ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊار ۽ ڊالر

Editorial-Article- Ajaz Mangi

اسحاق ڊار جي آمد تي سڀ کان اهم ۽ دلچسپ تبصرو اهو ئي آهي ته ”ڊار ڊالرن سبب آيو آهي“ جڏهن ته ان جو مطلب ڇا وٺجي؟ ڇا ڊار ان جي لاءِ آيو آهي ته ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستان جو روپيو سگهارو ڪري سگهجي يا ڊار جي آمد جو سبب ڊالرن جي آمد آهي؟
مٿين سوال جو جواب ڪو جيڪو به ڏئي پر اها حقيقت آهي ته ڊار ۽ ڊالر جو پاڻ ۾ تمام گهاٽو ۽ ويجهو لاڳاپو ضرور آهي. ان سلسلي ۾ صرف اسحاق ڊار جو نالو نه کڻڻ گهرجي. ڇو ته اسحاق ڊار ان طبقي جي علامت آهي، جنهن پاڪستان مان پنهنجا گهر ڀريا آهن. ڇا اها حقيقت ناهي ته جنهن وقت پاڪستان امير هو، ان مهل اسان جا اڳوڻا يا هاڻوڪا حڪمران غريب هئا پر هن وقت جڏهن اقتداري سياستدان امير ٿي ويا آهن، تڏهن هي ملڪ نه رڳو غريب پر مسڪين به بڻجي ويو آهي. هن ملڪ جي هٿ ۾ ڪيتري وقت کان وٺي ڪشڪول آهي ۽ هن ملڪ جي نالي ۾ جيڪو به پنيو وڃي ٿو، اهو هن ملڪ جي ڪرپٽ مافيا هٿان ڇنيو وڃي ٿو. اهو پن ۽ ڇن جو سلسلو تمام گهڻي وقت کان وٺي جاري آهي. هڪ دور اهڙو هوندو هو جو پاڪستان کي هن جي جاگرافيائي بيهڪ سبب تمام گهڻي امداد ملندي هئي ۽ هاڻي پاڪستان لاءِ قرض ملڻ به محال ٿي ويو آهي پر هن ڀيري جڏهن هن ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي مٿان برسات واري ٻوڏ جي آفت ڪڙڪي آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪجهه امداد ۽ ڪجهه آسان قرض جو رستو کليو آهي ۽ جيئن ئي پاڪستان ۾ امداد پهچڻ شروع ٿي وئي آهي، تيئن پراڻا پاپي پنهنجي ماڳ تي موٽي رهيا آهن. انهن ۾ هن مهل سڀ کان گهڻو ذڪر اسحاق ڊار جو ٿي رهيو آهي.
اسحاق ڊار جڏهن احتساب جي خوف سبب لنڊن هليو ويو هو، تڏهن هن جو گهر به نيلام ٿي رهيو هو ته هو واپس ورڻ جي لاءِ تيار نه ٿيو ۽ ان حد تائين جو هن لاءِ جهاز ۾ سفر ڪرڻ به ناممڪن هو ۽ هن وڊيو لنڪ تي اچي پنهنجي مٿان لڳل الزامن جي وضاحت ڪرڻ ضروري نه سمجهي پر جڏهن ڊالر اچڻ لڳا آهن، تڏهن اسحاق ڊار کي پکي جا پر لڳي ويا آهن ۽ هو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي تبصرن جي پرواهه ڪرڻ سوا پاڪستان پهچي ويو آهي ۽ هن اچڻ شرط اهو چيو آهي ته هو پاڪستان جي خدمت لاءِ حاضر ٿيو آهي. دراصل جڏهن به ڪو سياستدان ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو اعلان ڪندو آهي ته عوام ۾ هڪ خوف پيدا ٿي ويندو آهي. ڇو ته هن مهل تائين سياستدانن جيڪا عوام جي خدمت ڪئي آهي، ان جي عوام کي خبر آهي. عوام جي معلوم آهي ته خدمت جو مطلب ڇا ٿيندو آهي؟ سو اسحاق ڊار جيڪو ڪالهه تائين پاڪستان ۾ پير رکڻ جي لاءِ تيار نه هو، اهو اڄ صحت ۽ طاقت سان پاڪستان جي ”خدمت“ ڪرڻ لاءِ پهتل آهي. جڏهن ته اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اسحاق ڊار اصل ۾ ميان نواز شريف جو ماڻهو آهي. هن جي لاءِ شهباز شريف جي دل ۾ جيڪا پنهنجائپ رهي آهي، ان کان اسان سڀ واقف آهيون. پر هو ميان نواز شريف جو نه صرف مائٽ پر هن جو سياسي ساٿي رهيو آهي. ان حوالي سان اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اسحاق ڊار جو اچڻ ميان نواز شريف جي موٽ جي شروعات آهي.
ميان نواز شريف جي سلسلي ۾ هن حڪومت جي قيام کان پوءِ ٻه ڳالهيون منظرعام تي آيون هيون. هڪ اها ڳالهه ته ميان نواز شريف کي گهر ويٺي جيڪو نئون پاسپورٽ مليو آهي، ان جو مطلب ئي اهو آهي ته هو جلد وطن ورندو ۽ ٻي ڳالهه ته ميان نواز شريف شهباز شريف جي حڪومت ٺاهڻ واري عمل جو سخت مخالف هو. هن جو خيال هو ته زرداري پنهنجي مفاد جي ڪري مسلم ليگ ن کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيو آهي. خاص طور تي جڏهن ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن کي عمران خان جي هٿان وڏي شڪست ملي هئي ته ميان نواز شريف کي تمام گهڻو غصو اچي ويو هو ۽ ان ڪاوڙ جو اظهار هڪ ڀيرو نه پر مريم نواز ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪي آهي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن هو جڏهن ملڪ جا خزانا خالي هئا پر عوام جي مٿان ڪڙڪيل عذاب کان پوءِ هن مهل جڏهن عالمي برادري پاڪستان کي امداد ڏيڻ جي لاءِ راضي ٿي آهي، تڏهن مسلم ليگ جي قائد ۽ هن جي ٽيم جا تيور تبديل ٿي ويا آهن.
اردوءَ جو شعر آهي ته ”بدلي بدلي ميري سرڪار نظر آتي هين“ ساڳي طرح هن مهل نواز شريف هجي يا مريم نواز هجي يا وري اسحاق ڊار هجي، جنهن جنهن کي به شهباز شريف جو حڪومت ۾ اچڻ وارو عمل غلط محسوس ٿي رهيو هو، ڊالرن کي ڏسي انهن جو رويو ۽ انهن جي سوچ مڪمل طور تي تبديل ٿي وئي آهي.
پنجابيءَ جو هڪ جڳ مشهور گانو آهي ته ”مينون نوٽ وکا ميڏا موڊ بڻي“ هن مهل ميان نواز شريف ۽ هن جي ٽيم جو موڊ تبديل ٿيل آهي. ڇو ته امدادي ڊالر اچڻ جو رستو کلڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ مسلم ليگ جي حوالي سان ماحول تبديل ٿي ويو آهي. هن وقت ميان نواز شريف کي به پنهنجي ننڍي ڀاءَ تي پيار اچي رهيو آهي. ڇو ته هو سياسي طور تي سڀاڳو ثابت ٿي رهيو آهي. هن جي اچڻ سان عوام جي مٿان ايتري آفت آئي آهي جو هن مهل اهي ملڪ جيڪي پاڪستان جو نالو ٻڌڻ به گوارا نه ڪندا هئا، انهن جو اسان جي ملڪ طرف نرم رويو آهي ۽ انهن پاڪستان جي حڪمرانن جا پراڻا پاپ وساري انهن کي وري امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان مسلم ليگ ن جون ته ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ آهن. جنهن پارٽيءَ جي سربراهه ۽ هن جي ويجهي ٽيم کي محسوس ٿيندو هو ته انهن جي مٿان تمام گهڻو مشڪل وقت اچڻ وارو آهي، ان سربراهه ۽ هن جي ٽيم کي جڏهن ملين ڊالر ملڻ جو آسرو ٿيو آهي ته انهن جا ماضيءَ وارا موقف هڪ پل ۾ تبديل ٿي ويا آهن.
عمران خان جي ڪيفيت هن مهل ڪهڙي آهي؟ اها ڪاوڙ ۽ اهو غصو جنهن ۾ هو ڪڏهن هيءَ غلطي ڪري رهيو آهي ۽ ڪڏهن هوءَ غلطي ڪري رهيو آهي، انهن غلطين جو اصل سبب هن جو غصو آهي. هن کي تمام گهڻي خار آهي ته جن ڪردارن کي هن شڪست ڏئي سياسي سمنڊ جي تري ۾ پهچائڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي، اڄ اهي ڪردار وري اقتداري لهرن جي مٿان تري رهيا آهن ۽ انهن کي اهي پروٽوڪول حاصل آهن، جن جي حوالي سان عمران خان ته ڇا پر تحريڪ انصاف جا عام ڪارڪن به اهو سوچيندا هئا ته هاڻي هو ڪڏهن وچين ڌارا ۾ داخل ٿي نه سگهندا. پر اڄ انهن جي لئه ۽ انهن جي عياشي ڏسي عمران خان کي ڪاوڙ اچڻ به ته فطري عمل آهي. ان سلسلي ۾ اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته عمران خان کي غصي ۾ ڏسي مسلم ليگ ن جي قيادت جي دل ۾ جيڪا خوشي ۽ مسرت پيدا ٿئي ٿي، ان جو اندازو هن مهل ميڊيا ته ڇا پر عام ماڻهن کي به آهي. پر اسان کي پوءِ به اهو نه وسارڻ گهرجي ته هر شيءَ هوندي به جيڪا مشڪل تحريڪ انصاف وارا محسوس ڪري رهيا آهن، ان جي مسرت هن جا سياسي مخالف محسوس ڪري رهيا آهن.
پاڪستان جي سياست جو سڀ کان سخت ۽ انتهائي سفاڪ پهلو اهو آهي ته اسان وٽ سياست صرف سياستدانن جي ذات جي چوڌاري گردش ڪندي رهي ٿي. انهن کي اها پرواهه ناهي ته عام ماڻهو ۽ ملڪ جي حالت ڪهڙي آهي؟ هو جنهن اميريءَ ۾ رهن ٿا ۽ انهن کي جيڪا سهولت حاصل آهي، اها ته انهن کي پاڪستان کان ٻاهر به حاصل آهي. ان ڪري هو پنهنجي ذات جي باري ۾ سوچين ٿا ۽ ذات جي باري ۾ ڪوشش ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي ته هو امير کان امير ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ غريب کان غريب ٿي رهيو آهي. ڪوئي ته انهن کان معلوم ڪري ۽ انهن کان پڇا ڪري ته اها ڪهڙي سياست آهي، جنهن سبب ملڪ غريب ۽ اوهان امير ٿي ويا آهيو؟ انهن کان ڪو ته پڇاڻو ڪري؟ پر انهن کي معلوم آهي ته جڏهن هو اقتدار ۾ آهن، تڏهن ميڊيا جا واپاري به انهن سان ساڳي ٻولي نه ٿا ڳالهائين جيڪا حزب اختلاف وارن سان ڳالهائي ويندي آهي. هن ملڪ ۾ جيڪا موقعي پرستي آهي، ان تمام آسانيءَ سان راهه هموار ڪئي آهي ۽ ان راهه تي هلندي اسحاق ڊار ملڪ ۾ نه رڳو پهچي ويو آهي پر هو وزير جي حيثيت ۾ پهچي ويو آهي.
اسحاق ڊار جي آمد تي پيپلز پارٽيءَ جو ڪهڙو ردعمل آهي؟ اهو ردعمل به تمام جلدي ظاهر ٿي ويندو پر هن مهل اسحاق ڊار جو فوڪس ان تي نه هوندو ته ڪهڙي ريت پاڪستان جي معاشيات کي مضبوط بڻائي. هن وقت هن جي حوالي ٽي ڪم ٿيل آهن. هڪ ته هو اهڙيون معاشي پاليسيون جوڙي جن سان مسلم ليگ ن جي ڪريل ساک مٿي اٿي. ٻيو ته هو مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ پنهنجي مٿان داخل ڪيس ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ۽ حڪومت ۾ هوندي هڪ طرف ميان نواز شريف جي جند ڪيسن ۾ آجي ڪرائي ته جيئن هو واپس وري سگهي ۽ هن جي واپسيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ته ڇا پر ڪو به قانوني خطرو نه هجي. ان سلسلي ۾ اسحاق ڊار جي آمد کي گهڻن رخن سان ڏٺو پيو وڃي ۽ عمران خان هن جي متعلق تنقيد کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ عمران خان جي تنقيد جي انهن کي ڪا پرواهه ناهي. انهن کي جيڪڏهن فڪر آهي ته صرف ان مال جو جيڪو اوچتو اچڻ لڳو آهي ۽ اهو مال جيڪڏهن صاف ۽ شفاف طرح سان عوام تائين پهچائڻو هجي ها ته اسحاق ڊار ايتري محنت ۽ مشقت ڪري ملڪ ۾ واپس ئي ڇو وري ها؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button