سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي سبب متاثر ٿيل ڪروڙين ماڻهو هن وقت به پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن. اهي ڪئمپن ۾ ويٺل آهن، جتي اهي بيمار به آهن ته بکن ۾ پاهه به آهن. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ کان پوءِ گهران نڪري دربدر ٿيندڙ انهن ماڻهن لاءِ مسئلا جتان ڪٿان ڪر کڻي رهيا آهن. ڪٿي امدادي سامان پورو ڪونه پيو پهچي، ڪٿي دوائن جي کوٽ لڳي پئي آهي ته ڪٿي وري انهن کي اجهو ڪونه ملي رهيو آهي. گهڻي وقت تائين کليل آسمان هيٺ رهڻ انهن لاءِ وڏو مسئلو ٿيندو پيو وڃي. هڪڙا اهي متاثر آهن، جن جا گهر ڊهي ويا آهن، ٻيا اهي آهن، جن جا فصل لڙهي ويا آهن ۽ ٽيان اهي آهن، جن جو مال متاع ٻوڏ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري انهن ماڻهن کي هر قسم جي سهائتا جي ضرورت آهي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي ان وقت ئي بهتر نموني ٿي سگهي ٿي، جڏهن امداد ۽ متاثرن لاءِ ايندڙ وسيلن جي ورڇ منصفاڻي نموني ٿئي. جيڪڏهن اها ورچ منصفاڻي نموني ناهي ته پوءِ انهن لاءِ مسئلا ڪڏهن به کٽي نٿا سگهن پر انهن مسئلن جي نوعيت وڌيڪ سنگين ٿيندي ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ ٻوڏ متاثر هر حوالي سان تڪليفن ۾ گذاريندا رهندا آهن. ماضي ۾آيل ٻوڏن مان تجربو حاصل ڪري جيڪڏهن حڪومتي سطح تي ڪي بهتر اپاءَ ورتا وڃن ته ان سان به گهڻو ڪجهه ماڻي سگهجي ٿو. ماڻهن ۾ امدادي سامان منصفاڻي نموني ورهايو ناهي ويو، ان بابت اعتراض سامهون ايندا رهيا آهن ۽ ادارا به ڳڻتي جو اظهار ڪندا رهيا آهن. هاڻ حڪومت هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ حڪومت پاران وفاقي حڪومت جي سهڪار سان صوبي جي مختلف شهرن اندر تازو پيل برساتن کانپو پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال دوران فوت ۽ زخمي ٿيل ماڻهن ۽ فصلن سميت ٻي ملڪيت جي نقصان کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي سهڪار سان صوبي جي هر ضلعي اندر يوسي ليول تي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ڪاميٽي هڪ تپيدار، يوسي سيڪريٽري ۽ پاڪ آرمي جي هڪ جوان تي مشتمل هوندي، جيڪي هر يوسي ۾ وڃي متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي فصلن، جانور، باغن سميت گهرن توڙي فوتگين ۽ زخمين بابت سروي ڪري ان ڏينهن ئي فارم ڀري سنڌ حڪومت کي آن لائين ڪري ڇڏيندي ته جيئن جن متاثرن جا نقصان ٿيل آهن ته صوبائي توڙي وفاقي حڪومتون ان کي معاوضو ڏئي سگهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ان ڪميٽيءَ جي شفافيت ڪيتري هوندي ۽ ڪهڙي نموني حقيقي انگ اکر گڏ ڪري ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڇاڪاڻ ته ادارتي سطح تي انهن جي شفافيت چيلينج ٿيندي رهي آهي، اهڙي ريت اهو سلسلو آفتن ۾ به جاري رهندو آهي. پاڪستان کي عالمي ادارن مان به چڱي امداد ملي رهي آهي، پر ان امداد جو بهتر استعمال پاڪستان جي سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي. هاڻ جڏهن اهڙي ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا ٻوڏ متاثرن جي ٿيل نقصان جو پتو لڳائيندي ته ان حوالي سان ڪيترائي خدشا ظاهر ڪري سگهجن ٿا. هڪ ته ڪوبه ٻوڏ متاثر رهڻ نه گهرجي. ان کان سواءِ جيڪي حقيقي طور ٻوڏ متاثر آهن، انهن کي ان ڪميٽي وسيلي شامل ڪيو وڃي ته جيئن ان جي نقصان جو پورائو ٿي سگهي. تنهن کانسواءِ ان ڪم ۾ ڪابه دير نه ٿيڻ گهرجي. جيترو جلدي ٿي سگهي ڪم کي اڪلايو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن جو مال متاع جي مد ۾ نقصان ٿيو آهي ته ان کي ڍور وٺي ڏنا وڃن. جيڪڏهن ڪنهن جو گهر ڊٺل آهي ته ان کي گهر ٺهرائي ڏنو وڃي. اهڙي ريت مختلف مدن ۾ نقصان جو ازالو ڪري سگهجي ٿو.
اسين سمجهون ٿو حڪومت پاران هيءَ هڪ بهتر فيصلو آهي، جنهن وسيلي ٻوڏ متاثرن جي مدد ٿي سگهي ٿي، پر ان لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.