سرڪار جي حوالي آھي، سو ھو دبئيءَ کي وڪرو ڪندو پر پوءِ ميڊيا موجب خبر پيئي ته خريداري ڪندڙ ته اصل پاڪستاني ھو.
ٻئي طرف، ڪراچيءَ ۾ بجلي جي بلن تي ميونسپل يوٽيلٽي چارجز لڳائي وصولي شروع ڪئي وئي آھي. 200 يونٽ ڪتب آڻڻ تي 50 رپيا، 700 يونٽن تي 150 رپيا وصول ٿيندا. 200 يونٽن کان مٿي استعمال ڪندڙ صنعتن کان انھيءَ سلسلي ۾ نو ھزار رپيا ٽيڪس ڏيڻو پوندو. ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضى وھاب چواڻي مجموعي طور ٽي ارب رپيا گڏ ٿيندا. سندس چواڻي ميونسپل يوٽيلٽي چارجز اينڊ ٽيڪس جي شروعات 2009ع ۾ اڳوڻي ميئر ڪراچي مصطفى ڪمال جي دور ۾ ٿي ھئي، ان وقت گهرن مان ڪچرو کڻڻ ۽ پاڻي پھچائڻ سميت ڪيترا مسئلا ڪي ايم سي جي ذمي ھئا پر ھاڻي ڪچرو کڻڻ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ جو اختيار آھي ۽ پاڻي واٽر بورڊ ڏئي ٿو. مون کي ياد آھي ته مصطفى ڪمال ميئر بڻيو ھو ته ھن سنڌين جي اھم علائقي لياري جي صفائيءَ جو عملو اٽڪل 50 سيڪڙو گهٽائي، لياريءَ کي پنھنجي دور ۾ گندگيءَ جو ڍير بڻايو ھو.
اصل مسئلو اھو آھي جنھن جو مون مٿي حوالو ڏنو ته ھڪ طرف بجلي غائب ۽ ٻيو بجلي مھانگي مطلب ته عام ماڻھن جو جيئڻ وڌيڪ جنجال ٿي ويو آھي. بھرحال، ڪي اليڪٽرڪ کي عوام جي فائدي ۾ رٿ آھي ته بجلي باقاعدي ڪونه ٿا ڏيو، يعني بجلي گهٽ ۽ مھانگائي لاڳيتي زورن تي آھي. اھو ظلم آھي سو بھتر آھي ته مھانگائي گهٽايو ۽ بجلي به باقاعدي ڏيندا رھو ته بھتر. مون کي ياد آھي ته مان ڪيترا مھينا ھيوسٽن، آمريڪا ۾ رھيل ھئس پر اتي بجلي ٿورڙي دير لاءِ به ڪانه وئي.
بھرحال، اسان کي به عوام جي ڀلائيءَ لاءِ باقاعدي جدوجھد ڪرڻ گهرجي، جنھن ۾ عوام جو فائدو سمايل ھوندو. منھنجي رٿ آھي ته ڪي اليڪٽرڪ جو ڪنٽرول وفاقي سرڪار يا سنڌ سرڪار يا وري ٻيئي گڏجي ٻيھر باقاعدي سنڀالين، ٻيو نه ته انھيءَ جي ڪارڪردگي، گهٽ ۾ گهٽ ھاڻوڪي اداري، ڪيَ اليڪٽرڪ کان گهڻي بھتر ھوندي. ڪاش! اھا ڳالھه وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار ٻنھي جي حڪمرانن کي سمجهھ ۾ اچي ته بھتر. بجلي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ باقاعدي ايندي رھي ۽ ان جون قيمتون به ڳاٽي ٽوڙ مھانگيون نه پر مناسب ھئڻ گهرجن ته جيئن ماڻھو آپگهات ڪرڻ تي مجبور نه ٿين.