عمران خان جي حڪومت ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ خلاف مظاهرا ڪندڙ اتحادي پارٽيون هن وقت اقتدار ۾ آهن. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عوام کي اها اميد هئي ته جيڪي مهانگائيءَ جون ڇپون عوام مٿان عمران خان جي حڪومت ڪرايون آهن، انهن کي هٽائي پي ڊي ايم جي حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيندي. اها ڪي اهڙا فيصلا ضرور ڪندي، جن وسيلي عوام کي گهٽ ۾ گهٽ اهو احساس ضرور ٿيندو ته اهڙن ماڻهن جي حڪومت وجود ۾ آئي آهي، جنهن کي غريبن جو احساس آهي پر جيئن هي حڪومت آئي ته ان نه رڳو مهانگائيءَ جا اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا پر ان عوام جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي. اڄ کاڌي پيتي جي اسمن کان وٺي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي. ايتري قدر جو عوام کي اٽو به 125 روپيا ڪلو ملي رهيو آهي. اهڙي ريت مهانگائيءَ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي، جيڪو لاڳيتو هلي رهيو آهي ۽ حڪومت ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. ڇا چونڊيل نمائندن کي اندازو ناهي ته عوام لاءِ هڪ ويلي جي ماني کائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو جڏهن دڪان تان اٽو وٺڻ يا ڀاڄي وٺڻ وڃن ٿا ته اگهه ٻڌي حيران ٿي ويندا آهن. پر عوام جي کيسي تي پوندڙ بار کي حڪومت محسوس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نتيجي ۾ نه رڳو عوام لاءِ پريشانيون وڌيون آهن پر ان لاءِ ڪئين مسئلا پڻ پيدا ٿي ويا آهن. عوام جي گهرن جي بجيٽ هاڻوڪي حڪومتي فيصلن سبب بنهه گهڻي متاثر ٿي آهي. حڪومت اچڻ شرط پيٽرول جون قيمتون ايتريون ته وڌائي ڇڏيون جو عوام لاءِ پيٽرول خريد ڪرڻ مسئلو ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ جڏهن پيٽرول جون قيمتون وڌن ٿيون ته هر اسم چڙهي ويو ويندو آهي. اهڙي ريت عوام کاڌي پيتي جون شيون به خريد ڪونه ڪري سگهندو آهي. حڪومت اڳ ۾ اهو بهانو ڪيو هو ته عالمي مارڪيٽ ۾پيٽرول مهانگو آهي، ان ڪري سستو پيٽرول نٿو ملي سگهي پر هاڻ ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول سستو لڳو پيو آهي تنهن هوندي حڪومت پيٽرول سستو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ 6 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ پيٽروليم اسمن جا اگهه ڏينهون ڏينهن وڌڻ جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڊبليو ٽي آ ڪچو تيل 78 ڊالر في بيرل وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته برنيٽ آئل جو اگهه 86 ڊالر في بيرل تي پهتو آهي. ان کانسوا عالمي مارڪيٽ ۾ گئس جي قيمت ۾ به 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي. جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ رڳو هڪ ڊالر به پيٽرول وڌندو آهي ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪيترائي روپيا پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيندي آهي. پر جڏهن عالمي مارڪيٽ پيٽرول جو اگهه لهي ٿو ته حڪومت هتي اگهه سستو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نتيجي ۾ عوام جي حالت ايتري ته ڏتڙجي وئي آهي جو اهو هر حوالي سان رڙيون ڪري رهيو آهي. پر حڪومت عوام دوست فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. حڪومت پنهنجي هر بيان ۾ اهو چوندي رهندي آهي ته اها ڏکيا فيصلا ڪرڻ واري آهي. ڪالهه ڏکيا فيصلا ڪندڙ خزاني واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن کانپوءِ امڪان آهن ته اسحاق ڊار کي اهو قلمدان سونپيو ويندو. پر ڇا هو عوام کي ڪو رليف ڏئي سگهندو، ان وٽ جادو جي ڪهڙي ڇڙي آهي، جو هو ملڪي معيشت جو ٻڏندڙ ٻيڙو تاري ويندو. جيڪڏهن هن جي وزارت کانپوءِ به صورتحال ساڳي ٿي رهي ته پوءِ ان وزارت تي ڀلي ڪنهن به معاشي ماهر کي ويهاري ڇڏجي اهو عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهندو ۽ عوام جي حالت وري به خراب ئي رهندي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ ڪرندڙ تيل جي اگهن جو جائزو وٺندي ملڪ ۾ تيل جا اگهه گهٽائي ته جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي.