مينهن ۽ ٻوڏ کان اڳ به پاڪستان جي معاشي صورتحال اطمينان جوڳي نه هئي. اها ڪرپشن، بدنظمي ۽ عدم استحڪام جي ڪري گھڻِي خراب آهي. ساڳي وقت عالمي حالتن ۽ خاص طور روس يوڪرين تنازعي نه رڳو يورپ پر وچ اوڀر ۽ پاڪستان جي اڳ ئي خراب معاشي صورتحال تي اڃا وڌيڪ منفي اثر وڌا آهن. گھڻا ملڪ يوڪرين ۽ روس جي ڪڻڪ ۽ توانائي جي ذريعن تي انحصار ڪن ٿا جڏهين ته پاڪستان اهي ٻيئي شيون انهن کان گھرائيندو رهيو آهي. مثال طور جولائي 2020 ۽ جنوري 2021 جي دوران پاڪستان انڊونيشيا ۽ مصر کانپو يوڪرين کان ڪڻڪ گھرائيندڙ ٽيون نمبر وڏو ملڪ هو. تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڏکيائين کي اڃا وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي ڪل رقم جون 2022 تائين پنج ارب ڊالر ٿي ويئي جڏهين ته ڪل واپاري خسارو پنجاهه ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو گذريل سال کان ستونجاهه سيڪڙو وڌيڪ هو. جيڪڏهين حڪومت پاران مئي 2022 ۾ غيرضروري پر تعيش شين جي درآمد تي پابندي نه وڌي وڃي ها ته اهو خسارو اڃا وڌيڪ هجي ها. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته خوردني تيل ۽ تيلي ٻجن جي درآمد تي پاڪستان جو دارومدار گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌي ويو آهي. سن 2000 ۾ اهو ملڪي کپت جو 77 سيڪڙو هو جڏهين ته 2020 ۾ اهو 86 سيڪڙو ٿي ويو. اهو خسارو ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي قدر جي ڪرڻ جو هڪ اهم ڪارڻ آهي.
آئي ايم ايف جي شرطن جي ڪري حڪومت پاران بجلي ۽ گيس وغيره تان رعايتون ختم ڪيون ويون آهن. تيل جي قيمتن کي وڌايو ويو آهي جنهن جي ڪري سڀني شين جي قيمتن ۾ لاڳيتي واڌ ايندي رهي آهي. اها واڌ جون 2022 ۾ ويهه سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ان صورتحال غريبن کي ته متاثر ڪيو آهي پر وچولو طبقو به ان کان محفوظ نه رهيو آهي. سٽي گروپ جي هڪ اڳوڻي معيشت دان يوسف نذر جو چوڻ آهي ته فيبروري کان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا اڌواڌ گھٽجي ڇهه ارب ٽيهه ڪروڙ ڊالر ٿي ويا. اها صورتحال ان وقت جي ايران جهڙي آهي جڏهين ان تي عالمي طاقتن پاران وڌ ۾ وڌ دٻا وڌو پئي ويو. سندس چوڻ آهي ته اهو سڀڪجھه پاڪستان جو پنهنجو ڪيل آهي. اهو اهڙو ملڪ آهي جنهن ايستائين آئي ايم ايف جا ڪنهن به ٻئي ملڪ کان وڌيڪ پروگرام حاصل ڪيا آهن پر ڪنهن به حڪومت انهن پروگرامن جي شرطن کي پورو ناهي ڪيو ۽ ملڪي معيشت ۾ اهي سڌارا نه آندا جن جو واعدو ڪيو هو. عالمي سطح تي پاڪستان لا سهپ ختم ٿي ويئي آهي ۽ فنڊ به مٿس اعتبار ڪري کيس وڌيڪ فنڊ ڏيڻ کان ڪيٻائي ٿو. ٻئي پاسي FATF جي شرطن کي پوري نه ڪرڻ جي ڪري پاڪستان لا عالمي منڊي مان فنڊ حاصل ڪرڻ اڃا ڏکيو ٿي پيو آهي. مارچ 2022 تائين پاڪستان تي اٺاويهه ارب روپيا ڏيهي ۽ اٽڪل پندرنهن ارب روپيا پرڏيهي قرض هو. اهو قرض هر نئين حڪومت جي دور ۾ وڌندو ٿو وڃي. ملڪ جي معاشي حالت جو اندازو وزيراعظم شهباز شريف جي تازو وڪيلن سان ڪيل ان خطاب مان لڳائي سگھجي ٿو. سندس چوڻ هو ته هاڻي جڏهين ڪنهن ملڪ جي دوري تي وڃون ٿا يا ڪنهن ملڪ جي سربراهه کي فون ڪيون ٿا ته هو پهرين اهو ئي سمجھي ٿو ته هي اسان کان پئسا گھرندا. سندس چوڻ هو ته جيڪي ننڍا ملڪ اسان کان گھڻو پوئتي هئا اهي اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن.
مينهن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ معاشي ۽ سماجي صورتحال اڃا وڌيڪ ابتر ٿي ويئي آهي. پاڪستان ۾ اڳ ئي غريبن جو تعداد ڪل آبادي جو ٽيتاليهه سيڪڙو هو. هاڻي ان ۾ يقينن تمام گھڻو واڌارو ايندو جنهن متعلق في الحال ڪجهھ نه ٿو چئي سگھجي. جيڪي اندازا لڳايا ويا آهن انهن موجب هن وقت ٻه ڪروڙ ڏهه لک ايڪڙ ٻني پاڻي هيٺ آهي جڏهين ته پنجهٺ سيڪڙو پوک تباهه ٿي ويئي آهي. مال جي حالت به ڪا چڱي ناهي. هڪ اندازي موجب ايستائين 733000 جانور مري ويا آهن. ٻوڏ وارن علائقن ۾ خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جا مسئلا آهن جن کي ملڪي ادارا شايد مڪمل طور حل نه ڪري سگھيا آهن. خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري FAO پاران امداد ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ساڳي ريت ٻوڏ وارن علائقن ۾ ماڻهن ۾ مليريا ۽ ٻيون بيماريون وڏي پئماني تي ڦهلجي ويون آهن. دوائون دستياب ناهن ۽ ماڻهن جي روز وڏي پئماني تي مرڻ جون خبرون آهن. ان صورتحال عورتن ۽ ٻارن کي گھڻو متاثر ڪيو آهي. صحت جي عالمي تنظيم WHO پاران امداد ڏيڻ جو ڪم ته شروع ڪيو ويو آهي پر ان مسئلي جي اهميت کي ڏسندي ڪنهن هڪ اداري يا ڪجھه ماڻهن پاران ان کي منهن ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي.
سنڌ ۾ غربت متعلق عالمي ادارا اڳ ۾ ئي تشويش جو اظهار ڪندا رهيا آهن جڏهين ته هن ڀيري خاص طور مينهن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ئي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجا گھر ڇڏي ويا آهن انهن جي گھرن مان چوريون ۽ ڦرمار هڪ عام ڳالهه ٿي ويئي آهي.
ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عالمي بينڪ پاران وارننگ ڏني ويئي آهي ته پاڪستان جلد ئي معاشي عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو جنهن جي ڪري هڪ سماجي ڏڦيڙ پيدا ٿيندو. روزگار جي حوالي سان سرڪاري شعبو اڳ ۾ ئي سڪڙندو ٿو وڃي جڏهين ته ملڪ جي خانگي شعبي بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لا روزگار جا گھربل موقعا پيدا نه ڪيا آهن. ماڻهن جي ڪاوڙ گھڻي وڌي ويئي آهي ۽ نتيجي ۾ ڏوهه وڌي ويا آهن. سريلنڪا جي بحران ته علائقي کي پريشان ڪيو هو جڏهين ته پاڪستان جو بحران دنيا جي لا پريشان ڪن آهي. هڪ ڊگهي عرصي کان رياست جي ناڪامي هڪ ڊيڄاريندڙ خواب جيان آهي. پاڪستان ۽ دنيا ٻنهي کي ان جو اندازو آهي ته اڳ به تشدد، انتها پسندي ۽ غربت ملڪ جي تجارتي مرڪز ۽ اڳوڻي گادي جي هنڌ کي وڪوڙي ويا هئا ۽ پاڪستان افغان سرحد سان لڳ پنهنجن ڪجھه علائقن تي ڪنٽرول وڃائي ويٺو هو. آمريڪا ۽ علائقي جي ملڪن خاص طور ڀارت ۽ ايران وغيره کي ان صورتحال جي ڪري ان ڪري به تشويش آهي ته نيوڪليائي هٿيار ڪن غلط هٿن ۾ نه اچي وڃن جنهن سان پوري دنيا لا هڪ ڏکي صورتحال پيدا ٿيندي.
ان سلسلي ۾ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جو حڪمران طبقو ۽ اشرافيا جيڪي ان سڄي صورتحال جا ذميوار آهن ان کان ڄڻ لاتعلق آهن بلڪ هڪ لحاظ کان اهي ڄڻ ماڻهن جي تڪليفن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. منجھيل ۽ ڏکي صورتحال آهي جنهن جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ سڀني کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.