حبيب الله راھمون
پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي، جنھن جو 70 سيڪڙو دارومدار زراعت تي آهي. ان جو ھڪ اھم سبب اھو آھي ته پاڪستان ۾ بھترين آبپاشي نظام آھي. جنھن جو دارومدار سنڌو درياهه، چناب ۽ جھلم ندين تي آھي. سنڌو ندي جنھن کي سنڌو درياهه چيو وڃي ٿو، پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ندي آھي. جيڪا ڪيترن ئي بئراجن ۽ ان مان نڪرندڙ واھن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ اسٽيشنن تي ٻڌل آھي.
گذريل 30 کان 35 سالن دوران ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري ملڪ ۾ ڪڏھن ڏڪار ته وري ڪڏھن ٻوڏ جي صورتحال رھي آھي. 2010 ۽ 2015ع ۾ ٿيندڙ نقصانن کي اڃان پورو ئي ناھي ڪيو ويو ته وري ھڪ ٻي ٻوڏ پيدا ٿي وئي آھي.
سنڌ صوبي وٽ سنڌو درياهه تي موجود 3 بئراج جن ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي شامل آھن، جن مان نڪرندڙ واھن ذريعي پاڻي نه فقط زراعت پر ان سان گڏوگڏ پيئڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آھي. جيئن ته سنڌ صوبو سنڌو درياهه جي پڇڙيءَ ۾ آھي، تنھنڪري ان جي حالت سنڌيءَ ۾ چيل ان چوڻيءَ ته پڇڙي يا ته ٻڏي يا ته سڪي واري رھي آھي. جيئن ته سنڌو درياهه ۾ وھندڙ پاڻي تمام ڊگھو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ گڊو وٽ داخل ٿئي ٿو، جيڪو ايترو ڊگھو سفر طئي ڪرڻ جي ڪري پاڻ سان گڏ گهڻي واري ۽ لٽ گڏ کڻي اچي ٿو، جنھن جو اثر بئراجن ۽ انھن مان نڪرندڙ واھن تي ٿئي ٿو. سکر بئراج 1923 کان 1932ع دوران تعمير ٿيو، جنھن مان آباد ٿيندڙ زمين 8 ملين ايڪڙ کان به وڌيڪ آھي، جيڪا باقي موجود بئراجن گڊو ۽ ڪوٽڙيءَ جي مجموعي آباد ٿيندڙ علائقي کان به وڌيڪ ٿئي ٿي.
سکر بئراج وٽ واريءَ جي لٽ جي گڏ ٿيڻ وارو مسئلو ان جي اڏاوٽ کان وٺي رھيو آھي، جنھن جي ڪري بئراج جي ساڄي پاسي موجود دروازن مان 10 دروازن کي تڏھن ئي بند ڪيو ويو ھو. واريءَ جي لٽ جي ڪري بئراجن مان پاڻي گذارڻ جي گنجائش ڏينھون ڏينھن گهٽجندي پئي وڃي. ان جي باوجود به بئراج مان سال 2010ع ۾ 10 لک ڪيوسڪ پاڻي گذريو ھو، تنھن کان پوءِ ٽوڙي بند ٽٽي پيو.
سکر بئراج تي واريءَ جي لٽ جي مسئلن ۽ ان جي خاطرخواه حل لاءِ سنڌ جي آبپاشيءَ واري اداري جي سھڪار سان سنڌ ۾ بئراجن جي بحالي واري ھلندڙ منصوبي جي نگرانيءَ ۾ 5 آگسٽ 2022ع تي حيدرآباد جئمخانا ۾ ھڪ سيمينار ڪوٺايو ويو جنھن ۾ سنڌ ۾ موجود بئراجن جي عملدارن، مھراڻ يونيورسٽي ڄام شورو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ماھرن کي گھرايو ويو جنھن ۾ سکر بئراج تي پيش ايندڙ مسئلن تي سوچ ويچار ڪيو ويو . ان سيمينار ۾ لنڊن مان ڪجھه ماھرن کي به گهرايو ويو هو. انھن پنھنجن سفارشن ۾ چيو ته بئراج جي بحاليءَ جو ڪم جلدي ڪيو وڃي ته جيئن بئراج صحيح نموني ڪم ڪري سگهي.
گذريل 35 کان 40 سالن کان وٺي ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري موسم ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آھي. ھلندڙ برساتن پوري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پھچايو آھي. پاڪستان جي زمين جو 80 سيڪڙو پاڻيءَ ھيٺ اچي ويو آھي. ڪيترائي ڳوٺ اھڙا آھن جن جو نالو نشان ئي مٽجي ويو آھي ۽ ڪيترو ئي جاني نقصان پڻ ٿيو آھي. ماڻھو ويچارا بي يارومددگار روڊن تي نڪري آيا آھن. مال متاع ته ويو پر اهي رڳو پنھنجي جان بچائڻ ۾ پورا آھن.
دنيا ۾ ڪجھه ملڪ اھڙا به آھن، جتي مھينن جا مھينا لڳاتار برسات وسندي رھندي آھي پر انھن جي بھترين منصوبا بنديءَ جي ڪري انھن جي معمولاتِ زندگيءَ تي ڪو به اثر ناھي پوندو. ھڪ اسان جو ملڪ آھي، جتي اسان جي سياستدانن کي اھڙي ڳنڀير صورتحال ۾ به پنھنجي اقتدار جي لوڙ لڳي پئي آھي. ملڪ جي اھڙي صورتحال ۾ بدرانِ غريبن جي واھر ڪرڻ جي ايوانن ۽ اسمبلين ۾ ويٺا سياست کيڏين. ڏوهه انھن جو به ناھي انھن جو ته پيشو ئي اھو آھي. جس ته اسان عوام کي آھي جو اھڙين زيادتين باوجود به اسان اھڙن نمائندن جي حمايت ڪندا آھيون.
ماحوليات ۾ جيڪا تبديلي آئي آھي، اسان کي ان مطابق منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آھي. برسات جي ٻوڏ جو اصل ڪارڻ پراڻن ڍورن، ڍنڍن ۽ ڇنڊڻن جو ختم ٿي وڃڻ آھي. اسان کي انھن ڍنڍن، ڍورن ۽ ڇنڊڻن کي بحال ڪرڻو پوندو ۽ ھڪ معقول نيڪال جو نظام پڻ قائم ڪرڻو پوندو. پاڻيءَ کي بورن ذريعي زمين جي جر ۾ موڪلڻ لاءِ جديد طريقن تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ ننڍا ننڍا ڊيم پڻ تعمير ڪرڻا پوندا، جن ذريعي برساتن جي پاڻيءَ کي محفوظ ڪري سگھجي. ماڻھن ۾ ٻوڏ دوران بنيادي اپائن جي باري ۾ معلوماتي پروگرام ھلائڻا پوندا.