
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن دوست کان فينن جو ڪتاب Wretched Earth جو سنڌي ترجمو پڙهڻ لاءِ کڻي آيس، جيڪو عبدالواحد آريسر صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. مٽيءَ هاڻا ماڻهو ڪتاب جو ليکڪ فرانز فينن 1925ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1961ع ۾ وفات ڪري ويو. فينن هڪ ئي وقت الجيريا ۽ فرانس جي شهريت رکندڙ هو. بنيادي طور هو نفسيات دان هو، تنهنڪري هُن جيڪو ڪم ڪيو اهو غير معمولي ڪم آهي. هن غلاميءَ هيٺ گهاريندڙ مظلوم ۽ مفتوح قومن جي فردن جي نفسيات معلوم ڪئي ۽ ان جا سبب ڄاڻايا. فينن جو هيءَ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ٿئي ٿي ته سندس نظرياتي لائين مارڪسي هُئي، هُن جي لکڻيءَ مٿان مارڪس ۽ لينن جي لکڻين جو گهرو اثر هو. عبدالوحد آريسر صاحب سٺي ترجمي ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي، ڪتاب 314 صفحن ۽ اٺن حصن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مُهاڳ زان پال سارتر لکيو ۽ ڇا ته ڪمال مهاڳ لکيو آهي. سارتر يورپ مرڪزيت واري خيال ۽ برطانيه پاران لڳ ڀڳ پوري دنيا کي پنهنجي ڪالوني بڻائي ۽ اتان ڪچو مال پنهنجي ڏيهه موڪلڻ وارن ڪرتوتن کي نروار ڪيو آهي. جهڙو ڪتاب فينن لکيو آهي، سارتر پنهنجي مهاڳ ذريعي ان سان نڀاءُ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي.
نيو لبرل سرمائيداراڻي سامراجي نظام انسانيت جو ڪوس گهر آهي پر ڪجهه لبرل عورتون ۽ مرد ان کي آفاقي نظام ۽ تاريخ جو آخري نظام ڪري پيش ڪندا آهن. لبرل سرمائيداراڻي سامراجي نظام اندر انسانيت جا ڀاشڻ ڏيندي چون ٿا ته اهو ئي نظام آهي جنهن اوهان کي انساني مطلب شخصي آزادي ڏني آهي.
هڪ ڦورو قوم يا فاتح قوم کي مفتوح قوم جا فردَ ڪهڙي نظرين سان ڏسندا آهن ۽ کين ڏسندي دل ۽ دماغ اندر ڪهڙا خيال اڀرندا آهن ۽ هُن جي دل اندر حسد ۽ حرص ڪيئن پيندا ٿيندو آهي، انهن سڀني شين کي ڄاڻائيندي فينن لکي ٿو ته:
“مقامي شهر هڪ پٺتي پيل ڳوٺ هوندو آهي، مقامي ماڻهو، ڌارئي ڦوروءَ جي شهر کي حرص ۽ حسد جي نظر سان ڏسندا آهن. انهن جي نگاهن ۾ سندن ملڪيت جا صدين جا بي چين خواب هوندا آهن. هر قسم جا خواب، ڌارئي لٽيري جي بستري تي سمهڻ جا خواب، ڌارئي ڦوروءَ جي ميز تي ويهي ماني کائڻ جا خواب ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته ان جي ڌوتل پوتل اڇيءَ اجريءَ زال سان گڏ سمهڻ جا اڻ آسودا خواب! مقامي ماڻهو ڏاڍو حاسد ٿيندو آهي ۽ ڌاريو ڦورو ان حقيقت کي چڱيءَ ريت سمجهندو آهي.
گهڻو ڪري سامراجي دانشور ۽ فلسفي بيٺڪيت کي فلسفياڻا ۽ ادبي بنياد فراهم ڪندي ائين چوندا آهن ته ٻيلي اسان انسان ڪونه هئاسين ۽ اسان وٽ ترقيءَ کان ويندي اخلاقي معيار ان نوعيت جا نه هُئا جو اسين يورپ جهڙو سماج اڏي سگهون ها. تنهنڪري انگريزن اچي ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن کي انسان بڻايو. اهڙن خيالن جي نشاندهي ڪندي فينن لکي ٿو ته “رڳو اهو ڪافي ناهي ته مقامي رهڻي ڪهڻيءَ بابت اهو چيو وڃي ته انهيءَ ۾ گڻن جي ڪمي آهي. ڌارئي ڦوروءَ لاءِ اهو به ڪافي ناهي جو هو ٻڌائي ته گُڻ بيٺڪي دنيا مان غائب ٿي ويا آهن يا اهو ته هن دنيا ۾ انهن جو ڪڏهن وجود ئي نه هو. پر مقامي ماڻهن جي باري ۾ اهو اعلان ٿيندو آهي ته اهي اخلاقي گڻن کان ڪورا آهن. نه فقط اهي بداخلاقيءَ جي نمائندگي ڪن ٿا بلڪه اهي خود پنهنجيءَ ذات ۾ اخلاقي گُڻن جو انڪار آهن.
ڳالهه کي اڃا اڳتي وڌائيندي فينن لکي ٿو ته: بيٺڪي قومن جون رسمون، رواج سندن ريتون روايتون ۽ سندن قصا ۽ داستان سندن روحاني سچائيءَ ۽ آئيني زوال جا نشان هوندا آهن.”
هر دور ۾ سماج اندر مختلف انساني قدر ملندا پئي رهيا آهن. اسان جڏهن تاريخ تي سرسري نظر وجهون ٿا ته اسان کي گهڻو ڪري اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انسان دوستيءَ جو پهريون راڳ آلاپيندڙ مٿيون ڦورو طبقو ۽ استحصالي قوتن جو ساٿ ڏيندڙ حڪمران طبقو ئي ملي ٿو. تڏهن اسان جي ذهنن اندر سوال اڀري ٿو ته انسان دوستي ۽ انساني حقن جي حام هڻندڙ فقط مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ ڇو رهندا آيا آهن؟ منهنجي چوڻ جو مقصد اهو قطعي ناهي ته حقيقي انسان دوست سماج اندر موجود ناهن يا ترقي پسند (ڪميونسٽ) ڌُر وٽ انسانيت دوستيءَ تي ٻڌل ڪوئي فريم ورڪ ناهي. دراصل ڪميونسٽن وٽ ئي بهتر انسان دوستيءَ جو جامع ۽ سٺو موقف موجود آهي. پر اوهان سرمائيداري نظام اندر استحصالي قوتن کي غور سان ٻڌو، پڙهو ۽ سمجهو، خاص ڪري جڏهن انسانيت جو درس ڏيڻ يا ڪنهن کان ڏيارڻ لڳن ته ان وقت خاموش ۽ سنجيده ٿي رهي ڪري کين ٻُڌو، سمجهو ۽ پرکيو. ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ کانپوءِ سوچيو ته هو ڪير آهن ۽ ڪهڙي انسانيت جي ڳالهه ڪن پيا؟ ڇا اهي ساڳيا طبقا ته ناهن جن انسانيت جي نالي ۾ ننڍي کنڊ کي غلام بڻائي لُٽمار ڪئي. هيءَ ته ساڳيو ڪم آهي جيئن ڪوئي ماڻهو نئون قتل ڪري اچي انسانيت جي بچاءُ جي ڳالهه ڪري. پوءِ اوهان اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪيئن ٿا ڀانيو؟ آمريڪا جڏهن دنيا ۾ انسانيت جي بچاءُ جي ڳالهه ڪندو آهي ته هڪ ئي وقت مون کي انتهائي پيٽَ ۾ وَڪڙَ وجهندڙ کِلَ ۽ اکين ۾ رت آڻيندڙ ڪاوڙ اچي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي تاريخ جي هڪ ننڍڙي شاگرد جي حيثيت ۾ اها ڀلي ڀت خبر آهي ته هي ساڳيو آمريڪا آهي جنهن پندرهن (15) ڪروڙ اصلوڪن آمريڪي ماڻهن يعني ريڊ انڊينز جو قتل عام ڪيو. هي اهو ئي سامراجي لوفر آمريڪا آهي جنهن افغانستان اندر جمهوريت جي آڙ ۾ افغانستان کي تاريخ جي اونداهي غار ۾ اڇلي ڇڏيو، نه فقط کيس معاشي ۽ سياسي طور غلام بڻائي رکيو پر کيس سماجي طور پٿر واري دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. تنهنڪري انسانيت جي پرچار ۽ انسانيت تي ڳالهائڻ کان پهرين اهو ضرور سوچڻ کپي ته ڪهڙي انسانيت جي ڳالهه پئي هلي ۽ ڪير پيو ڪري. باقي رهي ڳالهه لبرلن جي ته اهي جنهن انسانيت جي ڳالهه ڪن ٿا اها پڻ ساڳي آمريڪي ۽ لبرل سرمائيداراڻي سامراجي طِرزِ انسانيت آهي. هنن يارن مطابق انسانَ فقط سِولِ سوسائٽي وارا آهن. هنن جي ڪرتوتن کي مارڪس سمجهي ويو هيو تڏهن ته هُن چيو؛
The standpoint of old materialism was civil society but the standpoint of new materialism is human society.
فرانز فينن نئين بيٺڪيت جي موضوع تي شاندار نموني لکيو آهي، برطانيه ڪِن جڳهن تي سڌو سنئون حملا ڪري کين پنهنجي قبضي هيٺ آندو ته ڪِن جڳهن تي هُن واپار جو ذريعو اختيار ڪري ملڪن کي پنهنجي تسلط هيٺ رکيو. پر جڏهن برطانيه جو تسلط ختم ٿيو ۽ ملڪن کي آزادي (نالي ماتر قومي آزادي) ملي ته پوسٽ ڪالونيل ليکڪن مبارڪن جا سلسلا شروع ڪري ڏنا ته خدا پنهنجو ڪرم ڪيو جو اسان برطانيه جي ظلمن کان نجات حاصل ڪئي، پر اُهي مارڪسسٽ دانشور ئي هئا جن انهن جي جاهلاڻي موقف کي رد ڪندي چيو ته برابر اوهين برطانوي ظلمن ۽ غلاميءَ کان نجات حاصل ڪئي هوندي پر ان جي وڃڻ کان پوءِ اوهين آمريڪي سامراج جا غلام بڻجي ويا آهيو. هاڻي واري بيٺڪيت ساڳي قسم جي نه رهي آهي پر هاڻي هو اتان ويهي اوهان جي ملڪن جي معاشي ۽ سياسي پاليسن کي ڪنٽرول ڪندا، ان سڄي موقف کي مارڪسي پوسٽ ڪالونيئل ٿيوري يا نيو ڪالونيلزم سڏيو ويو.
نئين بيٺڪيت Neo colonialism اندر قومي بورجوا، مقامي دانشور ۽ مقامي واپاري جي نفسيات متعلق ۽ انهن جي عملن کي بيان ڪندي فينن هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:
“جيسيتائين بيٺڪن جو واسطو آهي، ته اتي اقتصادي حالتون غيرملڪي بورجوا (سرمائيدار) جون پيدا ڪيل هونديون آهن. سامراج جي لتاڙيل شهرن ۾ قابض ملڪ جو بورجوازي، پنهنجي ايجنٽن جي روپ ۾ نظر ايندو آهي. آزاديءَ کان اڳ بيٺڪن ۾ مغربي بورجوازي جو عمل دخل هوندو آهي، جيڪو قابض ملڪ جي بورجوا جي ئي هڪ ٽاري هوندي آهي. قومي بورجوا، پنهنجو حق پنهنجي قوت ۽ پنهنجي سگهه، قابض ملڪ جي بورجوا کان گهر ڪندو آهي. آزاديءَ کان اڳ واري ڇڪتاڻ واري دور ۾ مقامي ماڻهو، دانشور ۽ واپاري، جيڪي ٻاهران آيل بورجوا جي وچ ۾ رهندا آهن، سي پاڻ کي ڌارئي بورجوا وانگر ظاهر ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا آهن. مقامي دانشورن ۽ واپارين ۾ ٻاهران آيل ڌارئي بورجوا سان هڪجهڙائيءَ اختيار ڪرڻ جي هڪ دائمي خواهش موجود هوندي آهي”.
اُنهن اديبن ۽ شاعرن تي افسوس ٿيندو آهي جيڪي پاڻ ته جدوجهد جي ميدان ۾ ناهن هوندا پر جيڪي ٻه ٽي ماڻهو انقلابي عمل ۾ هوندا آهن انهن کي مٿان به ڇسي قسم جي تنقيد ڪري کين مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هتي ڪيترائي ماڻهو سوشلسٽن ۽ ڪميونسٽن تي ويٺا تنقيد ڪندا آهن ۽ سندن ڪرت ۾ ڀاڳي ڀائيوار وري واه واه ڪندا آهن. تنقيد ڪرڻ وارن جي جڏهن سياسي ساکَ ڏسندا آهيون ته عجيب حقيقت سامهون ايندي آهي. اهي تنقيدنگار، اديب، شاعر ۽ دانشور سياسي ۽ نظرياتي طور زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سياسي تنظيم سان جُڙت ۾ آيل ئي ناهن هوندا. علم، عمل کان سواءِ ائين آهي جو گهر اندر ڪار بيٺي هُجي ۽ ڪار هلائڻ نه اچي، ڪار هلائڻ لاءِ ڪار سکڻي پوندي ۽ سکڻ لاءِ ڪار ۾ ويهڻو پوندو. تنهنڪري سياسي ڌرين تي تنقيد ڪرڻ کان پوءِ اهو فرض ٿئي ٿو ته اوهين بهتر سياست ڪري ڏيکاريو يا سياسي تنظيمن جي ادارن اندر اچي بهتر سياسي حڪمت عمليون ڏسيو. اهڙي عجيب مخلوق لاءِ فينن چند ڪمال سٽيون لکيون آهن:
“آفريڪي انقلاب ۾ ڀاڳي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ ڪو انقلابي گيت لکڻ ئي ڪافي ناهي، توهان کي عوام سان گڏجي انقلاب کي هڪ شڪل ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن توهان عوام سان ملي انقلاب کي ڪا شڪل ڏيندئو ته گيت پاڻهي پيا سرجندا.”
هيءَ انتهائي شاندار ڪتاب آهي، سخاص ڪري کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي قوم ۽ مظلوم محڪوم قومن جي نفسيات کي بهتر نموني پرکي سگهن ۽ پنهنجن خير خواهه دانشورن سان گڏ سرمائيدارن جي مراعت يافته اديبن کي به سڄاڻي سگهن.