پاڪستان تازي ٻوڏ ۽ مينهن جي ڪري هڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. ڪجھه تجزيه نگار اهو خيال ڏيکاري رهيا آهن ته جيڪڏهين اهڙي هڪ ٻي ٻوڏ آئي ته پاڪستان جي تهذيب ختم ٿي ويندي. خاص طور سنڌ ۾ هن مون سون ۾ معمول کان گھڻا وڌيڪ مينهن پيا آهن. موسميات جا ماهر اهو خيال ڏيکارين ٿا ته هينئر موسم جو طريقه ڪار معمول کان هٽيل هو. سمنڊ جي چاڙهه ۽ گھڻي گرمي جي ڪري ڪڪرن جي سرگرمي وڌي ويئي هئي. اها ڳالهه به گردش ۾ هئي ته هٿرادو طريقي سان اهي مينهن وسايا ويا آهن پر ان خيال کي ڪا گھڻي پذيرائي حاصل نه ٿي سگھي آهي. عام خيال اهو ئي آهي ته ماحول ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي وڌڻ جي ڪري ڌرتي جو گرمي پد وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري موسم ۾ تبديلي آئي آهي ۽ ان جي ڪري اهو سڀڪجھه ٿيو آهي. اها ٻوڏ هن وقت اٽڪل هر سال جو معمول بڻجي ويئي آهي.
ان هاڃي ۾ ابتدائي اندازن موجب 1500 ماڻهو مري ويا آهن جڏهين ته اٽڪل ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو بي گھر ٿيا آهن.ِ جانورن، گھرن ۽ گاڏين کي جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جي ماليت اٽڪل ٽيهه ارب ڊالر آهي. ان ٻوڏ ۾ ملڪ جا ٽيويهه ضلعا گھڻو متاثر ٿيا آهن. گڏيل قومن پاران سيٽيلائيٽ ذريعي ورتل رپورٽ جي بنياد تي اهو چيو ويو آهي ته جيڪڏهين 8 کان 14 سيپٽمبر جي صورتحال کي 15 کان 21 سيپٽمبر جي صورتحال سان ڀيٽجي ته اها خبر پئي ٿي ته ملڪ جي ڪجھه شهرن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بجائي گھٽجڻ جي اڃا وڌي ويو آهي. انهن مان اٺ شهر سنڌ، ٻه بلوچستان ۽ هڪ پنجاب ۾ آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تازو پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو ورتو. هن جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ اهو چيو ته پاڪستان رڳو ٻوڏ ۾ نه پر قرض ۾ به ٻڏو پيو آهي. هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو موسمياتي تبديلين ۾ هڪ سيڪڙو کان به گھٽ حصو آهي ان کي دنيا ۾ ايندڙ تبديلين جي نتيجن کي ايڏي وڏي پئماني تي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن پاڪستان ۽ ٻين پوئتي پيل ملڪن لا Debt Climate Swap جو نظريو پيش ڪيو جنهن تحت انهن کي امداد ڏيڻ سان گڏ قرضن ۾ رعايت ۽ انهن کي معاف ڪرڻ لا چيو ويو آهي ته جيئن اهي ان صورتحال کي منهن ڏيئي سگھن. فنانشل ٽائمز جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي هڪ ميمورينڊم ڏنو ويندو جنهن ۾ مختلف ملڪن کي چيو ويو آهي ته اهي ٻوڏ جي ڪري قرضن جي ادائيگي ۾ رعايت متعلق سوچين. اهي ملڪ قرضن جي ادائيگي ۾ ان شرط سان رعايت ڏيندا ته پاڪستان اها رقم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ واري بنيادي ڍانچي جي تعمير تي خرچ ڪندو. پر ساڳي وقت ان ڳالهه جي باوجود ته ناڻي واري وزير چيو آهي ته پاڪستان پنهنجن قرضن جي ادائيگي ۾ ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ وقت تي ان جي ادائيگي ڪندو پاڪستان جي ڊيفالٽ جو خطرو به پيدا ٿي پيو آهي ۽ عالمي منڊي ۾ پاڪستان جي بانڊز جي قيمت اڌواڌ گھٽجي وئي آهي.
ان ٻوڏ ۾ 2010 واري ٻوڏ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. ان وقت نقصان جو اندازو ڏهه ارب ڊالر هو جڏهين ته هن وقت اهو ويهه ارب ڊالر ٻڌايو وڃي ٿو پر اهو ڪڏهين ٻارنهن ارب ڊالر، ڪڏهين ارڙنهن ارب ڊالر ۽ هاڻي چاليهه ارب ڊالر ٻڌايو وڃي ٿو.
هن وقت صورتحال 2010 جي ڀيٽ ۾ بدليل آهي. هن وقت جيڪي قرض ڏيندڙ ملڪ آهن انهن جي پهرين ترجيح يوڪرين آهي. ٻي ڳالهه ته عالمي برادري پاڪستان جي روز روز جي گھر گھر مان تنگ اچي ويئي آهي. ساڳي وقت گذريل تجربن جي روشني ۾ ان ۾ به شڪ ڪيو ٿو وڃي ته آيا امداد صحيح نموني استعمال ٿي سگھندي. ان ڪري ئي پاڪستان جي وزير اعظم پاران عالمي برادري کي اهو يقين ڏياريو پيو وڃي ته ان امداد جو ٽين ڌر پاران اڻ ڌريو آڊٽ ڪرايو ويندو.
2010 ۾ سٺ ملڪن پاڪستان کي امداد ڏني هئي جڏهين ته هن وقت تائين امداد ڏيندڙ ملڪن جو تعداد ٻارنهن کن آهي. پاڪستان جي دوست ملڪن پاران به ڪنهن خاص گرم جوشي جو اظهار نه ڪيو ويو آهي. ان وقت ڪل امداد جو ڇويهه سيڪڙو يا سٺ ڪروڙ ڊالر آمريڪا پاران ڏنا ويا هئا، يارنهن سيڪڙو امداد جاپان ڏني هئي ۽ 13.6 سيڪڙو ٻين فردن ۽ ادارن پاران ڏني ويئي هئي. جڏهين ته هن وقت آمريڪا پاران رڳو پنج ڪروڙ ڊالر جي امداد آهي. هن وقت تائين پاڪستان کي ڪوششن جي باوجود امداد جي سلسلي ۾ عالمي برادري کان جوڳي موٽ نه ملي سگھي آهي. گڏيل قومن، فرانس ۽ ٻين ملڪن ۽ ادارن پاران ڪنسورشيم ۽ ڪانفرنسن وغيره جو اهتمام ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ گھڻو وقت لڳندو.
ان ڳالهه تي ته گھڻي ڀاڱي اتفاق رائي آهي ته جيڪي ڪجھه ٿيو آهي ان ۾ موسمي تبديلين جو وڏو هٿ آهي پر ساڳي وقت اهو سوال پڻ پنهنجي جا تي موجود آهي ته حڪومت پاران انهن تبديلين جو ڪيترو ادراڪ ڪيو ويو ۽ ان کي پنهنجي رٿابندي ۾ شامل ڪري ان جي لا ڪهڙا قدم کنيا ويا. هڪ ماهر جو اهو چوڻ آهي ته ڪراچي کي جنهن مينهن هن وقت ٻوڙي ڇڏيو ۽ روڊ رستا پاڻي سان ڀرجي ويا اهو ڪنهن اهڙي شهر لا جتي بنيادي ڍانچو مضبوط هجي ته اتي اها هڪ معمول جي ڳالهه هجي ها.
ان صورتحال جو هڪ ڪارڻ ته بااثر ماڻهن پاران پاڻي جي وهڪرن ۽ ان جي نيڪال جي لنگھه تي قبضا آهن. ٻيو اهم ڪارڻ ماهر آبادي ۾ گھڻي واڌ ۽ غربت کي ڄاڻائين ٿا. گھٽ وسيلن جي ڪري گھڻا ماڻهو پنهنجا اجھا دريا، نالن ۽ نين جي ڪنارن تي ٺاهين ٿا جيڪي ٻوڏ جي ڪري گھڻو متاثر ٿين ٿا. ڪينيڊا ۾ جڏهين ٻوڏ آئي هئي ته حڪومت پاران متاثر ماڻهن کي جيڪا امداد ڏني ويئي هئي ان ۾ اهو شرط وڌو ويو هو ته اهي دريا جي ڪنارن کان پري پنهنجا گھر ٺاهيندا. سنڌ جي حوالي سان قيصر بنگالي جي هڪ رپورٽ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ هن سنڌ حڪومت کي اها تجويز ڏني هئي ته هتي گھڻي ڀاڱي پنجاهه پنجاهه گھرن تي ننڍا ڳوٺ آهن جنهن جي ڪري انهن کي بنيادي شهري سهولتن ڏيڻ ۾ به ڏکيائي ٿئي ٿي. هڪ ته انهن ڳوٺن کي گڏي ڪنهن اوچي جا تي ننڍا شهر تعمير ڪيا وڃن جتي ماڻهن کي تعليم، صحت وغيره ۽ ٻيون شهري سهولتن جي فراهمي به سولي هوندي ۽ ماڻهن جو ٻوڏ کان به بچا هوندو. هڪ لحاظ کان اهو سنڌ کي جديد دور ۾ وٺي وڃڻ لا به هڪ اهم قدم هجي ها. پر ائين نه ٿي سگھيو. ان جو هڪ ڪارڻ ته سنڌ جو سماجي ڍانچو ۽ ٻيو ڪارڻ حڪومت ۽ اسمبلين ۾ ويٺل ڀوتارن جو اهو خيال هو ته اهڙي ريت سندن اثر رسوخ گھٽجي ويندو.
هاڻي اهو امڪان آهي ته مينهن ۽ ٻوڏن جو اهو سلسلو هلندو ئي رهندو. ايستائين حڪومت پاران رڳو ماڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ وارن قدمن تي زور ڏنو ويو آهي. ان ڳالهه جو امڪان گھٽ آهي ته مستقبل ۾ به عالمي برادري پاران ايتري امداد ملي سگھي جنهن سان اهي ضرورتون پوريون ٿين. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪي ڊگھي مدي وارا اهڙا قدم کڻجن جن سان بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي اچي ۽ نقصان گھٽ ۾ گھٽ ٿئي.