ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اسٽيبلشمينٽ ڪيتري نيوٽرل آهي؟

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ڪجهه سال اڳ جيڪي ڪجهه نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ٿيو هو، اهڙو ئي منظر هن وقت عمران خان نيازيءَ سان ورجائجي رهيو آهي. عمران خان نيازيءَ کي لڳو ته هو “ڪمپني بهادر” جي اکين جو تارو آهي، تنهنڪري هو جيڪي ڪجهه به سوچي رهيو آهي، اهو جيئن جو تئين عملي طور به ٿيندو رهندو ۽ ايندڙ وقت ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سياسي ميدان مان سدائين لاءِ ٻاهر ٿي وينديون. پر هو اها ڳالهه وساري ويٺو ته اسٽيبلشمينٽ ڪيترو به پاڻ کي نيوٽرل چوي پر اها ڪڏهن نيوٽرل ناهي ٿيندي. جنهن ڏينهن کان عمران خان نيازي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌيون، ان ڏينهن کان پي ٽي آءِ تي ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا. نتيجي ۾ نه رڳو ان کي حڪومت وڃائڻي پئي پر نواز ليگ اقتدار ۾ اچي وئي ۽ عمران خان نيازيءَ به حيران رهجي ويو ته ائين به ٿي سگهي ٿو، جيڪو هر تقرير ۾ چوندو هو ته ملڪ ۾هن جو متبادل ڪوبه ناهي ۽ هو ئي دنيا لاءِ هڪ برانڊ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. تنهنڪري ڏهن سالن تائين ته هو حڪومت مان ڪيڏانهن ڪونه ويندو پر سندس فاشسٽ سوچ کيس سياست جي سوڙهي گهٽيءَ ۾ اچي بيهاري ڇڏيو آهي.
ملڪ جي سياست ۾ تجربن جو سلسلو ڪيترن ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي تباهيءَ جي ذميوار اها اسٽيبلشمينٽ آهي جيڪا اڃا به تجربا ڪرڻ کان مڙي نٿي. اها طئي ڪندي آهي ته عوام لاءِ متبادل پارٽي يا اڳواڻ ڪهڙو آهي؟ اها طئي ڪندي آهي ته تبديليءَ جي صورت ڪهڙي هوندي، اها طئي ڪندي آهي ته ايندڙ ڀيري ڪهڙي سياسي پارٽيءَ جي حڪومت هوندي آهي ۽ اها طئي ڪندي آهي ته ملڪي معاملا ڪهڙي ريت هلائڻا آهن. ان ڪري سڀ سياسي پارٽيون وقفي وقفي سان استعمال ٿينديون رهنديون آهن. نتيجي ۾ نه رڳو سياسي استحڪام پيدا ناهي ٿيو پر سياسي پارٽيون ڪمزور ترين حالت ۾ هليون ويون آهن. هن وقت پي ٽي آءِ کان اسٽيبلشمينٽ جو پري هجڻ ان ڳالهه جو اهڃاڻ ڪونهي ته اها واقعي به غير سياسي ٿي چڪي آهي يا ان جو ملڪي سياست ۾ ڪو حصو پتي ڪونه رهيو آهي پر ان جي ترجيح تي هن وقت پي ٽي آءِ ڪانه رهي آهي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ جي ان گيم پلان جو پورائو نه ڪري سگهي، جنهن جو اسڪرپٽ اسٽيبلشمينٽ پاڻ لکي عمران خان نيازي حوالي ڪيو هو. اهڙي ريت نئين سياسي گيم پلان جي ضرورت پئجي وئي.
اقتدار مان ڌار ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ فوج خلاف جيڪا مهم هلائي، ان کي سندس ڪارڪن ۽ اڳواڻ صحيح سمجهن ٿا، ايستائين جو شيخ رشيد به اسٽيبلمشينٽ بدران پنهنجو پاڻ کي عمران خان نيازيءَ تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيڪو جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 جو چوڪيدار رهيو آهي. جيڪڏهن واقعي به هو ان حد تائين وڃي سگهي ٿو ته پوءِ شايد هو به اسٽيبلشمينٽ جي سٺن ٻارن واري لسٽ به نڪري ويو هجي. عمران خان نيازيءَ کي ان ڳالهه تي وڌيڪ ڪاوڙ آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پاڻ کي نيوٽرل ڇو چئي رهي آهي. اها هن صورتحال ۾ هن جي پاسي ڇو بيٺل ناهي. اها هيڏي بحران دوران انهن ماڻهن جو ساٿ ڏئي رهي آهي، جن لاءِ استيبلشمينٽ پاڻ چوندي رهي آهي ته اهي مها ڪرپٽ آهن ۽ انهن ملڪ کي لٽيو آهي. انهن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي تنهنڪري ملڪ معاشي طور پاڻڀرو ٿي نه پيو سگهي. پر ڪو وقت هو عمران خان نيازي پاڻ چوندو هو ته ايندڙ وقت ۾ ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار نه رهندو ۽ هو ملڪي سياست کي اسٽيبلشمينٽ کان آجو ڪري ڇڏيندو. پر ائين في الحال ممڪن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ڪئين اهڙا معاملا آهن، جن تي سياستدانن جو ڪو وس ڪونه ٿو هلي. اهي معاملا فوجي اسٽيبلشمينٽ جي هٿ وس هوندا آهن. تنهنڪري پاڪستان جي سياست ۾ ايترو جلدي تبديلي اچڻ ممڪن ڪونهي. جڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿيون ته پوءِ سياسي ماحول به تبديل ٿيندو ۽ سياسي طور وڌيڪ بلوغب به ايندي ۽ عمران خان نيازي جهڙا هٿرادو ليڊر به ڪونه تيار ٿي سگهندا، جن جو سياسي ويزن به ڪونهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن عمران نيازيءَ جي گرفتاريءَ جون تياريون پئي ٿيون ته هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته هن جيل وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي هئي. هن پنهنجي ٿيلهي ۾ ڪتاب به رکي ڇڏيا هئا. هو ڪهڙا ڪتاب پڙهندو رهيو آهي. جڏهن ته سندس ڳالهين مان ڪڏهن به اهڙُو تاثر ڪونه مليو آهي ته هو ڪتاب به پڙهندو هوندو يا هن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو پورو ڪتاب به پڙهيو هجي. سياسي تربيت رڳو سياسي پارٽيون ڪونه ڪنديون آهن پر فرد پاڻ به پنهنجي سياسي تربيت ڪندو آهي. هو اها تربيت سياسي ادب وسيلي ماڻيندو آهي. جيڪڏهن ڪو پاڻ کي سياسي چوي ٿو ته ۽ اهو ڪتاب نٿو پڙهي ته هو سياسي معاملن کي ائين ئي سمجهندو جيئن عمران خان نيازي سمجهي ٿو.
هن وقت عمران نيازيءَ کي سڀ کان وڏو رليف عدالتن پاران ملي رهيو آهي. جڏهن ته ماضي ۾ انهن ساڳين سياسي غلطين تي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن کي اهڙُو رليف ڪڏهن ڪونه مليو آهي. هو عدالتن کان شڪايتون به ڪندو رهيو آهي. هو رات جو عدالتون کلڻ جي شڪايت به ڪندو رهيو آهي پر ڪالهه آچر هوندي به هن لاءِ عدالت کولي وئي ۽ کيس ضمانت ڏني وئي. جيڪڏهن ان باري عمران خان نيازيءَ کان سوال ڪيو وڃي ته هو پڪ سان اهو چوندو ته اهو سندس حق آهي. هن ۾ ۽ نواز شريف ۾ فرق آهي.
اسٽيبلشمينٽ لاءِ ايندڙ وقت ۾ چئلينج نيون چونڊون ٿيڻ کان پوءِ نئين سيٽ اپ جو هوندو. جيڪڏهن ان جا معاملا نواز ليگ سان سيٽ ٿي ويا آهن ۽ نواز شريف به اهو طئي ڪري ورتو آهي ته هو ثاقب نثار سان گڏ شامل سازشي ڪردارن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ نواز ليگ لاءِ اڃا به سولايون پيدا ٿي وينديون ۽ اقتدار ماڻڻ هن لاءِ ايترو ڏکيو ڪونه رهندو. عمران خان نيازيءَ لاءِ سڀ کان اهم ڪيس توشه خانه وارو آهي، جنهن بابت اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سندس مستقبل جو فيصلو به ان وسيلي ٿي ويندو. جيڪڏهن کيس سياست کان ٻاهر ڪيو ٿو وڃي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترا ٽڪر ٿيندا، ان جو اندازو عمران نيازيءَ کي به ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button