عمران خان نيازي هڪ ڀيرو وري اعلان ڪيو آهي ته هو حڪومت خلاف مهم شروع ڪندو. امڪاني طور هن اڄوڪي ڏينهن (ڇنڇر) کان پنهنجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو هو. هو هن حڪومت کي پهرين ڏينهن کان وٺي ڪونه پيو قبول ڪري ۽ اهڙي ريت هو نه رڳو هاڻوڪي حڪومت جي خلاف آهي پر انهن ڪردارن خلاف به آهي، جيڪي هاڻوڪي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. جن ۾ فوج پڻ شامل آهي. پي ٽي آءِ ۽ عمران خان نيازي لاڳيتو فوج کي نشانو بڻائيندا پيا اچن. ان هوندي به هو نه رڳو آزاديءَ سان گهمي ڦري رهيو آهي، ڳالهائي رهيو آهي پر کيس عدالتون به ڪجهه چوڻ لاءِ تيار نه آهن.
تازو توهين عدالت واري ڪيس ۾ هن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو پر عدالت سندس معافي تي فرد جرم لاڳو نه ڪيو. جڏهن ته ماضي ۾ جن سياستدانن عدالتن کان معافي ورتي انهن کي به توهين عدالت ۾ سزا ڏني وئي پر عمران خان نيازيءَ جو وارو اچڻ تي ڪا به سزا ناهي ڏني وئي، جنهن تاريخ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻو هو، ان ڏينهن تي اسلام آباد هائيڪورٽ عمران خان نيازيءَ کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ اهو تاثر جڙيو ته عدالت وٽ به ٻٽا معيار آهن. هڪڙن سياستدانن لاءِ معافي کان پوءِ سزا آهي ۽ هڪڙن لاءِ ڪا سزا ناهي. جيڪڏهن عمران خان نيازي معافي نه به وٺي ها ته هن کي ڪا اهڙي سزا ڪانه ملي ها، جنهن سان هن جو سياسي ڪيريئر ختم ٿي وڃي ها. اهڙو ئي فيصلو اليڪشن ڪميشن پاران به ايندو. ڇاڪاڻ ته هن لاءِ جهڙي ريت 2013ع کان پوءِ هر حوالي سان رستا صاف ڪيا ويا آهن، اهو سلسلو اڃا تائين هلندو پيو اچي، هن کي ڪو لهر نه ڪو لوڏو آهي. جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ جي جاءِ تي ڪو پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ اهڙي ٻولي ڳالهائي ها ته هن وقت ان جو ڪهڙو حشر ڪيو وڃي ها، ان تي وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ڪانهي.
پر جيئن ته عمران خان نيازيءَ کي هڪ پراجيڪٽ ڪري سياسي ميدان ۾ لاٿو ويو هو ۽ هو اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي وزير اعظم ٿيو هو، تنهنڪري جيڪي ڪجهه هو ماضي ۾ ڳالهائيندو رهيو آهي يا هاڻ ڳالهائي رهيو آهي، اهو سڀڪجهه هن کي اسٽيبلشمينٽ ئي سيکاريو آهي. هو جيڪڏهن سياستدانن کي گاريون ڏئي ٿو، انهن کي چور ۽ غدار چوي ٿو ته اهڙي ٻوليءَ جو استعمال هن کي انهن ئي سيکاريو آهي، جن کيس پنهنجو مسيحا سمجهيو هو. رڳو عمران خان نيازيءَ کي سياسي ميدان ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ملڪ ۾ ميڊيا جي نڙيءَ تي ننهن ڏنو ويو. عدالتن مان مرضي جا فيصلا ڪرايا ويا، فوج تي ان کان اڳ ۾ ايتري سخت تنقيد نه ڪئي وئي. ملڪ جي سياسي ماحول کي ايترو خراب ڪيو ويو جو جيڪي سياستدان سٺا هئا، انهن جو تاثر به خراب ڪيو ويو. عوام ۾ ان ڳالهه کي هٿي ڏني وئي ته عمران خان نيازيءَ کان سواءِ ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو سياستدان ناهي، جيڪو سٺو هجي يا جيڪو عوام جي ڀلي لاءِ ڪو ڪم ڪري سگهندو هجي.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪا سياست ڪئي وڃي ٿي يا جيڪا سياست پهرين ڏينهن کان متعارف ڪرائي وئي آهي، اها اهڙي ئي رهڻي آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ڪنٽرولڊ سياست اهڙي ئي هوندي آهي. هاڻ جڏهن اسٽيبلشمينٽ اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته اها غيرسياسي ٿي چڪي آهي ۽ اها عمران خان نيازيءَ جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا مداخلت نه ڪندي ته عمران خان نيازيءَ کي به اهو احساس ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ته هو ان جي سهاري کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. حيرت ته انهي ڳالهه تي آهي ته هو اها دعويٰ ڪري ٿو ته هو اسٽيبلشمينٽ جي سهاري وسيلي اقتدار ۾ ڪونه آيو هو ۽ نه ئي هو جي ايڇ ڪيو جي نرسريءَ ۾ پليو آهي. ملڪ جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته ڪهڙي ريت عمران خان نيازيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ثاقب نثار جهڙن ججن ڪردار ادا ڪيو هو. نواز شريف کي نا اهل ڪرائي عمران خان نيازيءَ لاءِ رستا صاف ڪيا ويا. 2018ع وارين چونڊن سندس پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي قابل نه هئي تنهن هوندي به آزاد اميدوارن کي گڏ ڪري پارٽيءَ ۾ زوري شامل ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت جهانگير ترين جي جهاز ڪرامت ڏيکاري ۽ پي ٽي آءِ جي هڪ فاشسٽ حڪومت وجود ۾ آئي هئي.
پر ان تجربي مان ڇا پرايو ويو؟ ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، سياسي ماحول جي تڏا ويڙهه ڪئي وئي. سياستدانن کي بنا ڏوهن جي جيلن ۾ واڙيو ويو. ميڊيا ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪري، ميڊيا جو ڪردار ايترو ته محدود ڪيو ويو جو حڪومت جي واکاڻ کان سواءِ ڪا خبر هلائڻ ڏکيو ٿي ويو. ان کان سواءِ پاڪستان عالمي طور جنهن اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيو، اها پاڻ ڏسڻ وٽان هئي. پرڏيهي پاليسيءَ جي حالت اها هئي جو عمران خان نيازي رڳو پنهنجي مشهوريءَ ۾ لڳو پيو هو پر ملڪي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ڇاڪاڻ ته هو اقتدار ۾ اچي رڳو پنهنجي سياسي مخالفن کي چٿڻ جي مشن تي لڳي ويو هو، جنهن ڪري نه رڳو ملڪ جي سياسي صورتحال بگاڙ جو شڪار ٿي وئي پر ملڪ معاشي ڌٻڻ ۾ اهڙو ڦاٿو جو اڃا تائين نڪري ڪونه پيو سگهي. ظاهر آهي ته عمران خان نيازيءَ جي دور ۾ آيل تباهي ايترو جلدي ختم ڪانه ٿيندي. ويندي ويندي هن ڄاڻي واڻي پيٽرول جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا ته جيئن ايندڙ حڪومت لاءِ مسئلو ٿئي. جڏهن هاڻوڪي حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌايا ته عوام رڙيون ڪرڻ لڳو. پر هيءَ حڪومت به پاڻ کي نا اهل ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙا ته عوام دشمن فيصلا ڪري رهي آهي جن جو فائدو عمران خان نيازيءَ کي ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن سياسي تجربا سياسي پارٽيون ڪن ته اها ڳالهه ٺهي ٿي. پر جيڪڏهن سياسي تجربا غير سياسي قوتون ڪن ته پوءِ ملڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو آهي، جهڙو اسين اڄ ڏسي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اهڙن تجربن ۾ سياسي ڌريون بيوس ٿي وينديون آهن ۽ انهن لاءِ پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. نتيجي ۾ عمران خان نيازيءَ جهڙا نام نهاد سياسي اڳواڻ پيدا ٿي ويندا آهن. جن لاءِ سماج ۾ اهو تاثر پيدا ڪيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪو ملڪ ۽ عوام کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو ته اهو فقط عمران خان نيازي آهي.
هن وقت عمران خان نئين آرمي چيف جي مقرري واري معاملي کي کڻي نئون محاذ کولي رهيو آهي پر آئيني طور آرمي چيف جي مقرري وقت جو وزير اعظم ڪري سگهي ٿو. عمران خان نيازيءَ جو چوڻ آهي ته هڪ ڏوهاري وزير اعظم ڪنهن به ريت نئين آرمي چيف جي مقرري نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ نواز شريف وڌ کان وڌ آرمي چيف مقرر ڪري چڪو آهي. نواز شريف تي به ڪيترائي ڪيس ماضي ۾ ٿيندا رهيا آهن. شهباز شريف تي جيڪڏهن ڪيس آهن ته اهو فعل ان کي آرمي چيف جي مقرري کان نٿو روڪي. پر جيئن ته عمران خان نيازي اڄ ڪلهه سڌي ريت آرمي چيف تي حملي آور آهي، تنهنڪري سندس مرضي آهي ته ڪنهن به ريت نئين آرمي چيف جي مقرري هاڻوڪي حڪومت نه ڪري. جيڪڏهن هن جي وس ۾ هجي ته اپوزيشن ۾ هوندي به هو نئين آرمي چيف جي مقرري جو آرڊر ڪڍي ڇڏي.
پي ٽي آءِ جي سياسي مستقبل جو فيصلو ايندڙ چونڊن ۾ ٿي ويندو. عمران خان نيازي جيئن ته اپوزيشن ۾ رهي رڙيون ڪرڻ جي گهڻي مشق ڪندو رهيو آهي، تنهنڪري امڪان آهن ته اهو سلسلو اڃا به جاري رهندو. هو جيترو ادارن جي خلاف ڳالهائيندو اوترو ئي پنهنجي لاءِ ڏکيائين کي وڌائيندو رهندو پر سندس ڀاڳ ڀلا آهن جو هن جا سهولتڪار اڃا به زور آهن.