حقيقت ۾، اڄوڪيون قومي آزادي جون تحريڪون ان وقت جي قومي تحريڪن جي ڀيٽ ۾ مختلف خاصيتن جون حامل آهن. جڏهن بيٺڪيتي سرشتي جو خاتمو نه ٿيو هو. اڳوڻي بيٺڪيت جي ڳري اڪثريت سياسي آزادي حاصل ڪري چڪي آهي، تڏهن به اها سياسي آزادي انهن کي سخت غربت ۽ بدحالي مان نجات ڏيارڻ ۾ ناڪام رهي آهي. گڏوگڏ، سياسي آزادي اڪثر اجاريدارين ۽ انهن جي حڪومتن تي ڪنهن ملڪ جي حقيقي انحصار کي لڪائڻ کان سوا ڪجهه ٻيو نٿي ڪري. انهن آزاد ملڪن لا ضروري آهي ته اهي پنهنجي معاشي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ سرمائيداراڻين رياستن سان برابري تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ لا پنهنجي جدوجهد کي جاري رکن.
اسرندڙ ملڪن جي ڳري اڪثريت ۾ آبادي جو وڏو تعداد هاري آهن ۽ اڳڪٿي جوڳي مستقبل ۾ اها ئي صورتحال جاري رهندي. ڪاريگرن ۽ ننڍن واپارين جيان هاري به ٻين ماڻهن جو استحصال ناهن ڪندا ۽ عام طور ننڍي پئماني جي پيداوار ڪندا آهن. ڪجهه هنڌن تي سندن بازار سان تقريبن رابطا ناهن ٿيندا ۽ اهي وڌ کان وڌ صنعتي شين ۽ پنهنجين شين جي ڏي وٺ ۾ ملوث ٿيندا پيا وڃن.
تڏهن به ننڍي پئماني تي شين جي خريد ۽ وڪري جي پيداوار ڪندڙ ٻٽي فطرت رکندا آهن ۽ انهن جو سڀ کان وڏو نمائندو يعني هاري به ٻٽي نوعيت جو حامل هوندو آهي. هڪ پاسي ته ٻني ٻارو، اوزار ۽ مال وغيره انهن جي ملڪيت هوندا آهن جيئن ته هو جائز ناجائز هر طريقي سان امير ٿيڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجي حيثيت ٺاهڻ لا ڪوشان هوندا آهن (غيراشتراڪي دنيا ۾ رڳو اميرن ۽ رئيسن جي حيثيت هوندي آهي.) اهڙي ريت ڪجهه حيثيت حاصل ڪرڻ لا هاري يا ڪاريگر لا ضروري ٿي ويندو آهي ته هو پنهنجي ڪيترن ئي هم ڪار ماڻهن کي تباهه ڪري، انهن جي زمين تي قبضو ڪري ۽ يا ته پنهنجي ڪم تي هڻي، انهن جي پورهئي جو نفعو حاصل ڪري يا وري انهن کي شهرن جي غليظ ڪچين آبادين ڏانهن ڪٿي ڌڪي ڇڏي.
ٻئي پاسي هاري پاڻ پنهنجن هٿن سان محنت ڪن ٿا ۽ ايئن هو پورهيتن سان ويجهڙائي رکن ٿا. هاري ۽ ڪاريگر ٻئي پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪم ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. جڏهن ته اهي ٻهراڙي جي اميرن، حڪومتي اهلڪارن، سرمائيدارن ۽ زميندارن هٿان ظلم ۽ ڦرلٽ جو شڪار ٿيندا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي غربت کان ڇوٽڪارو رڳو ان صورت ۾ ئي حاصل ڪري سگهن ٿا، جو استحصالين خلاف جنگ ڪن. اهي ماڻهو اڪثر اڻپڙهيل به هوندا آهن ۽ اهڙي نموني استحصالي انهن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي، انهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو رخ ڪنهن ٻئي قبيلي يا عقيدي واري ساٿي پورهيتن خلاف موڙي ڇڏيندا آهن. ٽراٽسڪي جي پوئلڳن جيان انهن هارين، ڪاريگرن، ننڍن واپارين يا زرعي غلامن کي اهو چئي نظرانداز ڪري ڇڏڻ بظاهر ڏاڍو سولو آهي ته اهي ماڻهو “پيٽي بورجوا” پاڻ ملڪيتدار آهن. ان موقف کي اختيار ڪرڻ کان پو رڳو هي واٽ رهجي ٿي وڃي ته يا ته ان وقت جو انتظار ڪيو وڃي، جڏهن اهي پرولتاري ٿي ويندا يا وري انهن کي پرولتاري بڻائڻ واري عمل کي منصوعي طريقي سان تيز ڪيو وڃي. اهڙي نموني ساڄي ڌر جي سوشل ڊيموڪريٽن به هارين ۽ ٻين پيٽي بورجوا پرتن کي “رجعت جو مستحڪم قلعو” قرار ڏئي انهن کي غور هيٺ ئي نه آندو.
تڏهن به ان قسم جي روش ۾ ٻه غلطيون لڪل آهن. انهن غلطين جا گئونچ ان ڪري ڦٽن ٿا جو ڪنهن خاص وقت ڪنهن ملڪ ۾ “پيٽي بورجوا” عنصر جي ماهيت جي گهري تجزئي کان ڪن لاٽار ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ساڄي ڌر جا سوشل ڊيموڪريٽ ان ئي پيٽي بورجوا پرت تي گهري نظر وجهن ته انهن کي خبر پوندي ته هاري ۽ پيٽي بورجوا پرت وڏن رنگبرنگي عنصرن تي مشتمل آهن ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ته اهي ان آبادي جو سڀ کان وڏو حصو هوندا آهن، جيڪو پنهنجي محنت جي بنياد تي پنهنجو گذر سفر پيو ڪندو هوندو آهي، جيڪو ملڪيتدارن جي جبر هيٺ پيو پيسجندو آهي ۽ اهو به نه ڄاڻي سگهندو آهي ته ان غربت کان نجات ڪيئن حاصل ڪري. ان کانسوا جن ملڪن ۾ اڃا بورجوا نظام قائم ناهي ٿيل هوندو، انهن ۾ عوام جي ان وڏي انبوهه کي پيٽي بورجوا چوڻ بدران انهن کي محنت ڪش آبادي جو غيرپرولتاري پرت چوڻ گهرجي. درحقيقت پيٽي بورجوا عنصر بورجوا سماج جو هڪ پرت هوندا آهن، ۽ جن ملڪن ۾ اڃا سرمائيداراڻي نظام جو انتظار ئي آهي اتي انهن هارين، ڪاريگرن ۽ ننڍن واپارين کي غيرمشروط طور پيٽي بورجوا چوڻ درست نه آهي. بهرحال پورهيت طبقو ۽ ان طبقي جي مفادن جي نمائندگي ڪندڙ ماڻهو سماج جي ان پرت ۾ شامل عوام جي انبوهه سان پورهيت طبقي جي دوستن ۽ مددگارن کي ڳولي لهن ٿا.
انقلابي پارٽيون ۽ ڪميونسٽ هارين جي صفن ۾ ڪم ڪندا آهن ۽ انهن جي تنظيم ۾ مدد ڪندا آهن. اصل ۾ لينن بيٺڪيتي ۽ غلام ملڪن جي انقلابين کي اها ئي هدايت ڪئي: “اها ڳالهه آساني سان قبول ڪئي ويندي ته نيم جاگيرداراڻي ماتحتي ۽ انحصار تي گذارو ڪندڙ هاري سوويت تنظيم جي تصور کي پنهنجي اندر سولائي سان سمائي ان کي حقيقت جي شڪل ڏئي سگهن ٿا، اها ڳالهه به واضح آهي ته واپاري سرمائي ۽ جاگيردار آقائن ۽ جاگيرداراڻي رياست جي استحصال جي جبر هيٺ پيسجندڙ عوام پنهنجين مخصوص حالتن ۾ ان تنظيم کي حقيقت پذير ڪري ان هٿيار طور استعمال ڪري سگهن ٿا. سوويت تنظيم جو تصور سادو ۽ آسان آهي ۽ اهو نه رڳو پرولتاري لا عمل جوڳو آهي بلڪ ديهي جاگيرداراڻي ۽ نيم جاگيرداراڻن رشتن ۾ به ان کي عمل پذير ڪري سگهجي ٿو.”
۽ مسئلو اهو نه آهي ته انهن تنظيمن کي ڪهڙو نالو ڏنو وڃي. سوويت روس ۾ انهن کي شروعات ۾ پورهيتن، هارين ۽ سپاهين جي نمائندن جي سوويت جو نالو ڏنو ويو. بعد ۾ جڏهن استحصالي طبقن جي بيخ ڪني ڪئي وئي، انهن کي پورهيت عوام جي نمائندن جي سوويتن جي نالي سان ڄاتو ويو، ۽ اڄ انهن کي عوامي نمائندن جي سوويتن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. تڏهن به سوويت تنظيم بابت لينن جي ڳالهه ٻولهه جو اهو مقصد نه هو ته روس جي سوويت حڪومت تي هر هنڌ عمل ڪري سگهجي ٿو، غيرسرمائيداراڻن ملڪن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي لينن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته:
“اتي به سوويتن جو قيام ممڪن آهي پر اتي اهي مزدورن جون سوويتون نه هونديون بلڪ هارين جون سوويتون يا محنت ڪش عوام جون سوويتون هونديون.”
)هلندڙ)