ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جون معاشي ڏکيائيون ختم ڪيو

Editorial

حڪومت جي معاشي قدمن مان لڳي ايئن رهيو آهي ته هو هڪ عوام مخالف ايجنڊا کڻي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي. ملڪ ۾ معاشي بهتري جا امڪان نظر نه پيا اچن. هڪ ٻڏتر واي صورتحال آهي، جنهن معاشي گهوٽالي کي اڃا به تيز ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي.
شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ڏهن شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 26 جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. 26 شين ۾ اٽو، ڪڪڙ ۽ چانهه شامل آهن. ٻئي پاسي ملڪ ۾ اٽي جي اگهه ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي هڪ هفتي ۾ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 406 رپيا 89 پئسا مهانگو ٿيو ڳڻپ واري اداري مطابق ملڪ ۾ 20 ڪلواٽي جي وڌ کان وڌ قيمت 2400 رپيا تائين آهي. هلندڙ هفتي اٽي جي قيمت ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو پشاور ۾ رڪارڊ ٿيو، جتي اٽي جي في ڪلو قيمت ۾ هڪ هفتي ۾ 58 رپين تائين اضافو ٿيو پشاور ۾ 20 ڪلو اٽو 980 رپين مان وڌي 2150 رپيا جو ٿيو. ڳڻپ واري اداري مطابق ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي قيمت 2400 رپيا ٿي وئي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ ڪلو اٽو 120 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي حيدرآباد ۾ 20 ڪلو اٽو 2300 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي خضدار ۽ لاڙڪاڻو ۾ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 2200 رپين جو ٿي ويو سکر ۾ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 2040 ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي بنون ۾ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 1950 مان وڌي 2100 رپين جو ٿي ويو اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ 20 ڪلو اٽو 980 مان وڌي 1295 رپيا ٿي ويو گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ ملتان ۾ 20 ڪلو اٽو 980 مان وڌي 1295 رپين جو ٿي ويو.
هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت کي به مات ڏئي رهيا آهن. ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته عوام حڪمرانن جي ايجندا جو حصو ناهي. هنن وٽ حل صرف هڪڙو آهي، اهو آهي آ ايم ايف. اهو ئي سبب آهي جو آ ايم ايف کان قرض ملڻ کي به حڪمران وڏو اعزاز سمجهن ٿا. هن مهل حڪمران جن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهيا آهن اهي آ ايم ايف جا ئي طئي ٿيل آهن. آ ايم ايف جو ڪردار ڪهڙو آهي، ان جو اندازو ان خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن مان ڪري سگهجي ٿو. آ ايم ايف هڪ عوام دشمن عالمي مالياتي ادارو آهي. هتان جا حڪمران وري ويٺا ئي آ ايم ايف جي آسري ۾ آهن، ان مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته حڪمرانن وٽ پنهنجي ڪابه معاشي پاليسي ڪانهي. اها مڪمل طور عوام مخالف ايجنڊا آهي. ملڪ جي عوام کي پوري طرح آ ايم ايف جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
حڪمرانن وٽ بس رڳو هڪ معاشي پاليسي آهي جيڪا عوام جو وڌ ۾ وڌ رت ست ڪڍڻ واري ئي پاليسي آهي. اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال ڪنهن به ريت عوام جي حق ۾ نٿي چئي سگهجي. حڪمران چون ٿا ته اڳوڻي سرڪار جي ڪري هي مهانگائي ٿي آهي. ان ۾ نئين ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اڳوڻي سرڪار جڏهن حڪومت ۾ آئي هئي ته ان به اهو چوڻ شروع ڪيو هو ته ان اڳ واري سرڪار جي پاليسين جي ڪري مهانگائي ٿي رهي آهي. پو هن حڪومت ۽ اڳوڻي حڪومت ۾ ڀلا فرق ڪهڙو ٿيو؟ هو حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجا عوام دشمن ڪرتوت لڪائيندي هئي، هي حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجين عوام دشمن پاليسين جو بار پاڻ تان هلڪو ڪري رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي هاڻي اهڙي روش ختم ڪرڻ گهرجي. هاڻي سڀ اختيار حڪمرانن وٽ آهن، هو جيڪڏهن چاهين ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. آخر ڪيستائين پنهنجين ڪوتاهين جو بار اڳوڻين حڪومتن جي ڪلهي تي وجهي پاڻ آجو ڪرڻ جو سلسلو هلندو؟ هي وقت عوام کي رليف ڏيڻ جو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪي تاريخ ۾ جيڪي اڳوڻن حڪمرانن جا ٽي چار سال گذريا آهن، اهي عوام لا ڪنهن وڏي مصيبت کان گهٽ نه هئا، اڳوڻي حڪومت واقعي هڪ سونامي بڻجي آئي ۽ عوام جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري هلي وئي، پر هاڻي جيڪڏهن نوان حڪمران آيا آهن ته انهن کي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي. مهانگائي تي ضابطو آڻي عام ماڻهن جي معاشي ڏکيائين کي ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button