ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سکر ۾ اسڪولن جي بحالي

Editorial

ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان پوءِ جتي سنڌ ۾ صحت مرڪز متاثر ٿيا آهن، اتي تعليمي ادارا به سخت متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سبب دربدر ٿيل ماڻهن کي تعليمي ادارن ۾ رهائڻ جو سلسلو اڃا به جاري آهي. هڪڙا ته اهي اسڪول ۽ ڪاليج هئا، جن کي حڪومت پاران ڪئمپن ۾ تبديل ڪيو ويو هو. پر ٻيا اهي به هئا، جن کي ٻوڏ متاثرن پاران ڪئمپن ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت سوين اسڪول ٻوڏ متاثرن سان ڀرجي ويا. جنهن کان پوءِ ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي آهي ۽ اهي پنهنجن اسڪول ۾ پڙهائي ڪونه پيا ڪري سگهن. ان حوالي سان تعليم کاتي جا عملدار به اعتراض واريندا رهيا آهن. جتي جتي به حڪومت جي اجازت کان سواءِ تعليمي ادارن کي ڪئمپن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، انهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيو پيون وڃن پر اهي ڪوششون ايتريون لاڀائتيون نه ٿيون آهن. ڪن ضلعن ۽ تعلقن ۾ قائم ٿيل رليف ڪئمپن کي ختم ڪري تدريسي عمل شروع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، اهو هڪ سٺو عمل آهي.

ان حوالي سان سکر ضلعي جي 34 اسڪولن ۾ قائم رليف ڪئمپن کي ختم ڪري تدريسي عمل بحال ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب سکر شهر جي 34 سرڪاري اسڪولن ۾ 6 ھزار 432 متاثرن کي عارضي پناھه فراھم ڪرڻ لاءِ امدادي ڪئمپون قائم ٿيل ھيون. انھن اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثرن کي ھڪ مھيني کان وڌيڪ ترسائڻ کان پوءِ کين پنھنجن گھرن ڏانھن روانو ڪري ڄاڻايل اسڪولن ۾ تعليمي سلسلو شروع ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ نيو تعلقي سکر جي مختيارڪار انيس الرحمان ٻرڙو اي پي پي کي ٻڌايو آھي ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تي سکر جا سمورا تعليمي ادارا متاثرن کان خالي ڪرايا ويا آهن، جتي ٻارن جي تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. انهن اسڪولن ۾ 34 امدادي ڪئمپون قائم ٿيل ھيون. انهن سمورن متاثرن کي راشن جا ٿيلها، کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون ڏئي انهن جي گهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي. ملڪ ۾ آفتن جو اچڻ عام ڳالهه آهي پر ان لاءِ حڪومتي سطح تي تياري ڪيتري هوندي آهي، اهو اهم معاملو آهي. گذريل ڀيري جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته ان وقت به صورتحال اهڙي ئي هئي جيڪا هاڻ نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته آفتن دوران تعليم متاثر ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳائي رهيا آهيون، جڏهن ته سڌريل قومون جنگين دوران تعليم کي متاثر ٿيڻ ڪونه ڏينديون آهن. پر اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. هن وقت جڏهن لکين ماڻهو ٻوڏ سبب دربدر ٿيل آهن ته انهن کي حڪومت تعليمي ادارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ٻوڏن ۽ آفتن بابت اڳڪٿيون ڪرڻ هاڻ ڏکيو نه رهيو آهي. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته آفت سٽيلن لاءِ سرڪاري سطح تي ڪي اهڙا شيلٽر هوم ٺاهي سگهي ٿي، جن کي آفتن وقت ڪتب آندو وڃي، انهن ۾ هزارين ماڻهن جي گنجائش رکي سگهجي ٿي. اهڙن شيلٽرن هومز سان گهٽ ۾ گهٽ تعليمي ادارن تي بار گهٽجي ويندو. تدريسي عمل جاري رهندو ۽ ٻارن کي به ڪنهن پريشانيءَ کي منهن ڪونه ڏيڻو پوندو. تنهنڪري انهن شيلٽر هومز جي سار سنڀال جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ سهولتون پيدا ڪري سگهجن. ان کان سواءِ اهڙن شليٽر هومز ۾ زندگيءَ جو سموريون سهولتون پڻ هجڻ گهرجن ته جيئن اهي انهن مان فائدو وٺي سگهن. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن حڪومت ان تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري. آفتن کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي رٿابندي ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ جيڪڏهن ايندڙ سال به ٻوڏ اچي ٿي ته سنڌ جي حالت ساڳي رهندي، هتي بندوبست ساڳيو رهندو ۽ ڪا به تبديلي نظر نه ايندي. ٻوڏ اچڻ کان پوءِ تباهي ضرور ايندي آهي پر ائين ناهي ته ان کان بچي نٿو سگهجي يا ان کي منهن نٿو ڏئي سگهجي. پر اسان وٽ صورتحال اهڙي ٿي ويندي آهي جو جيڪي ڪم بهتر نموني ٿي سگهن ٿا، اهي به نه ٿي سگهندا آهن ۽ نتيجي ۾ جيڪا مس مئنجمينٽ ٿيندي آهي، ان سان وڌيڪ تباهي ايندي آهي. پر ان تباهيءَ کان تڏهن بچي سگهجي ٿو، جڏهن اسين صورتحال آهر فيصلا ڪريون ۽ وڌيڪ سوچ ويچار ڪري ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريون.
اسين سمجهون ٿا سکر ۾ اسڪولن جي بحاليءَ جو عمل هڪ سٺو اپاءُ آهي، ان ڪري ان کي جاري رهڻ گهرجي. سنڌ ۾ جتي جتي به اسڪولن جي صورتحال خراب آهي يا ٻوڏ متاثرن کي رهايو ويو آهي، انهن کي اتان شفٽ ڪري ڪنهن ٻي جاءِ تي رهايو وڃي ته جيئن ٻارن جي پڙهائي شروع ٿي سگهي ۽ انهن کي ڪنهن به ڏکيائيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوي. ڇاڪاڻ ته تعليم جهڙي اهم شعبي تي ڪنهن به ريت ڪو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري ڪرڻ جي گنجائش آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button