ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مزدور اڳواڻ ڌڻي بخش لغاري مجيري جي موڪلاڻي

Editorial-Article- Rashid Leghari

زندگي جيڪڏهن هڪ مقصد ۽ آدرشن سان ڀرپور هجي ته پو اها زندگي پنهنجي ذات مان نڪري ٻين لا وقف ٿي ويندي آهي. هن سماج ۾ پنهنجي رشتن، ڀا يا والدين توڙي پڳ مٽ يار جي زندگي تي يا وڇوڙي تي لکڻ سچ به ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ عمل هوندو آهي. انڪري ادا ڌڻي بخش لغاري عرف مجيري جي زندگي ۽ سندن ڪمن ۽ خدمتن تي لکڻ سچ ۾ ڏکيو آهي. يار ويس ڀا مجيري تي سندس يارن، ساٿين توڙي او جي ڊي سي ايل جي ورڪرن سماجي سائيٽ ۽ فورمن تي تمام گهڻو لکيو آهي. ڌڻي بخش مجيري ادا جان محمد لغاري کان ننڍو ۽ اسان ٻين سڀني ڀائرن کان وڏو ڀا هيو. هو نالي ۾ ته مجيري هيو پر عمل ۾ به مجيري هو. مجيري 1987ع ۾ آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ سان سلهاڙجي ويو هو. جتي هو پنهنجي نوڪري کان وڌيڪ ٻين ورڪرن جي نوڪري ۽ مراعتن کي اهميت ڏيندي ڪمپني جي مزدور يونين ۾ شامل ٿي ويو هو، ان يونين جو ليڊر ٿي رهيو هو. ان وقت مجيري ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيو هو. جيڪو وري ٻن سالن اندر پڪو به ٿيو. او جي ڊي سي ايل ۾ هن کي سندس ساٿين سميت ان وقت جي رٽائرڊ برگيڊيئر ريجنل ڪوآرڊينٽر غلام رسول ميمڻ واپس ڪچو ملازم ڪري ڇڏيو هو. سندس حق کي ماريو ويو ته پو مجيري او جي ڊي سي ايل مزدور يونين جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊجي آيو. جنهن پنهنجي ساٿين ۽ پنهنجي پڪي ملازمت سميت ٻيا چارٽر آف ڊمانڊ جوڙي حيدرآباد پريس ڪلب جي فٽ پاٿ تي 21 جون 1994 کان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي هئي، اها مرڻ گهڙي جي بک هڙتال 11 ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن سان گڏ سندس ساٿي حسن بخش کوسو، عبدالعزيز ڀاڻوجو ۽ اشرف ڏهوٽ شامل هئا. اها مرڻ گهڙي جي بک هڙتال 2 جولا، 1994 تائين جاري رهي. جنهن ۾ هنن ورڪرن جي حقن لا هڪ سچائي سان بک هڙتال ڪئي هئي، جنهن ۾ مجيري جو 16 پائونڊ وزن گهٽجي ويو هو. بي هوشي جا دورا به پوڻ شروع ٿيا هئا. بک هڙتال جي ڪري پيشاب به بند ٿي ويو هو. بڪين جي تڪليف به وڌي وئي هئي. ان باوجود هنن هيٺين سطح جي آفيسرن سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد ان وقت جي ايم اين اي ۽ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين نويد قمر، خوراڪ جو صوبائي وزير سيد محسن شاهه، ريجنل ڪوآرڊينٽر جي آر قريشي، اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد، يونين جي جنرل سيڪريٽري ادا ڌڻي بخش لغاري مجيري ۽ يونين جي صدر حسن بخش کوسو سان ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون. چارٽر آف ڊمانڊ تي هي اٽل بيٺل رهيا. هنن سان ڳالهيون به هڪ بنگلي تي ڪيون ويون، جتي لکت ۾ مطالبا منظور ڪيا ويا هئا، جنهن بعد مجيري ۽ سندس ساٿين اها بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي هئي. جنهن ۾ 18 مطالبن مان 8 مطالبا اتي ئي لکت ۾ مڃيا ويا. ٻين مطالبن جي حل لا وري هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي. جنهن 15 ڏينهن ۾ رزلٽ ڏني. معاهدي تي ايم اين اي نويد قمر ۽ ٻين صحيحون به ڪيون. جنهن بعد بک هڙتال ختم ڪرائي 4 ساٿين کي نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. مڃيل مک مطالبا اهي هئا ته ڏيڍ سال اڳ ڊيوٽي دوران حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن ملازمن جي وارثن کي اڍائي اڍائي لک معاوضو ڏنو ويندو، سندن پوئنرن کي او جي ڊي سي ايل ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون. تيل جي چوري ۽ ٻين بيقائدگين بابت آفيسرن خلاف جيڪي ڪيس داخل آهن. هنن خلاف ڪارروائي هلائي ويندي. 1990 ۾ ڪيل معاهدي تحت ورڪ چارج ملازمن کي مرحليوار مستقل ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ سينارٽي جي بنياد تي اڍائي سئو ملازمن کي فوري طور 1994 جي سال ۾ ئي مستقل پڪو ڪيو ويندو. ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو سلسلو هر سال جاري رکيو ويندو. (ان وقت پوري پاڪستان ۾ 14 سئو کان وڌيڪ ملازم ورڪ چارج طور ڪم ڪري رهيا هئا) برطرف ڪيل ساڍا 3 سئو ملازمن کي بحال ڪيو ويندو، جن جي ملازمت جو عرصو گهٽ کان گهٽ هڪ سال تائين رهيو آهي. مزدورن لا حيدرآباد ۾ ريسٽ هائوس قائم ڪيو ويندو. ٽنڊو عالم گئس فيلڊ ۾ ورڪرن کي ٽيليفون جي سهولت ڏني ويندي. فيلڊ ۾ پورهيتن جي ٻارن لا ها اسڪول کوليو ويندو. ساڳئي وقت ايم اين اي نويد قمر صحافين جي پڇيل سوال تي چيو ته او جي ڊي سي ايل انتظاميه ملازمن جي مطالبن تان ڦري وئي ته آئون ملازمن سان ئي گڏ بيهندس. آئون حڪومتي نمائندو نه پر مزدورن جو نمائندو ٿي بک هڙتال جي ڪيمپ تي آيو آهيان. ڪيمپ ختم ٿيڻ وقت ادا مجيري جي ساٿي ورڪرن اڳوڻي رينجل ڪوآرڊينٽر غلام رسول ميمڻ خلاف سخت نعريبازي به ڪئي هئي. جنهن جي دور ۾ ئي ملازمن کي رورٽ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ادا مجيري به شامل هو. هن جدوجهد جي بدولت حيدرآباد ۾ ساڍا 3 سئو ملازم بحال ٿيا، اڍائي سئو ورڪ چارج جا ملازم پڪا ٿيا. ادا مجيري کي 90 ۾ پڪي ملازمت مان ڪچي ملازمت ۾ تبديل ڪرڻ بعد کيس پڪو ڪيو ويو. ادا مجيري يونين جي اڳواڻ هجڻ دوران اڳوڻي آمر مشرف جي دور ۾ موڪل وٺي ساٿين سميت اسلام آباد پهتل هو ته ان وقت ايم ڊي او جي ڊي سي ايل جي لفٽ ۾ هن ايم ڊي کان پهرين مجيري لفٽ ۾ چڙهي پهتو هو، جنهن تي ايم ڊي ڪاوڙ ڪندي چيو ته هي ملازم مون کان اڳ ۾ هن لفٽ اندر ڪيئن چڙهيو، جنهن تي سيڪيورٽي وارن چيو ته اسان نه روڪي سگهياسين. جنهن تي جي ايم انڪوائري ويهاري مجيري کي شوڪاز نوٽيس به ڏنو هو.
مجيري جي وڇوڙي تي سندس دوستن جي اوطاقن تي به تڏا وڇائجي ويا هئا. مونکي قاسم آباد مان پهتل او جي ڊي سي ايل ملازم انور ميراڻي ٻڌايو ته منهنجي ڀا کي ڄامشورو پوليس صوڀوديرو مان گرفتار ڪري آئي، جنهن کي پوليس ڇڏڻ لا تيار نه هجي، پو مجيري پوليس کان ڀا ان ڪري ڇڏرايو هو جو هن آئل فيلڊ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن بعد پوليس سندس ڀا کي گهر تي ڇڏي وئي هئي. مجيري مڪمل طور پختو يونين ليڊر هو. مونکي مجيري جي دوست او جي ڊي سي ايل ملازم غلام حيدر لاشاري ٻڌايو ته مجيري کي ايڇ آر مان نوڪرين جا آرڊ مليا ته هن چيو ته پڪا آرڊر ڏنا وڃن. جيڪي ڪچي ملازمت جا آرڊر ڏسي اتي ئي آرڊرن کي ڦاڙي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته هو هر اداري ۾ مزدورن جي پڪي نوڪري ۽ ملازمت جو قائل هو. ٻيو ته هن پنهنجي زندگي کي سندس ورڪرن ۽ دوستن لا ئي وقف ڪري ڇڏيو هو. هن جو حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرز هاسٽل جي پٺيان ڊاڪٽرز ڪالوني ۾ 20 نمبر فليٽ ڪنهن کان وسرندو، جتي هن سان گڏ رهندڙ دوست هير آباد ۾ رهندڙ قربان لغاري، ڊاڪٽر پرشوتم، ڊاڪٽر جيوت، ممتاز کوسو ۽ ٻيا دوست ئي ڪو شاهڪار ناول ئي لکي سگهن ٿا. اهو هنن جي اوطاق نه پر هڪ سياسي ۽ مزدور يونين جو وڏو مورچو هو. هڪ ايم پي اي جو ڀا ان وقت ڊاڪٽرن جي يونين جو صدر هو، جنهن هيلا وس ڪيا پر مجيري ۽ سندس ساٿين کان اهو فليٽ خالي نه ڪرائي سگهيا هئا، پو رينجرز جي آپريشن کانپو اهو ٿاڪ بند ٿي ويو. پو هنن وري اوطاق قربان لغاري وٽ وسائي هئي. هن جي ٻئي اوطاق وري هالا ناڪو ته مرحوم انسپيڪٽر عثمان ميمڻ وٽ هئي، جنهن جي وڇوڙي کانپو ادا مجيري قاسم آباد حوالي ٿي ويو هو. جڏهن قاسم آباد ۾ هن کي مزو نه آيو ته وري هن بحريا ٽائون کي پنهنجو مسڪن ٺاهيو هو. هتي ڪينسر جي بيماري جو خوف ئي ماڻهو کي ماري ڇڏيندو آهي. مجيري ايترو بهادر ۽ دلير هو، جيڪو جسم ۾ 4 ڪينسر کڻي زنده دلي ۽ رنگيني سان پيو گهمندو هو. هو اڍائي مهينا اڳ ضيا الدين اسپتال ۾ هڪ ٽيسٽ ڪرائڻ لا ويل هو ته هن کي ڊاڪٽرن ڪينسر جي وڌي وڃڻ جي نشاندهي ڪري داخل ڪيو هو. جتي به هو وڌيڪ جيئڻ لا پراميد هو. جتي چوندو هو ته مونکي ڳوٺ وٺي هلو. آئون ٺيڪ ٿي ويندس. هن ڪينسر جي سور جي ڪڏهن به دانهن نه ڪئي هئي. هو هر وقت مسڪرائيندي ئي سڀني سان پيو ملندو هو. هو پنهنجي زندگي مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو هو. هن ۾ اسان ڊپ ۽ خوف جهڙي شئي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هن جي دوستن ۽ يارن جو حلقو پوري پاڪستان ۾ هو. او جي ڊي سي ايل ۾ ايف سي اهلڪار به هن جا گهاٽا يار هوندا هئا. هن تي ايوب لاشاري ۽ بادل به چاهين ته وڏو ڪتاب لکي سگهن ٿا. حسن بخش کوسو، غلام حيدر لاشاري به مجيري تي ڳالهائن ٿا ته رات ڏينهن کٽيو وڃي پر مجيري جا قصا نه ٿا کٽن. هن جو هڪ جملو “بابا” تڪيا ڪلام هوندو هو، جيڪو اڪثر اولاد، اسان ڀائرن، يونين جي ورڪرن توڙي دوستن کي بابا ڪري سڏيندو هو.
مجيري يونين ليڊر هجڻ دوران هڪ مضبوط اڳواڻ طور هو سڃاڻپ ٺاهي چڪو هو. هو سياسي طور ايترو ته پختو ۽ اڏول هو، جيڪو مونکي چوندو هو ته مزدور انقلاب اوهان نه آڻيندو. اهو به اسان کي آڻڻو پوندو. ان انقلاب جو خواب اڄ به پنهنجي منزل جي تلاش ۾ آهي. ان لا مجيري جهڙا ئي اڏول مزدور ليڊر موجود هجڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button