عمران خان جي حڪومت اچڻ کان پوءِ جهڙي ريت ملڪي معيشت ترو وڃي ورتو هو، اها اڃا تائين بحال ڪانه ٿي آهي. نتيجي ۾ عوام لاءِ مهانگائي وڌي، روزگار جا ذريعا ختم ٿيا ۽ ملڪ ۾ روپئي جو قدر گهٽجي ويو. ڪجهه ڏينهن کان روپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته گذريل ڪجهه وقت کان روپئي تي وڏو دٻاءُ نظر اچي رهيو آهي، نتيجي ۾ ڊالر جي ڊوڙ تيز ٿي وئي آهي. جيڪڏهن روپيو مستحڪم نٿو ٿئي ته ان سان اڃا به پريشر وڌندو رهندو ۽ ملڪ ۾مهانگائي به وڌندي رهندي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي آهي پر هن وقت تائين هاڻوڪي حڪومت به مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جاري ٿو رهي ته عوام جي حالت بنهه گهڻي خراب ٿي ويندي. ان حوالي سان خزاني واري وزير ڪي ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي اهم لڳن ٿيون.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صحافين سان ڳالهائيندي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن کي پاڪستان جي ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نه هوندي. هن وقت ملڪ کي وڏا ۽ مشڪل چئلينجز سامهون آهن. پوڻن چئن سالن جو گند 6 مهينن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي. معيشت جي بهتري لاءِ وقت ڏيو انشا الله اسان ان سان پوري طرح منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هي سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي ته ماضي ۾ اسان مارڪيٽ ۾ ڊالر اڇلائي رپئي جي قدر کي ڪنٽرول ڪيو، ڊالر هئا ڪٿي جو اسان ڦٽو ڪريون ها. جيڪڏهن ان ۾ حقيقت هجي ها ته گذريل حڪومت عوام کي سڀ ڪجهه بيان نه ڪري ها اصل ۾ اسان جي ڪامياب معاشي پاليسين جو نتيجو هو. هن چيو ته سڀني کي معلوم آهي ته مسلم ليگ (ن) جڏهن حڪومت ڇڏي ته هن ملڪ جي معيشت ڪٿي بيٺي هئي، ٽن ڌرڻن جي باوجود پاڪستاني معيشت مضبوط هئي. هن چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو گذريل سالن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو مان ان جي تفصيل ۾ نٿو وڃڻ چاهيان هر شئي کي کليو ڇڏيو ويو، رپئي جي تباهيءَ جي نتيجي ۾ مهانگائي ٿي ۽ وياج جي شرح 13 کان 14 سيڪڙو تائين ٿي وئي. هن چيو ته پوڻن چئن سالن جي هن تباهيءَ کي پي ڊي ايم حڪومت 5 مهينن ۾ ٺيڪ نٿي ڪري سگهي. بيشڪ اسان کي هن وقت کوڙ سارا چئلينجز سامهون آهن. اسان ماضي ۾ به وڏي ڪاميابيءَ سان ان کي منهن ڏنو. اسحاق ڊار چيو ته هنڊي وارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهن ڊالر هڪ رپيو وڌي ٿو ته پاڪستان تي 110 ارب رپيا قرض وڌي وڃي ٿو، انشا الله هر شئي کي سنڀالينداسين. جيئن ماضي ۾ ڪيو، هوڏانهن اسحاق ڊار احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت پيشيءَ بعد اسحاق ڊار کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته مان 2 ڏينهن اڳ پاڪستان واپس پهتس ۽ مان ڪوشش ڪئي ته صبح عدالت ۾ پيش ٿي وڃان، جڏهن ته جج صاحب موڪل تي هو. اڄ وري اسان پيش ٿيا آهيون ۽ پنهنجي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن چيو ته مان اوهان کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته 4 سال مون وٽ پاسپورٽ نه هو، عمران خان جي حڪومت آئي ته ان سڀ کان پهرين منهنجو پاسپورٽ رد ڪرايو، ان کان پوءِ مون کي پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو، سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۽ هاءِ ڪمشنرز کي اطلاع ڏنو ويو ته اسحاق ڊار جتي به پاسپورٽ لاءِ درخواست داخل ڪري ان کي منظور نه ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا هاڻوڪي حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت بهتر ڪرڻ آهي. جيڪڏهن حڪومت ان پاسي ڌيان نه ڏنو ته پوءِ عمران خان ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ڪوبه فرق نه هوندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته روپئي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ نئين سرمائيڪاري لاءِ ماحول جوڙيو وڃي ته جيئن عوام جي معاشي حالت به بهتر ٿي سگهي.