جيڪڏهن هڪ ماڻهو اعتماد سان ڪوڙ ڳالهائي ٿو، تڏهن به اهو ڪوڙ هوندو، جيڪڏهن سئو ماڻهو اعتماد سان ڪوڙ ڳالهائين ٿا، تڏهن به اهو ڪوڙ هوندو، ائين ئي جيڪڏهن هزارين ماڻهو وڏي واڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، تڏهن به اهو ڪوڙ ئي ليکبو. تاريخي سچائين کان انڪار ڪرڻ سان تاريخ کي ڪجهه ناهي ٿيندو، اها اتي جو اتي موجود هوندي آهي. اسين ان کي قبول ڪريون يا نه ڪريون پر ان سان تاريخ مٽجي ڪانه ويندي آهي.
گئليلو چيو ته زمين سج جي چوڌاري ڦري ٿي. اهو ان وقت جو سچ هو پر چرچ ان کي قبولڻ لاءِ تيار نه هو. ڇا زمين جي گردش بيهي رهي. نيٺ ڪئين سئو سالن کان پوءِ چرچ گئليلو جي بيان ڪيل سچ کي قبول ڪيو ۽ هن کان معافي ورتي. سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان جيڪي شيون اسان کي پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون يا جيڪي ڪجهه اسين ماڻهن جي واتان ٻڌون ٿا، اهي گهڻي ڀاڱي حقيقت ۽ منطق کان هٽيل آهن. تاريخ جيئن ته ڪو افسانو ناهي ان ڪري ان کي حقيقتن وسيلي ئي پرکي سگهجي ٿو.
اردو ٻوليءَ جو مشهور شاعر جاويد اختر سدائين هندستان جي مسلمانن جي ان نفسيات کي سٺي ريت بيان ڪندو آهي. جڏهن اهي (هندستاني مسلمان) پنهنجو تعلق گنگا جمنا تهذيب سان ختم ڪري فرات ۽ دجله سان ڳنڍيندا آهن ته هو چوندو آهي، جيڪو هندستان ۾ ڄائو آهي، سوين سالن کان هتي رهي پيو، ان جو تعلق فرات ۽ دجله سان نٿو ٿي سگهي پر ان جو تعلق هندستان ۽ هتان جي وهندڙ درياهن سان آهي. جنهن کي گنگا جمنا تهذيب چيو وڃي ٿو. جڏهن هندستان ۾ ويٺل اتان جو کائيندڙ پيئندڙ ماڻهو ان ڏک ۾ مري ته منهنجو تعلق عراق يا عرب سان آهي ۽ هو مسلماني جذبي ۾ عربن تي گهور گهور ٿيندو هجي ته هڪ عام هندستاني اهو چوڻ جو حق رکي ٿو ته اهي هتي ڇا پيا ڪن.
سنڌ ۾ به اها ساڳي نفسيات سنڌي قوم ۾ موجود آهي. ڪئين قبيلا ۽ ذاتيون پاڻ کي عربن سان زوري ڳنڍي انهن سان شجرو ملائڻ لاءِ مريو ٿا وڃن. نتيجي ۾ انهن پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ تائين ئي هٿ کڻي ورتو آهي. صدين کان انهن جو تعلق سنڌ سان آهي. انهن جي خمير ۾ سنڌ جي مٽي ۽ سنڌوءَ جو پاڻي آهي پر اهي ان ڳالهه تي فخر ڪندا آهن ته اسان جا وڏا عربستان مان آيا هئا، پر عربستان پاڻ ڇا هو؟ ان جي تاريخي حيثيت ڪهڙي هئي. اتان جي ماڻهن جي حالت ڪهڙي هئي. ان کي وساري ٿا ويهن.
تازو ئي سنڌ جي سومرن جو تعلق عربن سان جوڙيو ويو آهي. راشد محمود سومري پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو آهي ته سومرن جا ابا ڏاڏا اصل ۾عرب هئا ۽ انهن جو تعلق عربستان سان آهي. پر تاريخ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته سومرا ڪنهن به ريت عرب نسل سان تعلق نٿا رکن ۽ انهن جو تعلق سنڌ کان ٻاهر ناهي. اهي ڳالهيون تاريخ جي مستند ڪتابن ۾ لکيل آهن. باقي جن ماڻهن رڳو سنڌ جي تاريخ ان ڪري لکي آهي ته سنڌين جو تعلق ڪهڙي ريت عربن سان ڏيکارجي ته اهي لکڻيون تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ ئي پيون هونديون.
سنڌ ۾ ذاتين برادرين ۽ قبيلن ۾ احساس ڪمتري هجڻ عام ڳالهه آهي. اڄ به سنڌ جون اصلوڪيون ذاتيون پنهنجو اصل ڇڏي پاڻ کي عربن سان ڳنڍي ٻيون ذاتيون سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. ان کان سواءِ ڪي اهڙيون ذاتيون آهن، جيڪي پاڙو مٽائڻ کان پوءِ به تبديل ٿينديون رهيون آهن. پر جيڪڏهن ڪا ذات يا ڪو قبيلو پنهنجو تعلق عربن سان ڳنڍي ٿو ته ڇا عرب انهن کي قبولڻ لاءِ تيار آهن؟ اهي انهن کي پنهنجو ڀائيبند سمجهڻ لاءِ تيار آهن؟ عرب ۽ عجم جو فرق ته اڄ به موجود آهي.
سومرن جي تاريخ تي سائين ايم ايڇ پنهور جو هڪ بهترين ڪتاب “تصويرِ سنڌ” جي نالي سان لکيل آهي، جنهن ۾ هن سنڌ ۾ سومرن جي تاريخ، ان وقت سومرن جي راڄ ۽ ان کان پوءِ محلاتي سازشن جو سٺي نموني ذڪر ڪيو آهي. هو به ان خيال آهي ته سومرا اصلوڪا سنڌي آهن، انهن جو تعلق ڪنهن به ريت عربن سان ناهي.
“سومرا اصل سنڌواسي ۽ هنـدو جـاتـيءَ جـا هـئـا. هـن ذات جـي ڪجهه طاقتور ماڻهن عربن پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان ستت پوءِ اسـلام قبول ڪيو هو. مسلمان ٿيڻ بعد به هي پنهنجا پراڻا هندڪا نالا رکندا هئا ۽ پنهنجن پراڻين رسمن تي هلندا هئا. هنن مقامي عرب زميندارن سان سڱاوتيون ڪيون ۽ ائين وڌيڪ سگھارا ٿي ويا هئا. اهي قرامطي نه هئا. شام واري مقطانـه، مـلـتـان واري شـيـخ ابـن سومار راجا بل کي دروز ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي، تـنـهـن مـان ظـاهـر ٿئي ٿو ته هي مصر جي فاطمي خليـفـن امـام ظـاهـر ۽ مسـتـنـصـر جـي اسماعيلي فرقي جا پوئلڳ هئا. قرامطي اوائلي اسماعيـلـي فـرقـو هـو، جنهن جو سنڌ ۾ ڪڏڎهن به ڪو اثر ناهي رهيو، پر اڪـثـر پـراڻـا سـنـي ليکڪ اسماعيلين ۽ قرامطين کي ساڳيو سمجھندا هئا. سن 1471ع ۾ جڏهن محمود بيگڙي سومرن کي زير ڪري پنهنـجـي سـنـي مسـلـمـان فرقي ۾ آڻڻ ٿي چاهيو، تڏهن به سومرن جون کـوڙ رسـمـون سـاڳـيـون هندن واريون هيون. ملتان جو حاڪم راجا بل ياراجپال، ٿـي سـگـھـي ٿو ته ان وقت جي سنڌ جي حاڪم سومار سومري جو پٽ هجي. ميرمعصوم ٻڌل ڳالهين آڌار چيو آهي ته سومرا سنڌي نسل جا هندو هئا. تاريخ طاهري ۾صاف لکيل آهي ته سومرا اصل ۾ سنـڌي هندو هئا، پر اهو به لکيل آهي ته اهي مـاهـيـو گـوشـت کـائـيـنـدا هـئـا.
محمد يوسف جي منتخب التواريخ ۾ به معصوميءَ واري ساڳي ڳالـهـه آهي ۽ ڪجهه وڌيڪ سومرن حاڪمن جا نالا بيان ٿـيـل آهـن، جـن مـان ڪجهه مسلمانڪا لڳن ٿا. 1532-1536ع ڌاري لـکـيـل تـاريـخ طـبـقـات بهادر شاهي سومرن کي تميم انصاريءَ جو اولاد ٻڌائي ٿي. هن ڳالهـه جو به حقيقت سان ڪو واسطو ڪونهي. تازو اهي دليل به ڏنا پيا وڃن ته اهي سميري هئا، عراق مان آيا هئا ۽ عرب نسل جا هـئـا. هـيءَ ويـچـار ڌارا ويهين صديءَ جي آهـي. پـراڻـا تـاريـخـدان ان کـان اڻ واقـف هـئـا.
يارهين کان سورهين صديءَ تائين نوي سيڪڙو سنڌي سومرا ۽ سـمـا ذاتين جا هوندا هئا. ڪڇ، گجرات ۽ راجستان ۾ تـمـام ٿـورڙا سـومـرا رهندا هئا، تنهنڪري کين راجپوت سمجھڻ پڻ غلطي ٿيندي.”
جيڪڏهن اسين اڃا تائين به ان غلط فهميءَ جو شڪار آهيون ته سنڌ ۾ موجود قبيلن ۽ ذاتين جو سڌي ريت تعلق عربن سان آهي ته اسين تاريخ سان ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهيون. ان ساڳي نفسيات تي سائين جي ايم سيد به پنهنجي ڪتاب “سنڌوءَ جي ساڃاهه” ۾ بهترين نموني لکيو آهي.
“سنڌين کي عربن ماري مڃائي، مٿن رعب ويهاري، غلط پروپيگنڊه ڪري، غلط مذهبي دور جي اثر هيٺ اهڙيءَ حد تائين پهچايو هو، جو مشهور مثال “ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا” وانگر هرڪو سنڌي پاڻ کي عربي نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳو. سماٽ اصل ۾ آريا، راجپوت نسل مان هئا، سي پاڻ کي عرب نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا. تعليم يافته ماڻهن هٿرادو شجرا ۽ تاريخون ٺهرائڻ لڳا. سما پاڻ رسول (صه) جي چاچي ابولهب جي اولاد مان شمار ڪرائڻ لڳا. سومرا پاڻ کي علوي سادات سڏائڻ لڳا. ڪلهوڙن پنهنجو شجرو نيئي حضرت عباس تائين پهچايو ۽ عباسي سڏائڻ شروع ڪيو. بلوچن امير حمزي تائين پهچي پاڻ کي ان جو اولاد سڏايو. سنڌ جا ڪيترائي سيد، قريشي، صديقي، فاروقي ۽ عقلي وغيره بڻجي ويا. ڄڻ ته سنڌ ۾ اڳي ماڻهو هئا ئي ڪونه. ان کي عربن اچي آباد ڪيو هو. اها احساس ڪمتري جي حد هئي، دنيا کي معلوم هو ته عرب اصل ۾غيرمهذب بدو قوم جا قبيلا هئا. اهي ڳوهون، گلوريون، لوڙ ۽ ڏيدر کائيندا هئا ۽ اٺين جو کير پيئندا هئا. دنيا جهان جون خرابيون منجهن موجود هيون. هو وحشي هئڻ ڪري جنگجو واقعي هئا.”
دنيا جي سڌريل تهذيبن جا ماڻهو پنهنجو ناتو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وطن ۽ درياهن سان ڳنڍيندي فخر محسوس ڪندا آهن ۽ اهي دنيا کي اهو باور ڪرائيندا آهن ته اهي اتان جا اصلوڪا واسي آهن. ڪو عرب يا آفريقي ته سنڌ سان پنهنجو تعلق ائين ڳنڍي جيئن هتان جون سنڌي ذاتيون عربن سان ڳنڍين ٿيون. هاڻي ته جينيٽڪس ايتري ترقي ڪري وئي آهي، جو اها ڪنهن انسان جي ڊي اين اي وسيلي صدين جي تاريخ جو خلاصو پيش ڪري سگهي ٿي. ان ڪري تاريخ ڪنهن جي ڊاڙ هڻڻ سان تبديل ڪانه ٿي ويندي ۽ نه ئي عرب سان ناتو ڳنڍڻ سان ڪنهن قبيلي جو ڳاٽ اوچو ٿي ويندو.