جيئن چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان بدترين ڪم تي به سندرو ٻڌي ورتو آهي ته ان لاءِ بهترين جواز ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي. ڀلي اهو ڪم ڪنهن خاص طبقي کي ان جي عقيدي، علائقي، رنگ نسل ۽ سوچ جي سبب سڃاڻپ کان محروم ڪرڻ، ان جو گهيرو ڪرڻ يا ڌرتيءَ تان مٽائڻ جهڙو ئي ڇو نه هجي. ڪجهه اهڙوُ ئي معاملو گذريل ساڍن ست ڏهاڪن کان فلسطينن ۽ گذريل ستن سالن کان ڀارتي مسلمانن کي درپيش آهي. پر پهرين فلسطين.
جيئن ته اسرائيلي آئين موجب ملڪ جا اصل واسي اهل يهود آهن. اسرائيل جي درسي ڪتابن موجب فلسطين واسي خبر ناهي ڪٿان کان اچي آباد ٿي ويا. پر هاڻي اسرائيل ايترو به ظالم ڪونهي جو ان بار کي ائين هلڪو ڪري جيئن هٽلر گيس چيمبر ذريعي ڪيو هو. هيءَ جديد دور آهي ۽ هاڻ ڪنهن به قوم يا فرد جي عزت نفس کي لاڳيتو چيڀاٽي ان کي اڌ انسان جي درجي تائين پهچائڻ جو اثرائتا طريقا موجود آهن. ڄڻ ڪم به ٿي وڃي ۽ الزام به نه لڳي.
پر فلسطيني به بلا جا نسلا آهن. انهن کي توهين جيئن به رکو رٻڙ جي گولين سان ماريو يا اصلي گولي سيني ۾لاهي ڇڏيو. انهن جي پنجن سالن جي ٻار جو ميڄالو اڏائي رکو يا بمباري ڪري پينگهي سوڌو نئين ڄاول نسل کي ڀسم ڪري ڇڏيو. انهن کي اباڻن گهرن کان ڪڍي ڪنهن الزام ۾ عدالت جو فلمي سيٽ لڳائي جيتري مدي لاءِ چاهيو اندر ڪري ڇڏيو، انهن جي عمارتن تي بلڊوزر هلائي ڇڏيو. زيتون جي باغن کي اجاڙي ڇڏيو ۽ انهن جي زمين يا قبرستان جي چوڌاري ڪنڊي دار تار لڳائي يا دروازي تي هٿياربند سنتري بيهاري جڏهن چاهيو داخلا بند ڪري ڇڏيو.
انهن جي کيتن کي قومي سلامتيءَ جي نالي ۾ ڦري رات پيٽ ۾ فلسطين کان ٻاهر يهودي آبادڪارن کي وٺي آباد ڪري، سئو سئو گز جي فاصلي تي فوجي چوڪيون قائم ڪري عورتن، ٻارن، پوڙهن ۽ جوانن کي هڪ ئي قطار ۾ تپندڙ سج هيٺ ڪئين ڪلاڪ بيهاري ڇڏيو. نه انهن کي جهڙتيءَ جي چوڪيءَ تي پيئڻ جو پاڻي ڏيو، نه واش روم واري جڳهه ۽ نه ئي ويهڻ لاءِ ڪا ڇانو واري بينچ. وڻي ته انهن جو سڃاڻپ ڪارڊ ضبط ڪري رد ڪريو يا بحال ڪريو ۽ سبب ٻڌائڻ به ضروري نه سمجهو. انهن سڀني معاملن باوجود فلسطيني ڪنهن به ريت قابو ۾ نه پيا اچن.
جيئن چوندا آهن ته ڪجهه ڪارائتو سکڻ جي سڀ کان سٺي درس گاهه جاني دشمن هوندو آهي. ان اصول آهر اسرائيل نازين کان سکيو ۽ فلسطيني اسرائيل کان سکي رهيا آهن. ٻئي هڪٻئي جي ڪمزورين ۽ طاقت کان چڱي ريت واقف آهن. تڏهن ته هڪ صديءَ کان موت ۽ زندگيءَ جو ميچ جاري آهي. تماشائين ۽ رانديگرن جو نئين نسل پراڻي جي جاءِ ورتي آهي پر ميچ جاري آهي ۽ خبر ناهي ڪيستائين جاري رهي.
خدا جو قسم جيڪڏهن بني اسرائيل پاڻ کي خدا جي لاڏلي قوم سمجهن ٿا ته فلسطيني کي به خدا ٺاهيو آهي، سڀني کان هٺيلو ۽ ضدي گروهه آهي ۽ خدا به لاڳيتو ڏسي رهيو آهي ته ڏسو ڪهڙُو گروهه ٻئي جي چيلهه ڪيستائين زمين سان لڳائي ٿو. ٻڌو آهي پهرين خدا ڪنهن هڪ گروهه جي حق ۾ سڌي ريت عذاب يا مدد ذريعي مداخلت به ڪندو هو. جڏهن کان انسان پاڻ کي خدا سمجهڻ شروع ڪيو آهي. اصلي خدا به هاڻي فقط انهن ڊينڊڙن خدائن کي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو آهي.
ان راند ۾ تازو داءُ اردن ۾ کيڏيو ويو آهي جو چار سيپٽمبر تي اسرائيلي حڪومت والاريل اردن ۾ پرڏيهين جي داخلا بابت قاعدن ۾ ڪجهه نيون ترميمون ڪيون آهن. پرڏيهين کي اردن جي داخل ٿيڻ لاءِ اسرائيل جي دفاع واري وزارت کان راهداري اجازنامو وٺڻو پوندو هو. هاڻ اسرائيلي اهلڪارن کي اهو ڪل اختيار به ڏنو ويو آهي ته اهي ڪنهن به پرڏيهي کي اجاز نامي ڏيڻ جو ويهه هزار ڊالر ضمانت عيوض جاري ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا.
پرڏيهين کي دفاع واري وزارت جي فارم ۾ اهو به لکڻو پوندو ته جوڊيا سماريا، (غرب اردن) ڇو وڃڻ چاهي رهيو آهي. ڪم، ملاقات يا ڪنهن فلسطيني سان محبت يا جذباتي لاڳاپو، جيڪڏهن هو ڪنهن فلسطيني شهريءَ سان شادي ڪري گڏ رهڻ چاهي ته ان لاءِ الڳ سان رهائشي پرمٽ جي درخواست ڏڻي پوندي. اها پرمٽ سال ۾ هڪ ڀيرو گڏ جاري ٿيندي آهي.
ان بابت درخواست فلسطيني اٿارتي ذريعي اسرائيلي دفاع واري وزير کي موڪلي ويندي آهي. دفاع واري وزارت درخواست ڏيڻ واري جي ڊيٽا جي هر هڪ فرد جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ فيصلو ڏيندي آهي ته اهو رهاشي پرمٽ جي اهل آهي يا نه. دفاع واري وزارت درخواست سبب ٻڌائڻ بنا رد به ڪري سگهي ٿي يا وڌيڪ تفصيل سان جاچ لاءِ واپس فلسطيني اٿارٽيءَ کي به موڪلي سگهي ٿي. درخواست رد ٿيڻ جي صورت ۾ نئين درخواست پنجن سالن کان پوءِ به داخل ڪرائي سگهجي ٿي.
پرمٽ ٻن سالن لاءِ جاري ٿيندي آهي. اسرائيلي اختياريون سمجهن ٿيون ته پرمٽ سان ڪاغذي شرط پوري ريت عمل نه ٿي رهيو آهي ته ان کي ڪنهن به وقت رد ڪري سگهجي ٿو. شرطن تي عمل درآمد کي يقيني بنائڻ لا اسرائيلي اختيارين کي اختيار حاصل آهي ته اهي ٻڌايل رهائشي جي پتي تي اوچتو ڪنهن به وقت ڇاپو هڻي تسلي ڪري سگهن ٿيون ته قانون ته ڪونه پيو ٽوڙيو وڃي.
انهن ترميمن کان اڳ ۾ اسرائيلي شهريت جي قانون ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن ته والاريل علائقن ۾ رهندڙن کي ڪوبه مرد يا عورت اسرائيل جي ڪنهن عرب يا يهودي شهريءَ سان شادي ڪرڻ جي باوجود اسرائيلي شهريت کان محروم رهندو. البت ان شرط سان والاريل اولهندي ڪناري تي آباد يهودي آبادڪارن کي ڇوٽ مليل آهي. انهن کي اسرائيل پنهنجي عالمي حدن کان ٻاهر آباد ڪرڻ باوجود مڪمل شهري مڃي ٿو.
انهن متڀيد وارن قانونن جو مقصد فلسطينين کي ايترو تنگ ڪرڻ آهي جو اهي نيٺ ٻاهرين ملڪ هليا وڃن. اهڙن فلسطيني جوڙن مان شايد ئي ڪو اردن يا اسرائيل ۾ باقي گذارڻ چاهيندو هجي. گهڻا جوڙا پنهنجي سرزمين ڇڏي ويندا آهن ته پوءِ اسرائيلي قانونن تحت پرڏيهي قرار پائيندا آهن. گيا نه جاني رفتن نه پائي ماندن، اسرائيل لاءِ سڀ کان سنگين بقا جو مسئلو اهو آهي ته فلسطين جي وڌندڙ آباديءَ کي ڪهڙي ريت محدود ڪيو وڃي.
(آئون شروع ۾ ذڪر ڪري چڪو هئس ته جيڪي نسلي ۽ سماجي سياسي متڀيد اسرائيل هٿان فلسطين کي درپيش آهن، لڳ ڀڳ انهن مسئلن کي مودي حڪومت هٿان ڀارتي مسلمان منهن ڏين پيا. هن وقت اسرائيل ۽ ڀارت ۾ متڀيد وارين پاليسين جي ڪري هم جنس ۽ باهم جنس پرواز آهن. ايندڙ مضمون ۾ ان حوالي سان ڳالهه ٿيندي.)