ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

5 آڪٽوبر

Editorial-Article- Zahida Hina

اهو عجيب اتفاق آهي ته دنيا جڏهن پهرين ائٽمي ڌماڪي جو ڦٽ سهي چڪي هئي ۽ هزارين نه پر لکين انسان ان جو کاڄ ٿي چڪا هئا ته آئون پيدا ٿيس. هوش سنڀاليو ته شايد اخباري ڪيڙو ٿيڻ سبب مون کي خبر پئي ته ائٽمي ڌماڪو انسانيت لاءِ ڪيتري قدر خطرناڪ هو. مون اتي مضمون پڙهيا، ڪتاب نظر مان ڪڍيا. ننڍي ڄمار ۾ بابا سائين مون کي ان موضوع تي ڪئين فلمون ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويندو هو ۽ ان کان پوءِ ته ڪتاب پڙهڻ ۽ فلمون ڏسڻ جي آزادي رهي. موسمياتي تبديليءَ جا معاملا به هاڻ انهن ائٽمي ڌماڪن سان ڳنڍجي ويا آهن. لڳ ڀڳ ويهه سال اڳ هڪ فلم “ڊي آفٽر” ڏٺي، اها فلم ان وقت جي خاتون اول مرحومه ڪلثوم نواز جي مشوري تي ڏٺي هئي ۽ دل جي دنيا ڏري پئي هئي.
هيروشيما ۾ امن پارڪ جي اتر ۾ اهو پٺ تي پيل علائقو آهي، جيڪو “ائٽمي جهڳي” چورائي ٿو. اها جهڳي درياهه اوٽان تائين پکڙيل آهي ۽ هتي تقريبن هڪ هزار خاندان رهن ٿا. جيڪي چار هزار ماڻهن تي ٻڌل آهي. ان جهڳيءَ ۾ ڪيترائي اهي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي ائٽمي حملي سبب متاثر ٿيا. هتي ۽ هيروشيما جي ٻين پٺ تي پيل علائقن مان اڄ به ائٽمي حملي جا اهي بيمار موجود آهن، جيڪي 6 آگسٽ 1945ع کان بستري تي پيل آهن. ائٽمي تابڪاري جو شڪار ٿيندڙ انهن معذورن ۽ مجبورن مان ڪيترائي اهڙا به آهن، جن جو ڪو علاج ڪونهي ٿيو. اهي آهستي آهستي مرن ٿا ۽ پوءِ به جيئرا آهن. انهن ڪڏهن به ائٽامڪ بم اسپتال جي شڪل نه ڏٺي، ان جي چانئٺ پار نه ڪئي ڇو ته اهي غريب هئا، ايترا غريب جو پنهنجو علاج ڪرائڻ جي به اهل ڪونه هئا. اهڙا ماڻهو هيروشيما جي ڪهن کنڊر بستي ۾ ڇپري هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن يا تنگ ۽ ميڙ سان ڀريل گهٽين جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پيا هوندا آهن ۽ چانور مٺ لاءِ گذرندڙن آڏو هٿ ٽنگيندا آهن.
اهي ٻار جيڪي هن سانحي جي مهينن ۽ سالن کان پوءِ ڄاوا هئا، انهن مان گهڻا ڪنهن نه ڪنهن ريت معذور ٿيا، ڪو انڌو آهي، ڪنهن جي ڄمار 40 سال آهي پر ذهني طور ڄمار 40 مهينن کان وڌيڪ ڪانهي. ڪنهن جا پير مڙيل آهن ته ڪنهن جون آڱريون ڦڏيون آهن. اهي ٻار هيرو شيما جا ٻار چورائين ٿا ۽ پاڻ سان ڊاڪٽرن جو تصديق نامو کڻي پيا ڦرندا آهن، جيڪي انهن جي پيدائش کان پوءِ انهن جي مائرن کي ڏنا ويا هئا ۽ جن تي لکيل هو، ائٽمي تابڪاريءَ جا اهي شڪار جيڪي 6 آگسٽ 1946ع تي ماءُ جي ڪک ۾ موجود هئا. اهي تصديق ناما ٻه چار يا ڏهه پنج نه هزارن جي انگ ۾ جاري ڪيا ويا هئا. انهن ۾ هزارين سُڏڪندي سڏڪندي ختم ٿي ويا پر هزارين اڃا به زندگيءَ جي تهمت پوري ڪري رهيا آهن.
انهن ٻنهي شهرن تي جيڪا گذري ان جو هڪ اهڃاڻ ته لاشن جا ڍير، سڙيل بدن، مسمار عمارتون ۽ ڦلهيار ٿيل باغ هئا. ٻئي پاسي اهي نفسياتي اثر آهن، جيڪي ان عظيم سانحي کان بچي ويندڙن تي پيا. انهن متاثرن کي ڪهڙي نالي سان ياد ڪيو ويندو. شايد ان لاءِ “زنده مقتول” جو لفظ مناسب رهندو.
شروعاتي ڏينهن ۾ انهن مان گهڻن ماڻهن کي ان ڳالهه جو احساس يا ڄاڻ نه هوندي هئي ته اهي جاڳي رهيا آهن يا ستا پيا آهن. بدن جي ڪنهن حصي ۾ يا هر حصي ۾ برداشت نه ٿيڻ جوڳو سور ئي انهن کي جيئرو هجڻ يا جاڳائڻ جو يقين ڏياريندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اڌ رات جو به ڏينهن ٿيڻ جو گمان ڪندي ۽ ڪڏهن اڌ رات جو ئي اهي سمجهندا هئا ته ڏينهن اڀري آيو آهي. ان ماڻهن مان ڪن لاءِ جسماني اذيت ايتري قدر ناقابل برداشت ٿي ويندي هئي جو اهي رڙيون ڪري روئندا هئا ڀرسان گذرندڙن کي منٿون ڪندي ليلائيندا هئا ته انهن کي ماريو وڃي، انهن کي زندگي نه گهرجي.
انهن زنده مقتولتن لاءِ ماءُ پيءُ، ڀاءُ، ڀينرن، مڙس، زال، ٻارن، مٽ مائٽن ۽ دوستن جو اک ڇنڀ ۾ ائين ميٽجي وڃڻ ۽ انهن جو به جيڪي پاڻ امير ۽ خوشحال طبقي سان تعلق رکندا هئا، فقير بڻجي وڃڻ، هڪ اهڙو ذهني صدمو هو، جنهن انهن مان ڪيترن ماڻهن کي ذهني طور ڪنهن به ريت متوازن رهڻ ڪونه ڏنو. انهن ماڻهن جي دليون اميد کان خالي ٿي ويون ۽ زندگي مان رشتا ختم ٿي ويا. هاڻ ڪو گهر اهڙو ڪونه هو، جتي اهي وڃي سگهن. هاڻ ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪونه جنهن کي اهي پنهنجو چئي سگهن.
انهن مان گهڻا سڙي ويا هئا، انهن ماڻهن جا چچريل منهن انهن جي سسيل ۽ ڪاري بدن کي ٻيا جڏهن غور سان ڏسندا هئا ته انهن کي صحتمند ماڻهن کان نفرت ٿي ويندي هئي. انهن کي دنيا زهر لڳندي هئي. دنيا وارا قاتل، انهن مان ڪيترن پنهنجو پاڻ کي اسپتال جي ڪمرن يا حڪومت پاران فراهم ڪيل رهائش گاهن ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو. اهي پهرن تائين آرسين آڏو بيٺا هوندا هئا. ۽ انهن ۾ پنهنجي وڃايل صورت ڳوليندا رهندا هئا. انهن جي اکين جي آڏو پنهنجن سونهن سانڍيل چهرن بدران هڪ اهڙو چهرو هوندو هو، جنهن کي اهي خواهشن باوجود ڪنهن طور به سڃاڻي نه سگهندا هئا. سڙيل ڀرون، سڙيل وار، اکيون جا دوڏا ٻاهر نڪتل، چپن جي شبيهه بگڙيل، منهن جي کل ڪٿان کان چهٽل ڪٿان کان لڙڪيل. زنده رهجي ويلن مان ڪن کي ان خيال جيئرو رهڻ تي مجبور ڪيو ته اهي پنهنجي خاندان ۾ جيئرا رهجي ويندڙ اڪيلا ڀاتي آهن ۽ اهي ان جي ذميواري آهي ته اهي ختم ٿي ويندڙ مٽ مائٽ جي نالي تي خوشبوءِ ٻارين ۽ انهن جي ڇوٽڪاري لاءِ دعائون ڪن.
اهي زنده مقتول هر وقت نفسياتي دٻاءُ جو شڪار رهندا هئا ۽ اڄ به رهن ٿا، جو تابڪاريءَ جا ڏور رس اثر خبر ناهي ڪڏهن انهن تي حملو ڪري ڇڏين. اهي پنهنجن ٻارن جي جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ هر وقت پريشان رهن ٿا. طاقت جي نشي ۾ چور ٿي ٻنهي شهرن کي جهڙي ريت ڪٺو ويو، انهن جي لفظن سان تصوير ڪشي نٿي ڪري سگهجي. ان عظيم ڪوس جو اندازو انهن تصويرن مان ڪري سگهجي ٿو، جن مان ڪن ان سانحي جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٻئي ڏينهن، ڪجهه مهينن ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ ڪڍي وئي هئي. ائٽمي حملي جي متاثرن پنهنجي ذهن تي نقش ٿيندڙ موت، انساني بي وسي، سور ۽ اذيت کي جهڙي ريت ڪئنواس تي لاٿو ۽ رنگن ۾ اڀاريو آهي، اهي به ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ واريون شيون آهن. ان سانحي کان پوءِ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو ائٽمي هٿيار ٺاهيا ئي نه وڃن ها پر ان بدران وڌيڪ بهتر ۽ وڌيڪ اثرائتا بم تيار ڪيا ويا. سڀني وڏين طاقتن جي وچ ۾ ائٽمي هيٿارن جي تياريءَ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي ۽ ان جي حق ۾ دليل اهو ڏنو ويو ته عالمي امن برقرار رکڻ لاءِ ائٽمي هيٿار بنهه گهڻا ضروري آهن ۽ اهو به ته وڏ کان وڌ ائٽمي هٿيار امن جي ضمانت ۽ علامت آهن. اڄ دنيا جا ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن، جن ۾ جنگي جنون ۽ ائٽمي قوت ٿيڻ جي خواهش کي هوا ڏني ويندي آهي. انهن ملڪن جي انگ اگهاڙي ۽ بکايل عوام کي عظيم طاقت جا سنهري خواب ڏيکاريا ويندا آهن ته اهي ائٽمي هٿيارن جي تياريءَ لاءِ مٺ جيترن چانور ۽ پنهنجي هٿ ۾ مانيءَ مان به هٿ کڻي وڃن ڇاڪاڻ ته پنهنجي دشمن کان ان وقت تائين محفوظ رهي سگهندا، جيستائين اهي ائٽمي طاقت هوندا. ان عذاب تي مون هڪ ڪهاڻي “تنهائي ڪي مڪان ۾” لکي هئي پر اها هاڻ ملي ڪانه پئي. ايندڙ ڪنهن محفل ۾ان جو ذڪر پيش ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button