سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ دوران پيل سانوڻيءَ جي برساتن مڪمل تباهي آڻي ڇڏي آهي. سنڌ جو تمام وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي چڪو آهي. هاڻوڪي برسات کان پوءِ سنڌ جا 23 ضلعا تباهيءَ جي ور چڙهي چڪا آهن. جن ۾ سڀني کان وڌيڪ جيڪي ضلعا متاثر ٿيا آهن، انهن ۾ دادو، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ بدين. ڇاڪاڻ ته برساتن ماڻهن جي زندگيءَ کي مفلوج ته بڻائي ڇڏيو ئي هو، مٿان وري بلوچستان کان آيل پاڻيءَ به رهيل ڪسر به پوري ڪندي قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن اندر رهندڙ غريب اٻوجهه طبقي جي ماڻهن جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو.
دادو ضلعي ۽ قمبر جي تباهيءَ جا ٻه پاسا آهن، جيڪي مجموعي طور سموري سنڌ ۾ ٿيل تباهيءَ جا پڻ ساڳيا ئي پاسا ڏسڻ لاءِ ملن پيا. هڪڙي پاسي پاڻيءَ کي رستو نه ڏئي پاڻيءَ کي ڦيرائي ڦيرائي ڳوٺن کي ٻوڙائڻ کان پوءِ شهرن کي پڻ ٻوڙايو ويو. تاريخي طور ٿيندو ائين آيو آهي ته بلوچستان کان ايندڙ پاڻيءَ کي حمل ڍنڍ ذريعي منڇر اندر ڇوڙ ڪيو ويندو آهي ۽ منڇر کي سنڌو درياهه اندر ڇوڙ ڪيو ويندو رهيو آهي. پر انتظاميه اندر موجود سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جيڪي دراصل انهن علائقن جا ايم پي اي، ايم اين اي پڻ آهن، پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ابتا سبتا ڪٽ ڏئي ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر ٻوڙائي ڇڏيا آهن. جن ۾ وارهه، گاجي کهاوڙ، نصيرآباد، ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جا سوين ڳوٺ شامل آهن. حڪومت طرفان وري انهن ئي ماڻهن کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ کين فنڊ ۽ امدادي سامان جاري ڪيا ويا آهن، جن ماڻهن پنهنجون زمينون ۽ ٻاهرين ملڪن جي فنڊ جي لالچ ۾ هٿ وٺي ٻوڙيو آهي.
ٻيو ۽ تمام اهم سبب انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپرواهي جو آهي. سنڌ حڪومت انتظاميا ۾ پنهنجا نوازي تحت ڪامورا ڀرتي ڪري ويتر ماڻهن جي ڏکن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. انجنئيرن کي پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت ذري جو به علم ناهي، تنهنڪري اهي پاڻيءَ کي ڦيرائي ڦيرائي غيرقانوني ڪٽ ڏيارائي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙائيندا رهيا ۽ جڏهن فنڊن جي مٿن برسات ٿيڻ لڳي ته انهن ڪامورن کي حڪم ٿيو ته هاڻي غير قانوني ڪٽ لڳرائي پاڻيءَ جو رخ شهرن ڏانهن ڪريو۔ ٻئي پاسي ڊي سيز کي غريب مسڪين ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن لاءِ مليل راشن ۽ تنبو وڏيرن جي گدامن اندر رکرائي ڇڏيا پر برسات متاثرن کي فقط آسرا ڏنا ويا. سنڌ حڪومت ۽ پرڏيهه مان مليل امداد جو ڏهون حصو به غريب برسات متاثرن کي ڪونه ملي سگهيو آهي. دادو ضلعي ۾ رفيق جمالي پنهنجون زمينون بچائڻ خاطر خيرپور ناٿن شاهه جا هزارين ڳوٺ ٻوڙائڻ کان پوءِ خيرپور ناٿن شاهه شهر کي ٻوڙائڻ کان پوئتي نه هٽيو، هوڏانهن چانڊيا ڀائرن جيڪي چانڊيا قبيلي جا سردار ۽ ڀوتار پڻ سڏائين ٿا. وارهه جي ايم پي اي وارهه کي هٿ وٺي ٻوڙائڻ ۾ آخري حد تائين وڃڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. افسوس وارهه جي انهن شهرين تي آهي جيڪي پنهنجي چونڊيل نمائندي کان پنهنجي ٻڏڻ خلاف سخت پڇاڻو ڪرڻ بدران قافلي جي صورت ۾ قرآن هٿن ۾ کڻي وٽس ميڙ ڪري ويا ته خدارا اسان کي وارهه شهر بچائي ڏيو.
وارهه کي ڪنهن درياهي ٻوڏ يا آفت ڪونه تباهه ڪونه ڪيو آهي پر وارهه کي چوڌاري ڦريل شاخن ٻوڙيو آهي، جن ۾ پنا شاخ، لنڊي شاخ ۽ ڪنڊو شاخ شامل آهن. انهن شاخن کي لڳل گهارا 20 ڏينهن تائين هلندا رهيا پر انتظاميا جو ڪوبه عملدار گهارا ٻڌڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پورو وارهه شهر پاڻيءَ جي وڪڙ ۾ اچي ويو. پر پوءِ به وارهه شهر جي ٽڪري کي بچائڻ لاءِ جيڪي ماڻهو صفِ اول ۾ نظر آيا، انهن ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ورتيون پر انتظاميا هن وقت تائين اگهور ننڊ ستل آهي.
وارهه ۾ برسات ۽ انتظاميه جي نااهلي سبب هزارن جي انگ ۾ جڳهون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن. هزارن جي انگ ۾ چوپايو مال مري چڪو آهي ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي لڏپلاڻ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ڳرا ڀاڙا ڀري دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن. وارهه ۾ هن وقت کائڻ پيئڻ جي سامان جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. نصير آباد ۾ بصرن جي ڪلي جي قيمت 50 روپيا آهي، وارهه ۾ بصرن جي هڪڙي ڪلي جي قيمت 200 روپيا مقرر ڪيل آهي ۽ چانهن جو ڪپ 50 روپيا ڏنو پيو وڃي. گيهه، اٽو، دال، چانور ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي قيمت غريب ماڻهن جي پهچ کان گهڻو مٿي آهي. نتيجي ۾ اهي بکن سان جهيڙي رهيا آهن.
ٻئي پاسي بااثرن کي ملندڙ راشن جي ورهاست فقط پنهنجا نوازي تحت هلي رهي آهي، ايم پي اي کي ان حوالي سان تحرڪ وٺڻ کپي ڇو ته شهر بچائڻ ۾ ته هونئن ناڪام ٿي چڪو آَهي، پر گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ماڻهن کي بک ۾ مرڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري. هن وقت وارهه شهر ۾ بيٺل پاڻي سبب ڪيترن ئي خاندانن ۾ عجيب بيماريون پکڙجڻ لڳيو آهن. انهن بيمارين سبب ٻاڙا به فوت ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي برساتي پاڻيءَ ۾ پڻ ماڻهو ٻڏي مري رهيا آهن. 10 سالن جو معصوم ٻار عزيز الله بروهي برساتي پاڻي ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳالهه فقط اتي ختم ڪونه ٿي ٿئي. وڌيڪ 3 معصوم ٻارڙا، ٻن نوجوانن سميت الاهي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هيءَ ته اهي انگ اکر آهن جن تائين رسائي ممڪن بڻي آهي پر جن تائين اسين ڪونه پهچي سگهيا آهيون، جهڙوڪ ڪاڇي جا مختلف ڳوٺ جيڪي هن وقت پاڻي هيٺ آهن، انهن ڳوٺن ۾ تمام وڏي انساني الميي جو خدشو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن تائين ڪوبه سماجي ۽ حڪومتي ادارو نه پهچي سگهيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان وٺي بجلي به غائب لڳي پئي آهي. پر گرڊ اسٽيشن انچارج کي ڪو چوڻ وارو ناهي. ماڻهو گرمي ۽ مڇرن جي آزار کان ڏينهون ڏينهن تڙپي رهيا آهن.
هاڻي هن صورتحال ۾ ترقي پسند سياسي ڌرين کي ڪهڙي سياست ڪرڻ کپي يا ڪهڙين سياسي حڪمت عملين تحت پنهنجي بيانيي کي عام ماڻهن تائين پهچائجي. ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته هيءَ اها گهڙي آهي جنهن جو انتظار ترقي پسند ڌرين ۽ جاگيرداري نظام مان تنگ ٿيل ماڻهن کي سالن کان پئي رهيو آهي. سڀ کان پهرين ته سنڌي عوام کي اهو ٻڌائجي ته اوهان کي ڪنهن غيبي طاقت يا مافوق الفطرت هستي ڪونه ٻوڙيو آهي. پر اوهان کي هنن وڏيرن، جاگيردارن، پنهنجون ملڪيتون بچائڻ خاطر هٿ سان ٻوڙايو آهي. ٻئي پاسي زرداري مرده باد جا نعرا هڻي اوهان صرف ۽ صرف جنرلائيزيشن ڪري رهيا آهيو، جنهن جو ڪو کڙتيل نڪرڻو ناهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر اهو ماڻهو جيڪو ترقي پسند سياست سان سلهاڙيل آهي خاص ڪري نوجوان طبقو پنهنجي تر جي وڏيري ۽ جاگيردار خلاف محاذ کڙو ڪري. ان سان وڏيرن ۽ جاگيردارن جو اصل ۽ مڪروه چهرو عوام آڏو اچي به ويندو. اسان طرفان يا اسان جي سياسي اڳواڻن طرفان جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي خلاف جوٽيل جنگ جا معنى خيز نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا.