ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام کي رليف ڏيڻ جو وقت

Editorial

حڪمرانن جي کڄندڙ معاشي قدمن مان اهو ئي ظاهر ٿي رهيو آهي ته ويجهڙ ۾ عوام جي زندگي ۾ ڪا به خوشحالي ناهي اچڻي، ان جو واضح اظهار وڌندڙ مهانگائي آهي. تازو ئي ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 95 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي گڏيل شرح 30 ڏهائي 62 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ موجب هفتي دوران ويهه شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، بصر جي في ڪلو اگهه ۾ چاليهه رُپيا 13 پئسا اضافو ٿيو. کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ٽماٽي جي في ڪلو قميت 41 رُپيا 11 پئسا وڌي، 190 گرام چانهه جي اگهه ۾ اٺ رُپيا پنجٽيهه پئسا اضافو ٿيو. چڻن جي دال جي في ڪلو قيمت ۾ 81 پئسا واڌ ٿي، جڏهن ته مڱن جي دال هڪ رُپيو واڌ ٿي، جيئري ڪڪڙ هڪ رُپيو 85 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. ان کانسواءِ صابڻ، کير، ڌونئرو، ٻاڪرو گوشت، آنا ۽ چانور پڻ مهانگا ٿيا.
هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهنگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت ۾ به مات ڏئي رهيا آهن. ان مان او ئي ثابت ٿئي ٿو ته عوام حڪمرانن جي ايجندا جو حصو ناهي. هنن وٽ حل صرف هڪڙو آهي، اهو آهي آ ايم ايف. اهو ئي سبب آهي جو آ ايم کان قرض ملڻ کي به حڪمران وڏو اعزاز سمجهن ٿا.
حڪمرانن وٽ بس رڳو هڪ معاشي پاليسي آهي جيڪا عوام جو وڌ ۾ وڌ رت ست ڪڍڻ واري ئي پاليسي آهي. اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال ڪنهن به ريت عوام جي حق ۾ نٿي چئي سگهجي. باربار اهو به چيو ويو ته مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا. هاڻي هر دور ۾ مشڪل فيصلن جي قيمت ڀلا عوام ادا ڪري ڇا؟ انهن مشڪل فيصلن جو حڪمرانن جي زندگي تي ته ڪو اثر نٿو ٿئي پر عام ماڻهو جي زندگي اذيتن ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. حڪمران چون ٿا ته اڳوڻي سرڪار جي ڪري هي مهانگائي ٿي رهي آهي. ان ۾ نئين ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اڳوڻي سرڪار جڏهن حڪومت ۾ آئي هئي ته ان به اهو چوڻ شروع ڪيو هو ته ان اڳ واري سرڪار جي پاليسين جي ڪري مهانگائي ٿي رهي آهي. پو هن حڪومت ۽ اڳوڻي حڪومت ۾ ڀلا فرق ڪهڙو ٿيو؟ هو حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجا عوام دشمن ڪرتوت لڪائيندي هئي، هي حڪومت به اڳوڻي سرڪار تي الزام هڻي پنهنجين عوام دشمن پاليسين جو بار پاڻ تان هلڪو ڪري رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي هاڻي اهڙي روش ختم ڪرڻ گهرجي. هاڻي سڀ اختيار حڪمرانن وٽ آهن، هو جيڪڏهن چاهين ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. آخر ڪيستائين پنهنجين ڪوتاهين جو بار اڳوڻين حڪومتن جي ڪلهي تي وجهي پاڻ کي آجو ڪرڻ جو سلسلو هلندو؟ هي وقت عوام کي رليف ڏيڻ جو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪي تاريخ ۾ جيڪي اڳوڻن حڪمرانن جا ٽي چار سال گذريا آهن، اهي عوام لا ڪنهن وڏي مصيبت کان گهٽ نه هئا، اڳوڻي حڪومت واقعي هڪ سونامي بڻجي آئي ۽ عوام جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري هلي وئي، پر هاڻي جيڪڏهن نوان حڪمران آيا آهن ته انهن کي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي. پر حڪمران جيڪي معاشي پاليسيون اختيار ڪر ويٺا ان مان اهو ئي لڳي ٿو ته عوام کي رليف ڏيڻ جو سندن ڪو ارادو نه آهي. جيڪڏهن سندن رليف ڏيڻ ارادو هجي ها ته اهو سندن اقتدار جي هڪ ٻن مهينن ۾ نظر اچي وڃي ها. بهرحال، هاڻي عوام کي رليف ڏيڻ جو وقت آهي، نڪي ان جو رت ست ڪڍيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button