گڏيل قومن پاران ڪنهن به صورتحال سبب متاثر ملڪن کي جاري ڪيل امدادي تاريخ جا جيڪڏھن پنا اٿلائي ڏسجن ته شايد ئي ڪنھن ملڪ لڳاتار ايتري امداد گُھري ھجي، جيتري امداد هر دور ۾ پاڪستان گُھرندو رھيو آھي. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھيلوڪي برساتي ٻوڏ ملڪ اندر جيڪا تباھي آندي آھي، تنھن ۾ ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ عالمي برادري جي سھڪار کان سواءِ پاڪستان جھڙو کُٽل يا ايئن کڻي چئجي ته بدعنوان حڪمران طبقن پاران لُٽيل ۽ معاشي طور ڀينگو ڪيل هي ملڪ، اڪيلي سِر منھن ڏيڻ جو سوچي به نٿو سگھي پر سوال اھو آھي ته آخر ڪيستائين؟ ڇاڪاڻ ته ھي ڪو پھريون ڀيرو ته ناھي جو پاڪستان گڏيل قومن يا عالمي برادري کي مدد لاءِ سڏيو ھجي. ھن کان اول به ڪئين ڀيرا پاڪستان گڏيل قومن آڏو امداد لاءِ ٻاڪاريندو رھيو آھي. پوءِ اھو 2005 ۾ ڪشمير وارو زلزلو ھجي، 2010ع واري مھا ٻوڏ يا ڪجھا ٻيو. ان قسم جا ٻيا به نوان پراڻا بحران جاچي ڏسبا ته پاڪستان عالمي برادري جي اڳيان سدائين جھولي جھليندي نظر ايندو.
پوءِ ٿيو ڇا؟ ٿيو اھو جو جيڪا امداد پھتي ھوندي، تنھن جا ڪي به اصل انگ انک حقيقي معني ۾ عوام جي سامھون ڪڏھن به نه آندا ويا ھوندا ۽ نتيجو اھو نڪتو ھوندو جو ڪاغذن ۾ ته عالمي امداد متاثر علائقن ۾ خرچ ڪيل ڏيکاري وئي ھوندي پر متاثر مقامي ماڻھن جو حال اڳي کان به خراب ٿيل ھوندو. اهو ان ڪري جو ان امداد جو مال متاثر عوام بدران حڪمرانن ۽ آفيسر شاھي جي اھڙن ڳُجھن اڪائونٽس حوالي ٿيل ھوندو، جنھن جو ڪنھن کي پتو ئي نٿو پوي.
ھن وقت به اھا ساڳي صورتحال سامھون آھي. گڏيل قومن جي ستھترھين اجلاس ۾ ويل پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف جا عالمي برادري کي ايلاز ٻڌي ڇا لڳي ٿو ته ھن ملڪ کي آزاد ٿئي ڪو مُني صدي جو عرصو گذريو آھي؟ نه، توھان کي لڳندو ته ھي ڪو اھڙو ملڪ آھي، جنھن کي ڄائي اڃا ڪي ٻا ٽي ڏينھن مس ٿيا آھن يا اڃان ايئن کڻي چئون ته ڇٺي به ڪانه ٿي اٿس!! جڏھن ته اسان سان گڏ يا اسان کان پوءِ آزاد ٿيل ملڪن پنھنجي معاشي پاڻڀرائي جا الائي ڪٿي وڃي خيما کوڙيا آھن. ايئن جيئن اسان جي ئي ڪُک مان جنم ورتل بنگلايش به اسان کي هاڻ امدادون ڏيئي رھيو آھي. سبب ڇاھي؟ سبب اھو آھي ته ھِتان جي حڪمران طبقن جي لالچ جي ڪابه حد ناھي ۽ ھن وقت تائين تاريخ ۾ جيڪي به امدادون اينديون رھيون آھن، سي اصلي معنيٰ ۾ ڪڏھن خرچ ٿيون ئي ناھن. سو ھن ڀيري جي به خدا کي خبر آھي ته ڇا ٿيڻو آھي. باقي ماضي جا تجربا ته انتھائي مايوس ڪندڙ رھيا آھن.
بھرحال گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ميان شھباز شريف گڏيل قومن کي ٻڌايو آھي ته اسان جو 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آھي ۽ اھو سمورو نقصان انھي عالمي گرمي پد ۾ آيل اضافي جو نتيجو آھي، جنھن گرمي پد وڌڻ جي بنيادي سببن سان اسان جو اچي نڪو وڃي. جو اھا گرمي ۽ انھي گرمي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تبديلي وڏن صنعتي ملڪن جي اصل ڪارگذاري آھي. تنھن ڪري پاڪستان جي مدد ڪئي وڃي. پاڪستاني وزيراعظم عالمي برادري کي اھو به ٻڌايو آھي ته جيڪڏھن مھل سان اسان جي مدد نه ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ يارنھن ملين ماڻھو غربت جي لڪير کان به ھيٺ ھليا ويندا.
ھڪڙي پاسي پاڪستاني وزيراعظم جون عالمي برادري کي اھي اپيلون آھن ته ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري به سرمائيدار شاھوڪار ملڪن کي چيو آھي ته اھي پاڪستان لاءِ قرض جي واپسي واري مھلت وڌائين ته جيئن پاڪستان پنهنجي متاثر آبادي جي بحالي واري ڪم تي ڪجهھ ڌيان ڏيئي سگھي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري پڻ پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ کي ماحولياتي بگاڙ جو نتيجو قرار ڏنو آھي. اھا ٻوڏ جنھن ۾ گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب پاڪستان اندر 3 ڪروڙ 30 لک ماڻھو متاثر ٿيا آھن ۽ 1576 انساني جانيون موت جو کاڄ بڻيون آھن. واضح رھي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري کان سواءِ امريڪي سينيٽ جي پرڏيھي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين پڻ دنيا کي ٻڌايو آھي ته پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ چار ڪروڙ ماڻھو ٻوڏ سبب لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آھن.
مٿيون سمورو منظرنامو ان ڳالھه جي نشاندھي ڪري ٿو ته عالمي برادري کي پاڪستان ۾ آيل تباھي جو ھڪ حد تائين احساس آھي ۽ ڪيترن ئي ملڪن پھرئين مرحلي ۾ خوراڪ ۽ دوائن کان ويندي مالي مدد ڪئي پڻ آھي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي اپيل کان پوءِ ظاھر آھي ٻي امداد پڻ ٿيندي پر سوال اتي وري به ساڳيو ئي سامھون آھي ته ھي ملڪ امداد تي اڃا ڪيترو وقت ھلندو؟ جيئن تازو پاڪستان ۾ ڊيمن جي تباھي جي نقاد ۽ درياھن سان پيار ڪندڙ پاڻي ماھر حسن عباس ھڪ انٽرويو ۾ اھو ٻڌائي رھيو ھو ته پاڪستان ۾ ھيلوڪي برساتي ٻوڏ بابت ھن جڏھن جرمني جي پنھنجي ھڪ سنگي سان حال احوال ڪيا تڏھن جرمني جي ھمراھه حسن عباس کان اھو سوال ڪيو ته ھيلوڪي ٻوڏ جي حوالي سان ڪنھن به امداد جو معاملو ان ڳالھه کان پوءِ ٿو اچي جو پھرين اھو ته ٻڌايو وڃي ته ڪشمير ۾ آيل 2005ع واري وڏي زلزلي کان پوءِ جرمني جيڪا پاڪستان جي مدد ڪئي ھئي، سا ڪٿي خرچ ٿي يا اھو ته آئيندي اھڙين تباھين کي منھن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ڪھڙي رٿابندي ڪئي؟ پاڻ کي اھا ته خبر ناھي ته حسن عباس سندي جرمني واري يار کي ڪھڙو جواب ڏنو پر جڳ جھان جي سامھون اھا حقيقت عيان آھي ته پاڪستان جھڙو ملڪ جيڪو پنھنجي معيشت کي ڏيھاڙي تي ھلائي ٿو ۽ ھن ملڪ ۾ پاليسيون جيڪي به ٺھن ٿيون، تن جو عوامي ڀلائي سان پري جو به واسطو ناھي ھوندو، تنھن ۾ آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ وري ڪھڙي رٿابندي!؟ تنھن ڪري ھن ڀيري به گھڻا تڻا امڪان اھي ئي آھن ته جيڪا به امداد ايندي، تنھن جو حشر نشر به اھو ئي ٿيڻو آھي، جھڙو ان کان اڳ آيل امدادن جو ٿيو آھي.
خير اھو ته آھي پاڪستان جي مجموعي صورتحال جو منظرنامو پر ان ۾ به وري جڏھن ذڪر سنڌ جو اچي ٿو تڏھن اڃان به گھڻي مايوسي ٿئي ٿي. سنڌ جيڪا ھيلوڪي ٻوڏ ۾ ملڪ جي باقي سڀني حصن کان وڌيڪ متاثر ٿي آھي، تنھن جو ھاڻوڪو حال ڏسي ڇا توھان کي لڳي ٿو ته ھن صوبي ۾ ڏيڍ ڏھاڪي کان ڪنھن اھڙي ڌر جي حڪومت آھي، جيڪا عوام کي طاقت جو اصل سرچشمو سمجھندي ھجي، ھڪ اھڙي ڌر جنھن جي اھا دعوا رھندي آئي آھي ته اھا ئي ملڪ جي واحد حقيقي جمھوري پارٽي آھي، جيڪا ڌر ارڙھين آئيني ترميم کان پوءِ پٽ تي ئي پير نه رکندي ھجي ۽ ارڙھين آئيني ترميم کي صوبائي خود اختياري جي تناظر ۾ وڏو انقلاب ڄاڻائيندي اھو چوندي ھجي ته ان ترميم کان پوءِ صوبن کي ھاڻ ڪنھن به ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ناھي، جو صوبن جا وسيلا ھاڻ صوبن جي ھٿ وس آھن!! سنڌ جي حاڪمن جي اهڙي دعوا کان پوءِ پاڻ ھيلوڪي ٻوڏ جي حوالي سان سنڌ حڪومت کان اھو سوال ڪرڻ جو حق رکون ٿا ته ڪيڏانھن ويا اھي سنڌ جا وسيلا جيڪي سنڌ تي خرچ ٿيڻا ھئا؟ سڀ ڪوڙ آھي سڀ دولاب آھي.
اصل ۾ ڳالهه وري به اھا ئي ٿي وڃي بيھي ته سرمائيداري جا ڳيجھو ھي جاگيردار حڪمران، عوام جي اھنجن جا نه ڪالهھ طبيب ھئا، نه اڄ آھن ۽ نه سڀاڻي ئي انھن مان ڪو آسرو رکي سگھجي ٿو. سنڌ سميت سموري ملڪ جي مسڪين ماڻھن جي قسمت اوستائين تبديل ٿي سگھي ئي نٿي، جيستائين عوام جي حقيقي حڪمراني قائم ٿئي. سو جيستائين عوام جي حقيقي حڪمراني جو سورج ھن ملڪ ۾ نروار ٿئي، تيستائين ھتان جا بدعنوان حڪمران طبقا ايئن ئي گڏيل قومن کان گداگري ڪندا رھندا ۽ انھي گداگري جي نتيجي ۾ جيڪو به ڪڻي ڪاسو کين ملندو سو ھو پنھنجن ٽجوڙين ۾ ئي ڀريندا رھندا.
تنھن ڪري سنڌ ۾ ھن وقت سمورين روشن خيال ترقي پسند، وطن دوست سياسي ڌرين تي اھو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اھي سنڌ ۾ بحالي جي ڪمن تي نظر رکن ۽ لڳاتار عوام کي اھا آگاھي ڏينديون رھن ته سنڌ حڪومت ڇا ڪري رھي آھي. باقي آجپي جو پنڌ ھونئن ئي ڊگھو آھي ۽ اھو پنڌ جدوجھد ۾ ملندڙ آخري فتح تائين اصل عوامي انقلابي ڌرين کي ئي جاري رکڻو آھي، سو لازمي جاري رکبو.