عالمي ميڊيا جو ڌيان ٻوڏ متاثرين طرف موڙڻ جي لاءِ هالي ووڊ جي هيروئن ۽ گڏيل قومن جي انساني سفير انجلينا جولي پاڪستان آئي. هن پاڻيءَ ۾ ڦاٿل انسانن سان انهن جي جهريل جهڳين ۽ خيمن ۾ ملاقات ڪئي. هوءَ انهن سان پيار سان پيش آئي. هن جا سوين نه پر هزارين فوٽو هن مهل سوشل ميڊيا ۾ محو گردش آهن. پر ڇا اها افسوس جي ڳالهه ناهي ته اسان جي پنهنجي ملڪ جا مشهور ماڻهو متاثر عوام کان پري پري رهن ٿا.
پاڪستان جي لاءِ پهرين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪي افواهه آهن، اهي ايترا ته ڇرڪائيندڙ آهن جو انهن کي ٻڌي ماڻهو ڪنن تي هٿ رکي ڀڄي وڃي. پاڪستان جي اهڙي ته ڀيانڪ صورت پيش ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو تصور ڪرڻ به تمام گهڻو مشڪل هجي ٿو. پر ان خطرناڪ ملڪ ۾ ست سمنڊ پار کان هڪ سهڻي ۽ نازڪ عورت اچي ٿي ۽ بي بي سيءَ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکيو آهي ته انجلينا جولي تمام گهڻي گرميءَ ۾ به متاثر ماڻهن سان ملندي رهي ۽ انهن جا ڏک سور ٻڌندي رهي. جڏهن ته اسان جا حڪمران ۽ انهن جا حامي سياستدان جهازن مان عوام کي ڏسن ٿا. پنهنجي ملڪ جو فضائي جائزو وٺڻ وارا بلاول، شهباز ۽ مولانا فضل الرحمان اهو ڇو نه ٿا محسوس ڪن ته هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ سياسي سرگرميون معطل ڪري، انهن کي ڪجهه اهڙو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ماڻهن تي چهرن مٿان اهي مسڪراهٽون واپس وري سگهن، جيڪي اڏامي ويون آهن. انهن کي پنهنجي عوام جي لاءِ ڪجهه ته ڪرڻ گهرجي پر انهن کي جيڪڏهن ڪنهن شيءَ سان دلچسپي آهي ته اها صرف ۽ صرف عالمي امداد آهي.
حڪمرانن جي مٿان تنقيد جو مطلب اهو ناهي ته مخالف ڌر عوام جي خدمت ۾ پيش پيش آهي. عمران خان پنهنجن هزارن حامين سان اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڇنڇر کان وٺي وري اسلام آباد طرف ڪاهه ڪري رهيو آهي. هن عزم ڪري ڇڏيو آهي ته هو انهن حڪمرانن کي سک سان سرڪار هلائڻ نه ڏيندو، جن هن کان اقتدار کسيو آهي. هاڻي ان مارچ جو ڇا ٿيندو؟ ڇا هن ڀيري به اسلام آباد کي اوپن ايئر مارڪٽ واري ميدان ۾ تبديل ڪيو ويندو يا هن ڀيري حڪومت چونڊن جو اعلان ڪندي؟ ان سلسلي ۾ ڪجهه به ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪجهه نه ٿيندو، جيڪو ڪجهه اسان جو عوام چاهي ٿو. عوام چاهي ٿو ته هن کي پهتل نقصان جو ازالو ٿئي. عوام چاهي ٿو ته انهن جا ڪريل گهر وري اڏجن. عوام چاهي ٿو ته انهن جا شهر ۽ پاڙا وري ٻيهر رونقن جا عڪس پيش ڪن. عوام چاهي ٿو ته زندگيءَ جو بار انهن مٿان ڪجهه نه ڪجهه حلقو ٿئي. اهو ڪجهه عوام چاهي ٿو پر سياستدانن جي چاهت الڳ آهي. انهن جو مقصد سياست جي ذريعي ماڻهن جي مدد ڪرڻ نه پر پنهنجي لاءِ دولت ۽ عيش جو سامان ڪٺو ڪرڻ آهي. اهو ئي سبب آهي ته هڪ طرف انجلينا جولي پاڻيءَ ۾ سفر ڪري ٿي ۽ ٻي طرف اسان جا سياستدان جهازن مان پير هيٺ لاهڻ جي لاءِ تيار نه ٿا ٿين.
هن ڀيري آمريڪا ۾ گڏيل قومن جو جيڪو اجلاس ٿي رهيو آهي، ان ۾ پاڪستان جي سلسلي ۾ اهو جوش ۽ جذبو نه ٿو ڏٺو وڃي، جيڪو هڪ ٻڏل ملڪ جي حوالي سان هجڻ گهرجي ۽ خاص طور تي جڏهن گڏيل قومن جو سربراهه انتونيو گوتريس اهو موقف اختيار ڪري ويٺو آهي ته هي جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي مٿان جيڪا به مشڪل آئي آهي، اها امير ملڪن جي طرفان ماحوليات کي نقصان پهچائڻ سبب ٿي آهي. جڏهن گڏيل قومن جو سربراهه اهو موقف اختيار ڪري ته پوءِ دنيا جي سمورن ملڪن جي مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سڀ ڪجهه ڇڏي ۽ وساري پاڪستان جي مدد ڪن پر پاڪستان ۾ جيترا امدادي سامان جا جهاز آيا آهن، انهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عالمي برادريءَ کي هن ملڪ جو ڪيترو احساس آهي؟ جنهن ملڪ جا پنهنجا حڪمران ملڪي عوام جي مٿان ڪنهن به قسم جو احساس نه ڪن ته ٻين ملڪن جا حڪمران ان ملڪ جي عوام جي مٿان ڪهڙا احساس ڪندا؟جڏهن پنهنجن حڪمرانن جو اهو حال هجي ته هو هن مهل منتظر آهن ته ڪڏهن ٿو مال اچي؟ تڏهن ٻاهران حڪمران اسان جي حڪمرانن کي پنهنجي ملڪ جي عوام جو مال کائڻ ڇو ڏيندا؟
سياست قومي هجي يا بين الاقوامي هجي، سياست ۾ ساک جو سوال سڀ کان اهم هوندو آهي. پاڪستان جي هن پيڙا ۾ جيڪڏهن ڪا مدد نه ٿي آهي ۽ پاڪستان کي جيڪڏهن سخاوت سان عالمي امداد نه ٿي ملي ته ان ۾ ڏوهه هتان جي ماڻهن جو ناهي. ان ۾ قصور اسان جي انهن حڪمرانن جو آهي، جن جي مال کائڻ ۽ جن جي ڪرپشن جا قصا عالمي ميڊيا جي زينت بڻبا رهيا آهن ۽ ان صورت ۾ ٻاهرين ملڪن جا حڪمران تمام گهڻا ڇرڪيل آهن ته هو ڪنهن طرح سان پنهنجي عوام جو پئسو انهن حڪمرانن کي کائڻ نه ڏين. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن ملڪ جو عوام پنهنجن حڪمرانن سبب ٻٽي تڪليف ۾ آهي. هڪ تڪيلف انهن کي اها آئي ته انهن جي ڪرپشن ۽ نااهليءَ سبب پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو ۽ ان تمام گهڻو نقصان پهچايو ۽ ٻيو ته انهن جي ڪرپشن واري سڃاڻ سبب عالمي برادري ان وقت تائين ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل محسوس ڪري رهي آهي، جنهن وقت تائين هي حڪمران ويٺا آهن. جڏهن ته انهن کي هڪ هڪ ڳالهه جي خبر آهي. انهن کي پوري طرح سان پتو آهي ته ڪنهن حڪمران وٽ ڪيترو مال آهي؟
پاڪستان جي امير سياستدانن هن مهل تائين پنهنجي ذاتي ۽ خانداني ملڪيت مان هڪ پئسو به ٻوڏ ستايل ماڻهن جي مٿان خرچ ناهي ڪيو. ان جو سبب اهو آهي ته انهن ته عوام جو مال کاڌو آهي. انهن کي صرف کائڻ ايندو آهي. انهن کي کارائڻ جي ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن پاڪستان ۾ حڪمران پنهنجي کيسي مان خرچ ڪرڻ جي نئين روايت وجهن ها ته هن مهل جي صورتحال تمام گهڻي مختلف هجي ها. هونءَ به انهن کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڏيڻ گهرجي، جيترو انهن کاڌو آهي ۽ انهن کائڻ سبب ئي عوام کي هي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن.
پاڪستان جي مٿان جيستائين انهن روايتي ۽ ڪرپٽ سياستدانن جو پاڇو پيل هوندو، ان مهل تائين پاڪستان جو ڪو خاص ڀلو نه ٿيندو. عالمي سطح تي ان ڳالهه جو تمام گهڻو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ويندو آهي ته عوام جو پسئو ڪنهن به طرح سان ڪرپشن ۾ نه اڏايو وڃي. دنيا جا امير ملڪ ڪنجوس ناهن ۽ انهن جي دلين ۾ عوام جي لاءِ احساس به آهي. پر جيڪڏهن هن مهل تائين مدد نه ٿي سگهي آهي ته ان جو ڪارڻ اسان جا ڪرپٽ حڪمران آهن. اسان جا حڪمران جيستائين ڪو اهڙو قابل اعتبار ۽ قابل عمل رستو نه ڪڍندا، جنهن سان عوام جو ڀلو ٿئي ۽ پرڏيهي امداد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن نه ٿئي. تيستائين تمام گهڻي مشڪل رهندي. پاڪستان ۾ امداد نه پهچڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته پاڪستان آءِ اين جي اوز معنيٰ انٽرنيشنل اين جي اوز جي مٿان پابندي عائد ڪئي آهي ۽ ٻيو ته پاڪستان جي حالت اها آهي ته پاڪستان فلاح جي ڪم ۾ به ٽيڪسون وٺي ٿو. جنهن ملڪ ۾ فلاح جي ڪم ۾ ايتريون گهڻيون رڪاوٽون هجن، ان ملڪ ۾ فلاح جو ڪم ڪيئن ٿيندو؟ ان مان ثابت ٿيو ته ڏوهه وري به حڪمرانن جو آهي ۽ اها به ڪيتري نه عجيب ۽ تمام تلخ ڳالهه آهي ته حڪمرانن جي ڏوهن جي سزا عوام کي ملي رهي آهي. حڪمران وري به مزي ۾ آهن. عوام تڪليف ۾ آهي ۽ حڪومت ٺٺ ۾ آهي. اهو تضاد اسان وٽ ڪنهن وڏي انقلاب جو سبب بڻجي سگهي ٿو پر انقلاني قوتون موجود ئي ناهن. هتي انقلابي سياست جو تصور به ختم ٿي ويو آهي. هتي صرف ۽ صرف اقتداري سياست جا جهنڊا جهولي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته اسان جا حڪمران ٻنهي هٿن سان حڪومت کي جهلي ويٺا آهن ۽ اسان جا اقتدار کان ٻاهر ويٺل سياستدان ڪنهن به طرح سان نه ٿا چاهين ته اقتدار حاصل ڪرڻ واري سرگرميءَ کان سواءِ هو ٻيو به ڪجهه ڪن. انهن کي ٻيو ڪجهه نه گهرجي. انهن کي اقتدار گهرجي. اهو ئي سبب آهي ته اسان جو ڪپتان عوام جي مدد ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهڻ بدران هن وقت به اسلام آباد جي طرف مارچ جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ حڪومت کي به ٻوڏ ستايل عوام بچائڻ جو نه پر پنهنجو اقتدار بچائڻ جو فڪر لڳل آهي. جڏهن سياست جو فوڪس اقتدار تي هجي ۽ عوام ان جي ڪنهن به سوچ ۽ ڪنهن به سرگرميءَ جو قطعي ڪو حصو نه هجي ته ان صورت ۾ عوام جو ڀلو ڪيئن ٿيندو؟
پاڪستان جي سياست ان سادي سوال جو جواب ڏئي نه ٿي سگهي. ڇو ته ان وٽ ان سوال جو جواب ئي ناهي. هن کي معلوم ئي ناهي ته عوام جو ڀلو ڪيئن ٿيندو؟ سياست ۽ خاص طور تي اسان جي اقتداري سياست عوام جي خدمت ڪرڻ سکي ئي ناهي. هاڻي جنهن کي جيڪو ڪم اچي ئي نه، اهو ڪم هو ڪيئن ڪري سگهندو؟ جنهن کي جهاز هلائڻ نه اچي، اهو جهاز ڪيئن هلائيندو؟ ان حوالي سان به اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هي ڪم انهن حڪمرانن کا چڙهيل آهي. عوام جو جيترو نقصان ٿيو آهي، اهو نقصان اڃان وڌيڪ ٿيندو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪو اهڙو قابل عمل رستو نڪري، جنهن سان عوام جي ڀلائيءَ جي ڪا صورت نروار ٿي سگهي. ڇو ته هن ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ وقت گذري رهيو آهي ۽ وقت جي گذرڻ سان عوام جي تڪليف ۾ اضافو اچي رهيو آهي. عوام جي مدد لاءِ عالمي قوتون به ان طرح سان تيار ناهن. ان حالت ۾ پاڪستان کي رياست جي طور تي ڪو نه ڪو حل ڪڍڻو پوندو. باقي ٻي ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جي اميد رکڻ اجائي آهي. نقصان تمام گهڻو ٿيل آهي ۽ ازالي آڏو حڪومت پاڻ رڪاوٽ آهي.