ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه

Editorial-Article- Ajaz Mangi

“امداد”. هن ملڪ جي حڪمرانن لاءِ دنيا جو پرڪشش ترين لفظ آهي. هي اهو لفظ آهي، جنهن جي ڀڻڪ سڻڻ شرط اگها به سگها ٿي ويندا آهن. ان سچائيءَ جو تازو ثبوت اهو اسحاق ڊار آهي، جيڪو اڳ ۾ عدليا جي بيحد اصرار باوجود صحت جي سبب ڪري جهاز ۾ سفر ڪرڻ جهڙو نه هو پر جڏهن کان ٻوڏ ستايل عوام کي پرڏيهه مان امداد ملڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي ته هو اچانڪ نه رڳو تندرست بڻجي ويو آهي پر وزارت جو بار کڻڻ لاءِ به تيار ٿي ويو آهي. اهو امداد جو ڪرشمو ئي ته آهي، جنهن سبب ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءَ جي غيرمقبول حڪومت کي دل ۽ جان سان مڃڻ لڳو آهي. هن مهل اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ پورو سسٽم وري پنهنجي پراڻي واٽ تي وري رهيو آهي. پاڪستان ۾ سياسي سڌاري جي اميدا اجائي محسوس ٿي رهي آهي. اهي لاٽون ۽ اهي ئي چگهه واري روش شروع ٿي آهي. ان ماحول ۾ ڪير سوچي ته ڪجهه بهتر ٿيندو!

هن وقت جي حقيقت اها آهي ته حڪمرانن جا تيور ڏسي ٻوڏ ستايل انسان سمجهي ويا آهن ته انهن جي مقدر ۾ امداد جا اعلان ئي هوندا. ڇو ته امداد جا اصل وارث جاڳي پيا آهن ۽ نه رڳو جاڳي پيا آهن پر وڌ کان وڌ مال حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻو سرگرم ٿي ويا آهن. اسحاق ڊار جي انٽري ان جو اهڙو ثبوت آهي، جنهن کان انڪار ممڪن ناهي. هن وقت صرف وفاقي نه پر صوبائي حڪومت به ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۽ انهن جي وس آهر مدد ڪرڻ بدران سمورو ڌيان ان امداد تي ڌري ويٺي آهي، جنهن جو ماحول هن مهل جڙندو نظر اچي رهيو آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس جي دوري ۽ ان بعد انجلينا جوليءَ جي آمد بعد عالمي برادريءَ تي جيڪو اثر ٿيو آهي، ان جا آثار اسان کي آمريڪا ۾ به نظر اچي رهيا آهن. پاڪستان جو وزير اعظم شهباز شريف جهڙي طرح آمريڪا جي صدر ۽ ٻين عالمي شخصيتن سان ملندي جيڪا مسرت محسوس ڪري رهيو آهي، اها هن جي هر تصوير مان پڌري آهي. جڏهن ته ساڳيو حال اسان جي نوجوان پرڏيهي وزير جو به آهي. جڏهن چهرن تي ايتري گهڻي خوشي ۽ بدن تي ايتري گهڻي خوش لباسي هوندي ته عالمي امداد ۾ مشڪل پيدا ٿيڻ فطري عمل بڻجي ويندي پر اسان جا حڪمران پوءِ به پنهنجن حسرتن هٿان مجبور آهن. انهن جا خواب هئا ته ڪڏهن انهن کي اهڙو موقعو ملي جو هو عالمي حڪمرانن سان هٿ ملائين ۽ انهن سان تصويرون ڪڍرائين.

اسان کي ائين نه سوچڻ گهرجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ماڻهن جي لاءِ مصيبتون انهن جي زندگيءَ جي وڏين خوابن کي تعبير ڏيڻ جو سبب به بڻجي وينديون آهن. جهڙي طرح پاڪستان جي سلسلي ۾ تيار ٿيل نئين نظرئي ته عالمي ماحولياتي تباهيءَ جي قيمت ويچارو اسان جو ملڪ ادا ڪري رهيو آهي، ساڳي طرح سان اهو به نظر اچي رهيو آهي ته پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي عوام جنهن مصيبت مان گذري رهيو آهي، ان جو کٽيو وري اسان جا اهي حڪمران کائي رهيا آهن، جن کي خوف هو ته هو تمام جلدي جيل حوالي ٿيندا ۽ جيل بدران انهن کي حڪومت جي سربراهي حاصل ٿي آهي ۽ ان خوشيءَ ۾ هو پنهنجي توازن کي قائم رکڻ ۾ به ناڪام ٿي رهيا آهن. ڇو ته انهن ايڏي وڏي ۽ اچانڪ ملڻ واري خوشيءَ جو ڪخ آسرو ئي نه رکيو هو. هن وقت اتفاق سان حڪمراني حاصل ٿيندڙ ويندڙ همراهن جا پير پنهنجي جسم جو بار به جهلي نه ٿا سگهن. ڇو ته انهن کي ايتري گهڻي مسرت ملي آهي، جنهن جو انهن کي ڪنهن به طرح سان ڪو اندازو نه هو.

عمران خان کي صرف اها خار ناهي ته هن جي حڪومت مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ هلي وئي پر هو ان تي به تمام گهڻو ناخوش آهي ته جن مخالفن کي هن جيل ۾ ڏسڻ چاهيو هو، اهي مخالف اڄ عالمي اسٽيج تي دنيا سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن ۽ جيڪو پاڪستان عمران خان کي مليو هو، اهو تمام گهڻو ڏکيو ۽ بکيو هو. ان جا خزانا خالي هئا، جڏهن ته هاڻي عالمي امداد جا اعلان ٿيڻ وارا آهن. اهڙا اعلان ٻڌي عمران خان کي اها خار به اچي رهي آهي ته انهن حڪمرانن وٽ جڏهن سرمايو ايندو ته هو ان مان به پنهنجو پيٽ ڀريندا ۽ ان سان گڏ پنهنجي ختم ٿي ويل مقبوليت جو ٻيڙو تاريندا. ان جي معنيٰ ته هن ڀيري انهن کي تمام گهڻي فائدي ملڻ جي اميد آهي. اهڙي اميد عمران خان کي تمام گهڻو غصو ڏياري رهي آهي. هو سوچي رهيو آهي ته هن جي ڀيري اهو ڪجهه ڇو ٿيو، جيڪو هاڻي ٿي رهيو آهي!

عوام جا ڏک، سور ۽ هن جي حصي ۾ آيل سور ۽ تڪليفون ته اسان جي حڪمرانن جي لاءِ هڪ طرح سان فائدي جو سبب بڻجن ٿيون. ڇو ته اهو آءِ ايم ايف جيڪو پاڪستان مٿان مسلسل شرطن جو بار وجهي رهيو هو، ان پاڪستان تي هاڻي اهو ادارو پنهنجن سخت شرطن جو وزن گهٽائي رهيو آهي ۽ ان ايندڙ ڏينهن ۾ قرض جو مقدار به وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته دنيا جا ٻيا ملڪ به تمام سوچي رهيا آهن ته انهن کي به گڏيل قومن جي اپيل ٿي ٿورو گهڻو عمل ڪندي پاڪستان کي ڏنل قرض جي سلسلي ۾ ڪنهن طرح سان ڪا نه ڪا رعايت ڪرڻ گهرجي.

اهو جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو انهن حڪمرانن جي خوشقسمتي آهي يا اسان جي غريب عوام جي بدقسمتي آهي؟ ان سوال تي سوچڻ نه چاهيندي به انسان جو دماغ ان طرف وڃي ٿو ۽ ان مهل اسان جو ذهن اهو سوچيندي تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪري ٿو ته اسان جي عوام کي مليل عذاب اسان جي حڪمرانن لاءِ هڪ طرح سان ان خوشيءَ جو باعث آهن، جيڪا خوشي ناڻو کٽل ملڪن جي حڪمرانن کي پرڏيهي امداد ۽ جيڪڏهن امداد نه ته قرض ملڻ جي صورت ۾ ٿيندي آهي. اسان کي ان سلسلي ۾ ڪڏهن سوچڻ نه گهرجي پر ڇا ڪجي ماڻهوءَ جي سوچ آهي ۽ اها نه چاهيندي به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ان طرف وڃي ٿي، جنهن طرف اسان جي ماڻهن جا ڏک حڪمرانن جي حڪمرانيءَ واري سک جو ڪارڻ آهن. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه هجي ها ته اڄ عمران خان ايترو گهڻو پريشان نه هجي ها. عمران خان ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته جن سياسي مخالفن کي هو سخت سزائن ۾ ڏسڻ جو خواهشمند هو، اڄ اهي مخالف نه صرف مرڪي رهيا آهن پر انهن کي عالمي فورمن ۾ عزت ملي رهي آهي. جيتوڻيڪ اها عزت رسمي آهي پر انهن کي رسم مطابق به جيڪا عزت ملي ٿي، اها انهن جي سخت ترين مخالف جي لاءِ برداشت ڪرڻ ڪنهن به طرح سان آسان عمل نه آهي. ان حوالي سان اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته عمران خان به هڪ طرح سان عذاب به آهي ۽ هن جو اهو عذاب محسوس ڪندي هن جا مخالف به ته مسرت محسوس ڪندا هوندا. ڇو ته عمران خان جهڙي طرح سان مولانا فضل الرحمان جي خلاف عوام کان نعرا هڻائيندو هو ۽ آهي ۽ جهڙي ريت مسلم ليگ ن جي شريف خاندان مٿان سخت ٻوليءَ ۾ تنقيدون ڪندو آهي، اهو سڀ ڪجهه انهن جي لاءِ سهپ کان وڌيڪ آهي ۽ ساڳي طرح سان هن جهڙي ريت آصف زرداريءَ ۽ هن جي پٽ بلاول مٿان تمام گهڻيون طنزون ڪيون آهن، اهو سڀ ڪجهه هن مهل ياد ڪري عمران خان جا سياسي مخالف مقابلي جي حوالي سان پاڻ کي برتريءَ ۾ ڏسي تمام گهڻو خوش آهن ۽ انهن جي خوشي عمران خان جي لاءِ هڪ طرح جو عذاب آهي.

پاڪستان کي هن مهل عالمي امداد ملڻ جي ڪنهن حد تائين پڪ ٿي وئي آهي پر اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جو اميج عالمي سطح تي ايترو ته متاثر ٿيل آهي جو ان معاملي تي معاشي مدد ڪرڻ وارا سنجيدگيءَ سان سوچي رهيا آهن ته انهن کي امداد ڪهڙي طرح سان ڏيڻ گهرجي جو اها متاثر عوام تائين پهچي ۽ ان ۾ ڪنهن طرح جي ڪرپشن نه ٿئي. اها ساڳي ڳالهه تازو انجلينا جوليءَ به ڪئي آهي. جڏهن ته مغربي ميڊيا ۾ ان معاملي تي تمام گهڻي سنجيدگي ۽ تمام گهڻي تشويش آهي ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد کي ڪنهن به طرح سان کاٽ نه لڳڻ گهرجي. ان حوالي سان اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جهڙي ريت پاڪستان جي مٿان آءِ ايم ايف جا سخت شرط نرم ٿي رهيا آهن، تهڙي طرح پاڪستان جي حڪمرانن کي ڪرپشن نه ڪرڻ ۽ خاص طور تي امدادي رقم ۾ ڪرپشن نه ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪي شرط تسليم ڪرڻا پوندا، اهي پاڪستان جي ساک کي عالمي سطح تي وڌيڪ متاثر ڪندا. ڇو ته هن مهل ۽ هن ماحول ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو تمام گهڻو اهم آهي. هن مهل پاڪستان پوري دنيا جي فوڪس ۾ آيل ملڪ آهي ۽ متاثر ماڻهن جا چهرا ۽ انهن ڏک ڏسي هڪ طرف عالمي برادري تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪري رهي آهي ۽ اها ان ماحول ۾ جڏهن ڪرپشن نه ٿيڻ جون ضمانتون وٺندي ته ان مان اهو تاثر ته هر حال ۾ جڙندو ته پاڪستان جا حڪمران ايترا ته ڪرپٽ آهن جو هو ٻڏل ماڻهن جي مدد لاءِ ملندڙ امداد ۾ به اک رکي ويٺا آهن. ڇا ڪنهن به ملڪ جي حڪومت لاءِ ان قسم جو تاثر ان ملڪ کي عالمي برادريءَ ۾ جيڪا حيثيت ڏياري ٿو، ان حيثيت واري ملڪ ۾ ڪڏهن به سرمائيڪاري ٿي سگهندي؟ اسان ته هاڻي امير ملڪن کي اهو چوڻ ڇڏي ڏنو آهي ته اسان وٽ اچي پنهنجو سرمايو لڳايو. اسان هاڻي صرف پنهنجي ٻڏل عوام جي حالت ڏيکاري عالمي برادريءَ کان امداد وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ عالمي برادري اسان جي حڪمرانن کان اها پڪ وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته بکين ۽ بي گهر ماڻهن جي لاءِ ملندڙ امداد ۾ ڪرپشن نه ڪئي ويندي. حڪمرانن جي واعدن تي عالمي برادري کي تر جيترو به اعتبار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button