وارهه شهر جي متحرڪ ۽ کاهوڙي ڪردار، ڪامريڊ منان چانڊيي جي پيدائش 27 فيبروري 1960ع تي ڳوٺ ڳاڙهي جاگير تعلقه وارهه (تڏهوڪي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي قمبر شهدادڪوٽ) ۾ سعدالله خان چانڊيي جي گھر ۾ ٿي. 1970ع ۾ ڳوٺ جهان خان چانڊيو ۾ قائم لوڪل بورڊ جي اسڪول ۾ فقط پهريون درجو پڙهيو، ان کان وڌيڪ هو ڪا به تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. تعليم جاري نه رکڻ ڪري کيس پنهنجي والد سان گڏ زمين تي ڪم ڪرڻو پيو. پنهنجو مال، ٻڪريون ۽ مينهون چاريندي سندس ٻالڪپڻ گذريو. ڪامريڊ منان جنهن دورَ ۾ ۽ جنهن علائقي ۾ پيدا ٿيو، ان وقت جاگيرداري نظام اڄ کان وڌيڪ طاقتور هو. هُو هر آئي ڏينهن وڏيرن طرفان هارين تي ٿيندڙ ظلم ڏسندي وڏو ٿيو هو. هُن اهو به پئي ڏٺو ته ڳوٺ ۾ جنهن مهل ڪو وڏيرو، سردار، پير ۽ مير اچي پيو تنهن مهل ڳوٺاڻن جو کين نوڙي ملڻ ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهائڻ وارو غلاماڻو رويو بلڪل ڪونه وڻندو هو، تنهنڪري انهن ئي ڏينهن ۾ کيس جاگيرداري نظام کان نفرت ٿي وئي هُئي.
ڪامريڊ پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ سياست جي شروعات 1980ع ۾ ڪامريڊ الله رکيو چانڊيو (فدائي) معرفت سنڌ جي مشهور هاري اڳواڻ قاضي غفار سان ملاقات کان پوءِ ڪئي ۽ باقاعده عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ فڪر پليجو تحت جدوجهد ڪرڻ جو وچن ڪري ورتو. جيڪو هن ساهه جي آخري هڏڪي تائين پاڙيو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي دوران هاري تحريڪ (عوامي تحريڪ برادر محاذ تنظيم) جي پليٽ فارم تان پاڪستاني چوڪ لاڙڪاڻي ۾ پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪئي ۽ جيل ڀريو تحريڪ جي اسيرن منجهان هڪ بيباڪ اسير هجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ هڪ آمر خلاف هلايل تاريخي تحريڪ ۾ پنهنجو نالو لکرايو. سينٽرل جيل لاڙڪاڻي ۾ مهيني کانپوءِ کيس سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو، جتان هو 18 مئي 1984ع تي ساٿين سميت آزاد ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ عوامي تحريڪ جي برادر محاذ تنظيم هاري تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکي. ڀوتارڪي ۽ سرداري نظام خلاف هو ڪنهن ٽڪر وانگر بيهي رهندو هو ۽ انهيءَ جاءِ تان کيس آخر تائين ڪير لوڏي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪنهن ۾ جرئت هئي ته سندس آدرش، اصول ۽ سندس قلمُ خريد ڪري سگهي. هو آخر تائين غريبي واري زندگي گذاريندو رهيو پر خودداري واري زندگيءَ کان ڪڏهن به منهن ڪونه موڙيو. هڪ درجو پرائمري اسڪول پڙهيل ڪامريڊ منان تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهن کان وڌيڪ سٺا ۽ بهتر مضمون لکندڙ هو. اخبار ۾ ڏاڍ ۽ ظلم ڏسندي سندس روح تڙپي اٿندو هو ۽ پين پنو کڻي انهيءَ ظلم خلاف تنقيدي مضمون لکي اخبارن کي موڪلي ڏيندو هو.
ڪامريڊ منان اسان جو سياسي استاد، وڏو، محسن ۽ پيارو هو. مون کي ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿيندو آهي ته مون پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪامريڊ منان، ڪامريڊ سرتاج چانڊيي، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ (کاهوڙي) ساگر مشتاق ۽ عرفان منان جهڙن ساٿين کان سکندي ڪئي. هڪ عام ماڻهو ۽ انقلابي سياسي ڪارڪن وچ ۾ جيڪي بنيادي فرق ٿين ٿا. هڪ عام ماڻهو ڇُڙواڳي واري رويي تحت پيو هلندو، سندس زندگيءَ ۾ نه نظم ضبط هوندو ۽ نه ئي ڪي آدرشَ ۽ اصول. ان جي ابتڙ هڪ سياسي ڪارڪن سڀ کان پهرين پنهنجن آدرشي اصولن کي طئه ڪري ٿو ۽ انهن اصولن تحت پاڻ مٿان لاڳو ٿيندڙ سڀني ضابطن کي دل سان قبولي ٿو. ڪامريڊ منان تنظيمي ضابطن کان ويندي فڪر پليجو جي واٽ جا سمورا ضابطا ۽ نظرياتي اصول پوري دل ۽ جان سان قبوليا ۽ اسان کي به انهن جي پيروي ڪرڻ جي سدائين تلقين ڪئي. ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ پنهنجي وجود ۾ سراپا انقلابي ڪارڪن هُو، سماج ۾ کيس پنهنجي جدوجهد واري ڪردار جو تمام گهڻو اونو هوندو هو. هو نوجوان نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندي ڏسڻ چاهيندو هو. فڪر رسول بخش پليجو جو هيءَ سچو سپاهي نه ڪڏهن جهڪيو ۽ نه ڪڏهن وڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ سان گڏ سياسي سفر جي شروعات ڪندڙ لکن ڪروڙن جي گاڏين ۽ محلن ۾ رهن پيا پر ڪامريڊ پنهنجن آدرشن ۽ اصولن تي زندگي گذاريندي ساڳي ئي جهوپڙي نما گهر ۾ رهيو ۽ جيڪو به هن سانوڻي جي برساتن اندر ڊهي پٽ پئجي ويو.
رسول بخش پليجي صاحب موجب هڪ نظرياتي ۽ سياسي ڪارڪن ۾ هي چار خوبيون هُئڻ ضروري آهن. اهو فقير هُجي، عالم هُجي، سپاهي هُجي ۽ عاشق هُجي. فقير هُئڻ جو مطلب ته وٽس وڏائي ۽ انا بلڪل به نه هُجيس. ٻين کان پاڻ کي سٺو ۽ بهتر نه سمجهي ۽ سڀني سان برابريءَ وارو ورتاءُ ڪري. عالم هُئڻ مان مراد ته پنهنجي فڪري پهلوئن کان واقف هُئڻ ۽ انهن فڪري پهلوئن موجب زندگي گذارڻ کان ويندي پنهنجي سياسي واٽ ۽ فڪري پهلوئن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ به ڪندو رهڻ وارو ئي عالم آهي. عاشق هُجي مان مراد آهي ته هڪ عاشق پنهنجي محبوب جي هر هڪ ڳالهه کي اکين تي رکندو آهي. ان جي سڀني فيصلن کي دل سان قبول ڪندو آهي پر پليجي صاحب وٽ عاشق جو تصور روايتي ڪونهي. پليجي صاحب وٽ عاشق جو تصور تمام گهڻو وسيع آهي، تڏهن ته هُن جيڪي گُڻ هڪ ڪارڪن اندر ضروري سمجها آهن، اهي سڀئي گُڻ هڪ ٻئي تي لازم ملزوم آهن، تنهنڪري پليجي صاحب موجب عاشق ته هُجي پر عالم به هُجي ۽ سچو پچو عالم ڪڏهن به دقيانوسي خيالن کي اکين تي ڪونه رکندو پر انهن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ئي ڪو فيصلو ڪندو. اهي ٽيئي گُڻ هڪ انقلابي ڪارڪن ۾ ضروري آهن ئي پر چوٿين ۽ آخري خوبي آهي سندس سپاهي هُئڻ. هڪ انقلابي تنظيم ۾ ظاهر آهي وڏا پڙهيا لکيا ڪارڪن به هوندا، نظرياتي لائينون ٺاهيندڙ فڪري استاد به هوندا. پنهنجي نظريي جو تنقيدي جائزو وٺندڙ عالم به هوندا پر انقلابي تنظيم لاءِ جيڪو سڀني کان وڌيڪ اهم پهلو هوندو آهي، اهو آهي سپاهي هُئڻ. انقلاب اچڻ وقت سڀَ کان وڌيڪ طاقتور طبقو اهو ئي هوندو آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ڇا واقعي اهي خوبيون ڪامريڊ منان ۾ هُيون يا ڪونه هيون.
-1فقير: ڪامريڊ منان جي صحبت ۽ دوستيءَ ۾ جيڪي به رهيا آهن، انهن کي چڱي نموني ڄاڻ هوندي ته ڪامريڊ منان پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ فقير منش ماڻهو رهيو آهي. هُن سان جيڪو به اچي مليو سندس ديوانو ٿي واپس ويو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري ڪامريڊ مون کي گهٽيءَ ۾ ڏسندي ئي پاڻ ڏانهن اچڻ لاءِ سڏ ڪيو. مان ويس ۽ ملڻ سان ئي مون کي چيائين ته هل لائبريري هلون. لائبريري تائين تقريبن ڏهن منٽن جو پنڌ آهي پر هن همراهه سان هلندي پهچڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ سان واٽ تي ملندڙ ماڻهو رڳي پنهنجن دردن جو داستان کولي ويهي رهندا هئا ۽ هي شخص بيهي ٻڌندو رهندو هو. پر انهن سان پنهنجن پيڙائن ۽ تڪليفن جو ذڪر ڪڏهن نه ڪيائين. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس دل عوام سان جُڙيل هئي. ڪڏهن به پنهنجي پُٽ عرفان ۽ فڪري ساٿين وچ ۾ فرق نه ڪيائين. سدائين ساڳيو پيار محبت ڏنائين ۽ ساڳيا دڙڪا به ڏنائين.
-2عالم: ماڻهو شعور نصابي ڪتابن ذريعي ڪونه ٿو ماڻي. نصابي ڪتاب انسان کي عالم ڪونه ٿا بڻائين. اهو ڪامريڊ منان ثابت ڪري ڏيکاريو. هڪ درجو به پورو نه پڙهندڙ ڪامريڊ منان چانڊيو جڏهن اخبار ۾ ڪالم لکندو هو ته سنڌ جي گهڻن اديبن ۽ پڙهيل لکيل ڪالم نويسن کان وڌيڪ بهتر ۽ سٺو لکندو هو. پنهنجي فڪري واٽ کان نه فقط واقف هو پر اسان جي فڪري تربيت پڻ ڪئي.
-3عاشق: ڪامريڊ منان کي پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ماڻهن سان پيار عاشقي واري سطح کان به وڌيڪ هو. هُن کان ظلم برداشت ئي ڪونه ٿيندو هو. اهو سندس مضمونن ۾ پرکي سگهجي ٿو. هِن جو وس پُڄي ها ته سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ظلم تي الڳ الڳ لکي ها پر هُن مجموعي طور پنهنجي زندگي ۾ مضمونن جي حد تائين شاندار لکيو.
-4سپاهي: ڪامريڊ منان کي جڏهن ۽ جتي به پنهنجي تنظيم جو سڏ ٿيو هِن لبيڪ چيو، هِن کي پارٽي طرفان حڪم ٿيو هن ايم آر ڊي ۾ پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي. وارهه ۾ غريب مسڪينن سان پيش ايندڙ اڻوڻندڙ واقعن ۽ ظلمن خلاف هن اڪيلي سِر احتجاج ڪيا. هِن اڪيلي سر بک هڙتالون ڪيون ۽ ان عمل سان ڪيترن کي اهو سبق ڏنو ته جدوجهد لکن ڪروڙن سان شروع ناهي ٿيندي، سڀ کان پهرين ڪنهن هڪ کي ميدان ۾ اچڻو پوندو آهي. فڪر رسول بخش پليجي جي هن عظيم انسان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي املهه زندگيءَ جا پساهه پورا ڪيا. هو سنڌ ۽ اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو. اسان کيس پهرين ورسيءَ تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ۽ ساڻس وچن ڪريون ٿا ته سندس تربيت کي ڪڏهن به نه لڄائبو.