
آصف محمود
مون کي جان جي امان ملي ته پڇان سِر کان پيرن تائين احتساب ڪندڙ نيب اڄ تائين پاڪستان کي ڇا ڏنو آهي؟ عام ماڻهو جي دامن سان چهٽل سوالن کي ڇڏي ڏيو، گهٽ ۾ گهٽ انهن سوالن جا جواب ته ڏيو جيڪي سپريم ڪورٽ طرفان نيب جي ڪارڪردگي، ايمانداري، شفافيت ۽ اهليت بابت مختلف وقتن تي اٿاريا ويا آهن.
پهريون سوال اهو آهي ته نيب ايتري ڳري رقم قومي خزاني مان خرچ ڪري ٿو پر ان جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي؟ ان جي اڄ تائين ڪيتري اوڳاڙي ٿي آهي؟
پيلي بارگين کان سواءِ ان ڪجهه ڪيو هجي ته ٻڌايو؟ ڪو هڪ ڪيس ٻڌايو جنهن ۾ ان اوڳاڙي ڪئي هجي. ياد رهي ته اهي سوال منهنجا نه پر سپريم ڪورٽ سان لاڳاپيل آهن ۽ ٻڌڻي دوران اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد خان شنواني دوران اٿاريا هئا.
جڏهن ته لاڳاپيل ضمني سوال اهي ٿي سگهن ٿا ته اڄ تائين نيب تي قومي خزاني مان ڪيترو خرچ ڪيو ويو آهي. انهن آفيسرن جون پگهارون ۽ مراعتون قوم کي ڪيتري ۾ پون ٿيون ۽ ان ڪيتري لٽيل رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي؟ ڇا ان جي اوڳاڙي ان جي معاوضي ۽ مراعتن کان وڌيڪ يا گهٽ آهي؟
ٻيو سوال اهو آهي ته نيب جي قائم ڪيل ڪيسن ۾ اڄ تائين ڪيترن طاقتور ماڻهن کي سزا ملي آهي؟ آخر ڪهڙو سبب آهي جو شهرت به نيب ڪيسن مان ملي ٿي. ميڊيا تي گهڻو گوڙ انهن ڪيسن جو ٿئي ٿو، قومي سياسي بيانيو انهن ڪيسن جي چوڌاري گهمي ٿو، پر سزا ڪا نه ٿي ملي؟
نيت يا اهليت جو معاملو؟ ياد رهي ته نيت، قابليت ۽ خلوص جو سوال آئون ڪونه پيو اٿاريان پر سپريم ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر اٿاريو هو.
ٽيون سوال اهو آهي ته نيب جو قانون، جنهن تحت هي ادارو قائم ڪيو ويو، ڪيتري حد تائين اسان جي آئين سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ ڪيتري حد تائين ٽڪراءُ؟
الزام جي بنياد تي هڪ ماڻهوءَ کي کڻڻ ۽ کيس ضمانت جو حق به نه ڏيڻ، ڇا آئين جي نظر ۾ صحيح قانون سازي آهي؟ ياد رهي ته اهو سوال به منهنجو ناهي. اهو سوال اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جو آهي ۽ سپريم ڪورٽ به ان جو جواب اسفند يار ولي ڪيس ۾ ڏئي چڪي آهي.
چوٿون سوال نيب جي قانون ۽ ان جي طريقيڪار تي عملدرآمد بابت آهي ته ان سڄي مشق جو مقصد ڇا آهي ۽ نيب جو اصل ڪم ڇا آهي؟
ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ يا سياسي انجنيئرنگ ڪرڻ، سياسي مخالفن جا هٿ مروڙي، سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ ۽ ڊينڊڙن کي چوندي چونڊي گڏ ڪرڻ، انهن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ اقتدار ۾ آڻڻ؟
ان سان گڏوگڏ انهن قانونن ۽ انهن جي لاڳو ٿيڻ سان نيب قانون جي حڪمرانيءَ کي مستحڪم ڪيو يا سماج ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪيو آهي؟ هيءَ سوال به منهنجو ناهي، سپريم ڪورٽ جو آهي پر سوال کي شڪل مون ڏني آهي. سپريم ڪورٽ ته سعد رفيق ڪيس ۾ ان ڳالهه کي واقعي طور بيان ڪيو آهي ۽ ان جي بنياد تي سوال اٿاريو.
ظلم رهي اور امن ڀي
ڪيا ممڪن هي تم هي ڪهو
پنجون سوال اهو آهي ته نيب ڪرپشن جي هر جوابدار تي گرفت رکي ٿي يا ان وٽ ڪو اهڙو بندوبست آهي جو سياسي ورڇ لاءِ ڇڪيل ليڪ جي هڪ پاسي بيٺل ماڻهن کي ڪرپشن جي وڏن وڏن معاملن کان نه فقط نظر انداز ڪيو وڃي ٿو پر ليڪ جي ٻئي پاسي جيڪي ماڻهو بيٺا آهن، انهن کي به گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ ڊگهي عرصي تائين انهن کي جيل ۾ واڙيو وڃي ٿو؟ اهو سوال منهنجو نه پر سپريم ڪورٽ جو آهي.
ڇهون سوال نيب جي قيدين جي حالت بابت آهي. برطانوي بيٺڪي دور ۾ قانون ٺاهيا ويا ته گرفتار ٿيل ماڻهو جي جسماني رمانڊ جو ڪل مدو 15 ڏينهن هو، پر نيب ايڪٽ ۾ اهو عرصو 90 ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو. (هيءَ تازي ترميم کان اڳ ڳالهه آهي).
يعني نيب ڪنهن کي به گرفتار ڪري ٿو ۽ اهو ماڻهو رڳو الزامن ۾ 90 ڏينهن لاءِ آزادي وڃائي ٿو. ضمانت جو حق موجود ناهي.
اهو حق به اعليٰ عدالتن پاران آئيني درخواست جي متبادل طور ڏنو ويو. نيب پهرين گرفتار ڪري ٿي، ريفرنس جو عمل پوءِ شروع ٿيندو آهي.
ائين به ٿيندو آهي ته نيب ماڻهن کي گرفتار ڪري وساري ڇڏيندي آهي. جيئن صديق الفاروق ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر جنرل فاروق آدم عدالت کي ٻڌايو ته اسان صديق الفاروق کي ڊمپ ڪيو ۽ اسان کيس وساري ڇڏيو.
هاڻي سوال اهو آهي ته ريفرنس کان اڳ گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي تڪڙ آهي ۽ ماڻهن کي ريفرنس کان اڳ آزاديءَ کان ڇو محروم ڪيو وڃي ٿو؟ وري به چوان ٿو ته هيءَ سوال به منهنجو ناهي، سپريم ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم جو آهي.
ستون سوال نيب جي شروعاتي ڀرتين ۽ ان ۾ دير سان لاڳاپيل آهي. گرفتاري ته اها جلدي ڪندي آهي، ان کان پوءِ سست ٿي وڃي ٿي. نيب جي ڪيسن ۾ ايتري دير ڇو؟ اهو سوال اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد خان ۽ جسٽس مشير عالم جو آهي.
اٺون سوال اهو آهي ته ڪن ڪيسن ۾ نيب تمام گهڻي سرگرم نظر اچي ٿي ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ان کي ڪا به پرواهه ناهي، ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ اهو سوال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو آهي.
نائين سوال جو تعلق پلي بارگين سان آهي. نيب مشتاق رئيساڻي کان 650 ملين روڪ ۽ 3 ڪلو کان وڌيڪ سون هٿ ڪيو، پوءِ هن کان پلي بارگين به ڪئي وئي.
ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته سڳ سوڌو جيڪا رقم پڪڙي وئي هجي، ان تي به پلي بارگين ڪئي وڃي؟ ان جي ته نيب جو قانون به اجازت نٿو ڏئي ته پوءِ نيب اها پلي بارگين ڪيئن ڪئي؟ اهو سوال به سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو آهي.
ڏهون سوال اهو آهي ته نيب هن ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي يا خوف کي هٿي ڏيڻ ۾؟
ڇا ان ڪري شفافيت پکڙي وئي يا ان جي خوف کان سرمايو ملڪ مان ٻاهر هليو ويو؟ ڇا اهو خوف فقط سرمائيدارن ۾ آهي يا بيوروڪريسي به ان خوف جو شڪار آهي؟
ڪٿي ملڪي معيشت جي تباهيءَ ۾ ان خوف به بنيادي ڪردار نه ادا ناهي ڪيو، جيڪو احتساب جي نالي تي پکيڙيو ويو؟
واپارين ۽ سرمائيدارن کي ڇڏي ڪهڙو سبب آهي جو بيورو ڪريسيءَ به هٿ کڻي ڇڏيا؟
وزيراعظم کي بيوروڪريسيءَ کي يقين ڏيارڻو پيو ته هو نيب کان نه ڊڄن ۽ کين تحفظ ڏنو ويندو ۽ پوءِ قانون سازي به ڪرڻي پئي. ڇا ان عام خوف جو واسطو شفافيت سان آهي يا اهو پاڻ ڪرپشن جو هڪ روپ آهي؟
سِر کان پيرن تائين سوال ئي سوال آهن.
**
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان